بلوچستان هن رياست جو هڪ اهڙو صوبو آهي جنهن ۾ سياست ۽ بندوق ٻئي گڏوگڏ هلندي نظر ايندا آهن، پر اڪثر حالتن ۾ بندوق جي طاقت هميشه سياست تي وڌيڪ ڀاري ٿيندي نظر آئي آهي. بلوچستان جي سياست کي پاڻ ٻن ڌارائن ۾ ورهائي ۽ پوءِ ان کي ڪجهھ نه ڪجھه سمجھي سگھون ٿا. هڪ ڌارا جنهن کي ملڪي سياست جي ڌارا چئجي ٿو. بلوچستان ۾ تقريبن سياسي جماعتون جيڪي ملڪي سطح تي سياست ڪن ٿيون، انهن جو سياسي اثر يعني پارٽين جو وجود موجود آهي. انهن ۾ مذهبي ۽ لبرل جماعتون شامل آهن پر بلوچستان جي ملڪي سياست جو گھرو اثر رولنگ ڪلاس جي سرداري گروهه ۾ گھڻو رهيو آهي. مذهبي جماعتن جو اثر مذهبي نظريو رکندڙ فردن جن ۾ مولوي، مدرسه ۽ اهي عام ماڻهو جيڪي مذهبي سياست کي ئي بهتر ۽ صحيح سمجھن ٿا. انهن جو لاڙو مختلف مذهبي جماعتن ڏانهن آهي.
بلوچستان جي سياست جي ٻي ڌارا بلوچ قوم پرستي جي ڌارا آهي، جيڪي بلوچستان جا سياسي سماجي ۽ معاشي حق هر وقت گھرندا رهيا آهن. ان قوم پرست جماعتن ۾ قوم پرستن جي هڪ ڌارا سردارن جي گروهه سان تعلق رکي ٿي ته ٻي ڌارا مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ آهي. بلوچستان جي سياسي ڇڪتاڻ ۾ هر وقت تضاد ۽ ٽڪراءُ رهندا آيا آهن. بلوچستان جو قوم پرست جن جي پهرين قيادت سردار نواب شير محمد مري ڪئي ۽ انهيءَ سان گڏ ڪجھه اختلاف رکڻ جي باوجود سردار عطاءُ الله مينگل به قوم پرستي ڌارا ۾ رهيو پر ڪڏهن به انهن جي سياسي حڪمتِ عملي صاف ۽ چٽي عدم تشدد جي بنيادي نظريي سان پاڻ کي ناهي ڳنڍيو. بلوچستان جا قوم پرست شروعات کان وٺي پنهنجن قومي حقن جي حاصلات لاءِ هر وقت اها ئي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته مزاحمت جو رستو اختيار ڪجي، ان مزاحمت جي تاريخ جو پس منظر توڙي جو تمام گھڻو پراڻو آهي پر خاص ڪري ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ نيب جي حڪومت کي ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪري، بلوچ قوم پرست اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن تي غداريءَ جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڪيترائي مزاحمتي گروهه جبلن تي چڙهي ويا ۽ اهو سلسلو ضياءُالحق جي مارشل لا تائين جاري رهيو.
ضياءُالحق جنهن ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي هئي، تنهن بلوچستان جو پورو گناهه ذوالفقار ڀٽي جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيو. بلوچ مزاحمت ڪندڙن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ گرفتار اڳواڻ آزاد ٿيا. انهيءَ دور ۾ نواب شير محمد مري جلاوطني اختيار ڪري افغانستان هليو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ هو يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهيو. گھڻي عرصي کان پوءِ واپس وريو. سردار عطا الله مينگل گھڻو عرصو ته پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهيو پر ڀٽي دورِ حڪومت ۾ سندس پٽ جو قتل ( جنهن کي گم ڪري ماريو ويو ۽ انهيءَ جو لاش به وارثن کي نه ڏنو ويو ) ضياءَ مارشل لا جي دور ۾ بلوچ قوم پرست خاموش رهيا، ڪا وڏي مزاحمت نه ٿي. ضياءَ جي غير جماعتي اليڪشن ۾ سڀئي قوم پرست ڌريون اليڪشن ۾ بيٺيون. هڪ ٻئي سان رنجشن ۽ اختلافن جي باوجود ڪو وڏو ٽڪراءُ بلوچستان ۾ نظر نه آيو پر بلوچ قوم پرستيءَ جي مزاحمتي سوچ هر وقت دکندي رهي. انهيءَ ۾ شدت انهيءَ وقت آئي جڏهن مشرف مارشل لائي دور ۾ نواز اڪبر بگٽيءَ جو قتل ٿيو. هيءَ به تاريخ جو دردناڪ سچ آهي ته ان وقت جڏهن نواب اڪبر بگٽي سوئي سانحي کان پوءِ ڪوهلو جي جبل ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ مزاحمت جو اعلان ڪيو، تڏهن مشرف جا وڏا اتحادي چوڌري برادران وچ ۾ آيا ۽ هو ڳالهين ڪرڻ لاءِ اڪبر بگٽي وٽ پهتا. ڳالهيون هلنديون رهيون، بقول چوڌري صاحبن جي ته اسان ٺاهه جي ويجھو پهچي چڪا هياسين ته جنرل مشرف ڏورا کنجي فوجي آپريشن جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ اهوئي ٿيو بگٽي جي قتل کان پوءِ پورو بلوچستان باهه جو شعلو بڻجي ويو. ملڪ جي سڀني سياسي جماعتن خاص ڪري اهي جماعتون جيڪي مشرف جي اقتداري لالي پاپ کان پري هيون، انهن شديد مذمت ڪئي ۽ بلوچستان جي سياسي قوم پرست مزاحمتي ڌارا ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي ۽ پوءِ ڪيترائي هٿيار بند گروهه وڌڻ لڳا. پاڻ ان وڌيڪ ورجاءُ ۾ نٿا وڃون پر اسان جي اڳيان بلوچستان ۾ اها صورتحال صاف نظر ايندي رهي ته بلوچستان ۾ ٻين صوبن جي رهواسين جن ۾ خاص ڪري پنجاب جي رهواسين کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪيو ويو ۽ انهن شهر خالي ڪرڻ شروع ڪيا، جوابي طور تي سيڪيورٽي فورسز به اهائي ڪارروائي ڪئي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿيو سو، هن وقت تائين جاري رهندو پيو اچي. ڪيترائي بلوچ مزاحمتي گروپ وجود ۾ اچي چڪا آهن جيڪي هٿيار بند ڪارروايون ڪن ٿا ۽ اهي هٿياربند ڪارروايون وڌندي هاڻي صاف چٽي دهشتگردي واري راهه اختيار ڪري چڪا آهن.
نوشڪيءَ جي آپريشن ۾ آءِ ايس پي آر مطابق نو دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ ڇھه جوان شهيد ٿيا آهن جن ۾ هڪ ميجر رينڪ جو جوان شامل آهي. ويجھي عرصي کان دهشتگرد ڪاررواين ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو آهي ۽ نه رڳو اضافو ٿيو آهي پر سڌو سنئون مختلف هٿيار بند گروهه ڪاررواين جي ذميواري به قبول ڪن ٿا. يقينن دهشتگرديءَ جون ڪارروايون انهيءَ مقصد لاءِ ڪيون وينديون آهن ته انهن جي ذميواري قبول ڪري پنهنجو ڏهڪاءُ وڌائجي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هاڻي بلوچستان ۾ جيڪي به دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن، انهن ۾ هندستان سڌي طرح ملوث آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ افغانستان جي زمين به دهشتگرد استعمال ڪن ٿا پر هن اهو به واضح ڪيو آهي ته ان پوري معاملي ۾ طالبان جي مرضي شامل ناهي. يعني بلوچستان ۾ طالبان حڪومت جي شايد ايتري گرفت ناهي جو هو اهو سڀ ڪجھه ڪري سگھن، جنهن جي اڳ پاڪستان حڪومت کي خاطري ڪرائي وئي هئي ته پاڪستان جي خلاف هو افغانستان جي زمين ڪنهن به دهشتگرد گروهه کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا. ڏسجي ته اڳتي ڇا پيو ٿئي پر اسان جو گهرو وزير واضح نموني ميڊيا آڏو اعتراف ڪري چڪو آهي ته ان پوري دهشتگرديءَ جي پويان ٽي ٽي پي ملوث آهي. بقول شيخ رشيد جي ته بي اين پي ۾ ايتري سگھه ئي ناهي ۽ نه ان جا ويڙهاڪ ايترا طاقتور آهن. سندس خيال ۾ هي تمام منظم ڪارروايون ٽي ٽي پيءَ جي اتحاد سان ٿي رهيون آهن. حڪومت جا ذريعا يقينن وڌيڪ آهن پر ان ٽي ٽي پيءَ جي لاءِ اسان جي وفاقي سرڪار جيڪو نرم گوشو رکيو پئي، انهيءَ جي اسان سڀني کي خبر آهي پر بنيادي سوال هي آهي ته بلوچستان جي بحران يا تضادن جو سياسي حل حڪومت وٽ ڪهڙو آهي؟ انهي لاءِ هن وقت تائين سرڪار ڪو به پنهنجو واضح نقطه نظر ناهي ڏنو ۽ نه وري سرڪار کان ٻاهر تمام اپوزيشن جماعتن جو نقطه نظر سياسي بنيادن تي واضح ۽ چٽو آهي.
سڀني سياسي جماعتن جو رويو فقط ان حد تائين نظر پيو اچي ته دهشتگرد واقعن جي مخالفت ۽ مذمت ڪن ٿيون. ٽارگيٽ ڪلنگ جي به مذمت ڪن ٿيون ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ مسنگ پرسن جي به اصولن مذمت ڪئي ٿي وڃي پر هن وقت تائين سڀني سياسي جماعتن سنجيدگيءَ سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڪري ڊائيلاگ ناهي ڪيو. بلوچستان جي مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرڻ جي ڪنهن به جماعت اڳڀرائي ناهي ڪئي. انهيءَ ۾ ڊيموڪريٽ، لبرل جماعتون هجن يا مذهبي جماعتون، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پارٽيون پنهنجي مخصوص دائرن کان ٻاهر نڪري بلوچستان جي امن ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ دهشتگرديءَ جي مذمت ۽ مخالفت لاءِ گڏجي آل پارٽي ڪانفرنس ڪن. هي به سوال اسان جي اڳيان بار بار اڀري ٿو ته بلوچستان ۾ اهي قوم پرست جيڪي وفاقي سياست ڪن ٿا، انهن به ان سلسلي ۾ ڪا پهل ناهي ڪئي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته وقت گذري وڃي ۽ بلوچستان جو زخم گھرو ٿي هڪ اهڙو ناسور بڻجي وڃي، جيڪو ڪيتريون ئي زندگيون برباد ڪري وڃي ۽ پوءِ علاج انتهائي ڏکيو ٿي وڃي. پاڻ جيڪڏهن ڪنهن به سياسي جماعت کان بلوچستان جي سياسي حل لاءِ سوال ڪنداسين ته جواب ۾ هو اهوئي چوندا ته ها سياسي حل موجود آهي پر عمل ڏاڍو ڏکيو آهي پر سڀئي سياسي جماعتون پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌن ته صورتحال تي هاڻي به ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو. ڇو ته سياسي حل ڪجھه ڏکيو ته ٿي سگھي ٿو پر ناممڪن هرگز ناهي.