ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

کاهوڙين اُهڃاڻ

Editorial-Article- Irshad Leghari

پنهنجو ديس اڄڪلھه اتهاس جي انتهائي ڪڙي ۽ ڪساري دور مان گذري رهيو آهي. هڪ رٿيل سازش هيٺ روزاني ڌارين جون لوڌون سنڌ ۾ آڻي رهايون پيون وڃن، بُک آهي سا هڪ ديوَ جيان آدم بُو آدم بُو ڪندي نسلن جا نسل ڳيهي رهي آهي، وبائي بيمارين جي واويلا متل آهي ۽ پري پري تائين ڪوبه اڃا تائين آجپي جو آسرو ڪينهي، جو هتي سڀ جا سڀ ڪُٽي کائو ويڪائو مسند نشين آهن. ايئن به ناهي جو ان کان اول پاڻ اهڙي غلامي ۽ محڪومي جي ڪَڙاڻ واري ڪاڙهي مان ناهيون گذريا پر اڄڪلھا ڪجھه گهڻو ئي هر لمحي ان پيڙاهه گذر ٿي رهيو آهي. ۽ اهو سوال لڳاتار لُوءِ جيان لُوساٽڻ لڳو آهي ته ڇا اڃا به ان کان وڌيڪ پنهنجي هن دُکي ديس کي ڪي ٻيا ڏُک ۽ ڏوجهرا ڏسڻا آهن!؟
ان تناظر ۾ تازو ئي ڪجھه سُور وندن سان سُور پچار جو ٿي ته ڳالھه وڃي اِتي بيٺي ته اڄڪلھه هي جو اسان جي ديس جو بظاھر پاڻ کي سمجهو سمجهندڙ طبقو سڄو ڏينهن ڳالهين جو ڳهير بڻجي ٺلهيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ پنا ڪارا ڪرڻ ۾ پورو آهي، تنهن جو گهڻي ڀاڱي سبب اهو ئي آهي جو اهو طبقو محڪومن ۽ مظلومن جي اصل مزاحمتي تاريخ جي گهربل ادراڪ ۽ عمل کان پاسيرو ٿي ويو آهي. جي نه ته سنڌو سڀيتا جي اوائلي اڏاوت ڪرڻ وارا، جيڪي ڪجھه لکي ۽ ٻڌائي ويا آهن، تنهن تي عمل ٿي پوي ها ته هن وطن ۾ ڪڏهوڪو مهربان موسم ڇائنجي چڪي هجي ها ۽ هرڪو پنهنجي آسيس مان گذرندي، ٻئي لاءِ پڻ آسانيون ئي پيدا ڪندو رهي ها.
دراصل اها ئي تنهن انساني اخلاقيات جي اصل تقاضا آهي، جنهن جي هر روز نئين تشريح واسطي اڄ به سڄي دنيا مٿا ڪُٽ ڪرڻ ۾ ته جُنبيل آهي پر جيڪي اڳيان انقلابي توڙي سُڌارڪ سمجهائي ۽ ٻڌائي ويا، تنهن کان عمل جي حوالي سان سماج جي گهڻائي مڪمل طور ڄڻ ته لاتعلق بڻيل آهي. ها باقي جيڪي حقيقي عمل ڪندڙ آهن، سي ته چَپ به نٿا چورين ۽ چُپ چپات ۾ جڳ جهان لاءِ آسانيون پيدا ڪندا رهن ٿا. اهڙن مان ڪي رستي هلندي ڪو ڪنڊو، ڪو پٿر يا ٻي ڪابه اهڙي شئي ڏسن ٿا جيڪا راهه جي پانڌيئڙن جا پير پٿون ڪري سگهي ٿي ته اهي پنهنجو پنڌ روڪي، اول ان رڪاوٽ کي پاسي تي ڪن ٿا ۽ پوءِ اڳتي وڌن ٿا. ان ڪم ڪرڻ لاءِ اهي چُپائتا ڪا به تصوير ڪونه ٿا ڪڍائين، نه ئي کين پنهنجي شهرت توڙي مڃوتي لاءِ ڪو اسٽيٽس گهربل هوندو آهي. اهي چُپائتا جيڪي ڪجھه به ڪن ٿا، سا ڪِرت سندن سجاڳ روح جي تقاضا موجب فرض عين آهي ۽ ان لاءِ هو ڪنهن تي به ڪو احسان ناهن ڪري رهيا هوندا، بلڪ پنهنجو فرض سمجهي اهو ادا ڪندا ويندا آهن.
سچ به ته اهو عشاقي واري ڪِرت جو هڪ اهڙو ننڍڙو مثال آهي، جنهن کي سماج جي ڀلائي جي ڪنهن به وڏي کان وڏي ڪم سان نسبت ڏيئي سمجهي سگهجي ٿو.
ان جي ڀيٽ ۾ ٻئي پاسي اڄڪلھه اسان جي سماجي صورت ڇاهي؟ سماجي صورت اها آهي جو جيڪڏهن ڪو ڪنهن اڃايل کي پاڻيءَ جو گلاس به پياري ٿو ته ان جي به تشهير چاهيندو آهي. نتيجي ۾ ان چڱائي واري عمل جو روح فوت ٿيو وڃي ۽ چڱائي اڳتي اُسري نٿي سگهي. ڏيکاءَ واري اهڙي عمل جي حوالي سان پاڻ تڏهن به لکيو هو جڏهن ٿر ۾ آيل هڪ ڏڪار واري ورهيه ۾، هڪ ملڪ گير مذهبي تنظيم جي ميڊيائي وفد ۾ شامل ٿي اڃايل ۽ لُوءِ ۾ لُوساٽيل، ٽهڪندڙ ٿر پهتا هئاسين، جتي اها تنظيم اٽي جون ڪجھه ٿيلهيون ورهائڻ لاءِ پهتي هئي. ان دوري دوران سڄا سارا ٽي ڏينهن ڏڪاريل ڏيھه ۾ اٽو ورهائيندڙ شرفا کي پاڻ سڄي جا سڄا ڇيلا کائيندي ۽ پنج سير واري اٽي جي ٿيلهي ڪنهن غريب کي ڏيڻ مهل فوٽو ڪڍائيندي ڏسندا رهياسين ۽ واپسيءَ ۾ تمام گهڻو ملول ٿياسين، پوءِ ڪيترائي ڏينهن آفيس ئي اچڻ نٿي پُڳو. جو سڀ ڪجھه ڄڻ ته بي معنيٰ پئي لڳو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن پاڻ هر احتجاج پنهنجي پاڻ سان ئي ٿي ڪيو ۽ پاڻ ئي فريادي بڻيل هئاسون ۽ پاڻ ئي جوابدار. ۽ پوءِ جيڪا به سزا سمجھه ۾ آئي ٿي، سا پنهنجي پاڻ کي ڏيئي، ڀوڳي، پوءِ وري انهي بيرحم بازار ۾ موٽي ٿي آياسين، جتي ڪابه جنس خالص نٿي ملي ۽ سوين ڪوڙا قسم روز کڄن ٿا. سو بهرحال اهڙي نِماءُ واري ڪِرت کان ڪالھه به بيزار هئاسون ۽ اڄ به آهيون. ۽ راهه هلندي، پنهنجي پراڻي پنڌ جا پُور پچائيندي پنهنجي پاڻ سان ئي هيئن ڳالهائيندا ٿا رهون:
ڏس!! آئون ٻي ڪنهن سان نه، رڳو توسان ئي مخاطب آهيان!! تون جيڪو هڪ هاري جي روپ ۾ به رهي چڪو آهين ۽ تنهنجون ڪيتريون ئي جوڳون پڻ پُڄايل آهن. توکي چڱي ريت خبر آهي ته ڪهڙي پهر ۾ جوڳ جوٽبي آهي ۽ ڪهڙي پهر ۾ کولبي آهي. ڪوڙو ڏاند ڪيئن هوندو آهي ۽ سچو ڪيئن!؟
تون ڄاڻين ٿو ته ريج چڙهي وڃڻ کان پوءِ ٻج ڇٽڻ ڪيئن اجايو ويندو آهي ۽ پوک کي مهل سان پاڻي ڪيئن ڏبو آهي. جهار ڪيئن هڪلبي آهي ۽ لابارو ڪيئن ڪبو آهي. تنهن ڪري توکي ٿو چوان ته پنهنجي آدرشي پوکي جون گهرجون، هن ديس جي طاماعو طبقي کي سمجهھ ۾ نٿيون اچي سگهن، پوءِ هو ڀل کڻي دنيا جي سياسي تاريخ جا ڪيترن ئي ڪتابن جا سَٿا رٽي ڇو نه هلندا هجن.
تنهن ڪري ٿو چوان ته اها ڳالهه تون سمجھه ته اڄ سنڌ جي محڪوميت ۽ بدحالي جي خاتمي لاءِ جيڪي به ڌُريون پنهنجي پنهنجي پَر ۾ پِڙ ۾ لٿل آهن، تن ڌرين مان اڪثريت اجايو پاڻيءَ جي ولوڙ ۾ رُڌل آهي. انهن جي سمجھه سَباڻ کان خالي آهي، تنهن ڪري اهي سندي ذات جي دائري کان اڳتي نڪري ڪجھه ڪرڻ ئي نٿيون چاهين ۽ ٻيو ته انهن کي پُورب واري پنڌ جي سُتي به ته ناهي پيل!!
ها پر تون جيڪو پنهنجي پورهيت وڏڙن جي پورهئي کان واقف آهين، ۽ سندن ور کنجيل اگهاڙن پيرن واري پنڌ جا پُور پڻ نه وساريا اٿئي، سو هاڻ اُٿي!!
اُٿي ۽ ماٺ نگر جي نيري وادي ۾ نڪري انهي خواب جي آبياري ڪر جيڪو خواب دنيا جي سمورن مظلوم ۽ محڪوم قومن/طبقن جو گڏيل خواب آهي.
ها باقي جيڪي چون ٿا ته ان خواب جي لاءِ حالتون سازگار ناهن،
تن کان پُڇ ته اهي سازگار حالتون ڇا هونديون آهن؟ جڏھن پاڻ کان اڳئين نسل ڪاري اونداهي رات ۾ صبح جا گيت ٿي ڳاتا ڇا تڏهن حالتون سازگار هيون!؟ ڪوڙا ۽ ڪوڙڪيون ڦاهيون ۽ ڦٽڪا انهي دور ۾ نه هئا ڇا؟ هينئر اهڙو نئون ڇاهي ڀلا!؟ ڪجهه به ته ناهي. پوءِ به اڳتي ڪو نٿو ڪاهي، اتي جو اتي ئي هڻ وٺ آهي ۽ ان هڻ وٺ جو هڪڙو ئي مقصد ايئن نظرجي ٿو ته:
“سنڌ جي نام ۾ سُک گهرجي”
سو تون جو هڪڙو هاري آهين تو لاءِ سُک وري ڇا جا؟ اچ، کڻ ڪهاڙي ۽ ٻيانو
هل ته هلي ٿا ٻيهر کيڙيون!!
پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي!!
۽ اڪثر ايئن ئي پنهنجي پاڻ سان ئي ڪاهيندي، پُور پچائيندي اڪثر اولھه ۾ سج اُلهي ٿو ۽ سڄو اُڀ لال گلاب ٿيو وڃي.
۽ پوءِ اندر ۾ انهي “مدن – مست” جهڙي مهل جي ڳولا اُڌما ٿي کائي جنهن جو ذڪر اياز ڪڏهن هيئن ڪيو هو ته:
“ڪالھه سارو ڏينهن اروڙ ۾ گذريو. اسان محمد بن قاسم جي تعمير ٿيل مسجد وٽ بيهي، هيٺ تليءَ جي ميدان ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين، جتي راڻي لاڏي عربن سان وڙهندي مُئي هئي. اُن وقت مينهن ڦڙيون وسيون ۽ ڪاريون گهٽائون آسمان ۾ زخمي هاٿين وانگر راڙا ڪندي ڌوڪينديون آيون. منهنجو دوست هڪ پهاڙي ٻُوٽي پٽي آيو ۽ مون کي ڏيکاري چيائين ته “هي سنگهي ڏس”. مون ان کي سنگهيو ته ان مان تکي تکي سهاڳ رات جهڙي سڳنڌ اچي رهي هئي. هن مون کي ٻڌايو ته ان ٻُوٽي کي اروڙ جا رهواسي “مدن – مست” چوندا آهن. “
۽ چون ٿا ته جتي راڻي لاڏيءَ جو رت ڪريو هو اتي پهريون ڀيرو مدن – مست جا ٻوٽا ڦُٽا هئا.
۽ آئون سوچيان ٿو ته ڇا سنڌ وري ڪنهن راڻي لاڏيءَ کي جنمڻ واري آهي!؟ ڇا وري اروڙ جي آسٿان مان اهڙي رڙ گونجڻ واري آهي، جيڪا تاريخ جا سمورا وهنوار سِڌا ڪري، سنڌ جو سُهاڳ موٽائيندڙ مهل ۾ سنڌ جي جواني کي مدن – مست جي سڳنڌ سان سدائين لاءِ واسي ڇڏيندي!!
پاڻ کي پُختو ويساهه آهي ته اهو ڏينهن اوس اچڻو آهي جيڪڏھن پاڻ آجپي واري آدرش جي پيار واري پوکي سان نڀائيندا هلون ايئن جيئن مرشد فرمايو آهي ته:
وَصلُ تنهن وِڃائيو، سيِنڌِ، سُرمي سيِئَن
سا لوُٽيِ ليِلان جيِئَن، مَڻِيو جنهن مِٽُ ڪَيو.
تنهن ڪري ڇڏيو انهن کي جيڪي مڻيي پٺيان آهن ۽ ڳوليو اهي مڻيادار کاهوڙي، جن جون نشانيون مرشد هيئن بيان ڪيون آهن:
کَڻنِ نه ڪيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَليا
ڏوٿِيڙا ڪَنهن ڏُٿ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ
کاهوڙِين اُهڃاڻ، اَنگِ نه سَڄي اَڳڙي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button