ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام لاءِ مصيبتون پيدا ڪرڻ بدران کين رليف ڏيو

Editorial

ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هڪ هفتي ۾ 22 شيون مهانگيون ٿيون آهن. هاڻوڪي هفتي مهانگائي ۾ هڪ ڏهائي 35 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جي گڏيل شرح 19 ڏهائي 53 سيڪڙو ٿي وئي. سڀ کان گھٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 21 ڏهائي 46 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. جاري ڪيل انگن اکرن موجب هڪ هفتي ۾ 22 شيون مهانگيون ٿيون، انهن ۾ ٽماٽو سراسري طور تي 70 رپيا 94 پيسا في ڪلو مهانگو ٿيڻ بعد ان جي سراسري قيمت 149 رپيا 65 پيسا في ڪلو ٿي وئي. جڏهن ته زنده ڪڪڙ سراسري طور تي 19 رپيا 33 پيسا في ڪلو مهانگو ٿي 203 رپيا 39 پيسا في ڪلو ٿي ويو. ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي ۾ ٿوم 17 رپيا 80 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي. جڏهن ته سرنهن جو تيل 9 رپيا 19 پيسا في ڪلو وڌيو. ڳڻپ واري کاتي جو چوڻ آهي ته ايل پي جي جو گھريلو سلينڊر 35 رپيا 87 پيسا، اٽي جي 20 ڪلن وارو ٿيلهو 3 رپيا 32 پيسا مهانگو ٿيو. جڏهن ته کير، ڏهي، مٽن، بيف، مهري دال، چڻن جي دال، ڪيلا ۽ انرجي سيور به مهانگا ٿيا.
ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس. ان باوجود حڪمران معاشي بهتري جون دعوائون ڪندي نه پيا ٿڪجن.
ٻئي طرف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته “پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ اضافو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي رهيو آهي، حڪومت جيڪي موجوده قدم کنيا آهن، اهي معيشت ۽ قرضن جي استحڪام لاءِ مناسب آهن ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.” ظاهر آهي ته جيڪي حڪمران آ ايم ايف جي ايجنڊا تي مڪمل عمل ڪندا ته پو اهو مالياتي اسارو انهن جي قدمن جي واکاڻ نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ مخالف ڌر جي اڳواڻن جو اهو چوڻ بجا آهي ته حڪومت آئي ايم ايف جي حڪم تي تيل اسمن جي قيمتن ۽ بجلي اگهن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. وچولو ۽ مزدور طبقو بل ادا ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي. پگهاردار ماڻهو پنهنجي خاندان جي بجيٽ نٿو بڻائي سگهي. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته 100 ڪارپوريشنز گذريل سال 950 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ڪمايو، ان مان لڳي ٿو ته حڪومت ملٽي نيشنلز ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پورهيت طبقو پوئتي وڃي رهيو آهي. ڪارپوريشنز قانون مطابق بنيادي اجرت ادا ڪرڻ ۾ ناڪام آهن جنوري ۾ ڪنزيومر پرائس اينڊيڪس 13 سيڪڙو تي پهچي ويو. سمورين شين ۽ يوٽيلٽيز جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان آهي. حڪومت ضروري شين جون قيمتون گهٽائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حڪمرانن جي معاشي قدمن خلاف دانهون ٿين پيون پر حڪمران پنهنجين عوام دشمن معاشي پاليسين جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا، اها صورتحال اڃا به ڳڻتي جوڳي آهي، جو حڪمرانن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته عام ماڻهو جي زندگي هنن ڪيئن جهنم بڻائي ڇڏي آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ بدران جيڪا به مهانگائي ڪئي وئي آهي، اها واپس ڪئي وڃي. ساڍا ٽي سال اڳ شين جا جيڪي اگهه هئا انهن کي اتي آڻي عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button