ابتدائي تعليم واري عمل دوران جيڪو سڀ کان سگھارو محرڪ هوندو آهي، سو ٻارن جو استاد ھوندو آھي. جيڪڏھن استاد پنھنجي تعليمي طريقيڪار واري انداز ۾ مھارت رکي ٿو ته ٻار تعليمي عمل ۾ بيھڻ بدران اڳتي وڌندو ويندو. ان لاءِ ڪجھه اھم ڳالھيون آھن، جيڪي اڄ جي استادن کي نظر ۾ رکڻ لازمي ھجن ٿيون. ھونئن ته ھي موضوع تمام وسيع آھي پر پاڻ ڪجھه اھم نقطن تي ئي بحث ڪنداسين، جيئن شين کي Specific مان Generalize ڪري رکون.
سڀ کان پھرين ته اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو ته ٻارن کي پڙھائيندڙ استاد پنھنجي پڙھائڻ واري عمل سان ڪيترو سچو آھي. ڇا اِھو عمل ھُن جي دلچسپي وٽان آھي به يا نه؟ ڇو ته معاشي مسئلن ڪارڻ اڪثر مختلف شعبن مان ڊگريون وٺندڙ پڙھائڻ واري عمل کي Time pass job سمجھي ڪندا آھن. جِن جي پڙھائڻ سان ڪا به دلچسپي ناھي ھوندي، اھي بس پنھنجي گذر سفر لاءِ اِھو ڪم چونڊيندا آھن. جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ انھي استاد تي ھي ڳالھيون ڪجھه گھٽ اثر ڪنديون جو ھُن کي خانه پري ڪرڻي ھوندي آھي. پر ڪجهھ اھڙا به نوجوان مرد توڙي عورتون ھونديون آھن، جيڪي پڙھائڻ واري عمل کي پنھنجي پسنديدہ شعبي طور ڏسندا يا ڏسنديون آھن. انھن لاءِ تعليمي عمل جو طريقيڪار سمجھڻ آسان ٿي وڃي ٿو.
ويھين صديءَ ۾ تعليم جي موضوع تي سائنسي انداز سان تمام گھڻو ڪم ٿيو آھي جنھن ۾ مختلف تعليمدانن تعليم جي معاملي ۾ سنجيدہ ٿي گھڻ رخي انداز سان نيون شيون اسان آڏو رکيون آھن. انھن جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته پڙھائڻ واري استاد کي سڀ کان پھرين انھن سڀني لاڙن، نظرين ۽ طريقيڪارن جي ڄاڻ ھُجڻ لازمي هجڻ گهرجي، جنھن کي عملي جامو پارائڻ سان ٻارن جي ذھني اوسر کي سمجھي انھن لاءِ بھتر تعليمي ماحول جوڙي سگھجي. استاد ٿيڻ جي اميدوارن لاءِ اِھو ضروري آھي ته، اھي ٻارن جي واڌ ويجهه جو تفصيلي اڀياس ڪن؛ ڪلاس ۾ ڪم ايندڙ سڄي سامان جي تعليمي اھميت کي سمجھن، شاگردن کي ورڪ ٽاسڪ ڏيڻ لاءِ سٺي ۽ مناسب وقت جي چونڊ ڪن ۽ ٻارن سان سلھاڙجڻ (Interaction) ذريعي تَجربو حاصل ڪن.
ان لاءِ ھيٺ ڏِنل ڪجھه معاملن تي استاد جي دسترس نه به ھجي پر سَرسري نظر لازمي ھُجڻ گھرجي.
ٻارن جي نفسيات Child Psychology –
ھر ماڻھو چاھيندو آھي ته ھُن جو ٻار ھوشيار ھجي ۽ پڙھائي واري عمل ۾ ڀَڙ ھجي پر ھُنن کي اِن ڳالھه جو اندازو يا ڄاڻ ئي ناھي ھوندي ته ٻارن جي نفسيات سمجھڻ کانسواءِ اسين انھن جي ذھني واڌ ويجهه ڪو نه ٿا ڪري سگھون. ائين ئي استاد کي به ٻارن جي نفسيات جو اڀياس ڪرڻ انتھائي لازمي ھوندو آهي، ڇو ته ھڪ ڪلاس ۾ ويٺل انيڪ ٻارن جي ذھني اوسر انھن جي الڳ الڳ ماحول ۾ ٿيل ھوندي آھي جنھن سبب ڪي ٻار شيون جلدي سمجھي ويندا آھن ته ڪِن ٻارن جي شيون percieve ڪرڻ جي سطح گھٽ ھوندي آھي. اِن مان بلڪل به اِھا مراد نه ھئڻ گھرجي ته ڪو ٻار موڳو آھي يا چَنڊو آھي بلڪه انھي معاملي جو استاد کي ڳوڙھو اڀياس ئي اِن مسئلي جي حل ڏانهن اسان کي وٺي وڃي سگھي ٿو.
ٻارن جي طبعي واڌويجهه جي تعليم Child physical Development.
ھِن موضوع جو اڀياس به مٿئين ڳالھه سان جڙيل ئي آھي، ھِن ۾ استاد کي ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه بابت معلومات اخذ ڪرڻ لازمي ھوندو آھي ته ڪيترن سالن جو ٻار جسماني ڪم ڪار جي قابل هوندو آهي ته جيئن اِھا سُڌ پئجي سگھي ته ڪلاس ۾ ٿيندڙ مشغولي ڪم Activity work ۾ ڪيتري حد تائين حصو وٺي سگھي ٿو.
ابتدائي ٻارن جا پروگرام Early childhood programmes
جيئن ته مٿي اسين اِن ڳالهھ تي بحث ڪري آياسين ته ويھين صديءَ ۾ تعليم جي معاملي تي تمام گھڻو ڪم ٿي چڪو آھي جنھن ۾ مختتلف تعليمدانن تحقيق جي بنياد تي مختلف تعليمي پروگرام يا نظريا ڏِنا آھن. انھن نظرين ۽ پروگرام جي ڄاڻ رکڻ استاد لاءِ انتھائي ضروري آھي جيئن ھُو ڪنھن ھڪ پروگرام تحت نه بلڪه مختلف تعيليم پروگرام ڪلاس ۾ عمل ڪرائيندو رھي جنھن سان ڪلاس ۾ موجود ٻار پنھنجي پنھنجي سطح ۽ انداز سان سمجھي سگھن. ھِن جو تعلق به مٿين ٻِن ڳالھين سان ئي آھي، جنھن جي معلومات اسان کي اِھو ٻڌائيندي ته اسان جي شاگرد جي سمجھڻ جي سطح ڪيتري آھي، ھُو شين کي ڪھڙين طريقي سان سمجھي سگھي ٿو ۽ پوءِ انھن ٻارن کي ان انداز سان ئي سمجھائڻ استاد لاءِ لازمي ھوندو آھي.
ڪلاس ۾ ھر شيءِ جو بندوبست Classroom Management
ھي معاملو ڪنھن حد تائين اسڪول جي انتظاميه جي سُپرد هوندو آهي، اھي اسڪول جي بجيٽ مان ڪجھه حصو ڪلاس کي سنوارڻ لاءِ خرچ ڪن. پر صرف ڪلاس جي ڊيڪوريشن ڪافي نه آھي بلڪه انھيءَ سان گڏ ٻارن جي نفسياتي ۽ تعليمي اعتبار کان چارٽس يا ٻارن لاءِ کيڏڻ جو سامان مھيا ڪيو وڃي جنھن سان ٻار پنھنجي تعليمي عمل کي به جاري رکي سگھي ۽ انھي راند روند دوران سکيا جو عمل به ٿيندو رھي. ان ۾ استاد جو اھم ڪردار اِھو هوندو آهي ته استاد ٻارن کي اھڙي ترتيب سان ڪرسيون رکي ڏي جيئن ويٺل سڀني ٻارن جو ڌيان استاد ڏانھن وڃي ۽ پڙھائي جي عمل دوران ٻار صحيح انداز سان بورڊ يا استاد جي ڳالھه ٻولھه ٻڌي سگھن.
استاد جي ڌيان سان ٺھيل ماحول ئي ھوندو آهي، جنھن جي سبب ٻار ۾ پڙھڻ جو لاڙو وڌي وڃي ٿو ۽ پڻ ٻار پنھنجي دلچسپيءَ سان ڪلاس جي ڪمن Activities ۾ حصو وٺندو رھي ٿو. جيڪڏھن ٻار جي واڌ ويجهه جي حساب سان ھُن کي گھربل سھولتون ملنديون ته ٻار تعليمي عمل ۾ وڌيڪ وقت ۽ ڌيان ڏئي سگھندو، ٻي صورت ۾ ٻار جلدي ٿڪجي ۽ مايوس ٿي پوندو جنھن جو نتيجو اِھو نڪرندو ته اھو نه تعليمي عمل ۾ حصو وٺي سگھندو نه وري ڪلاس جي ڪنھن ڪم Classroom Activity ۾.
استاد لاءِ اِھا ڳالھه لازمي ھوندي آهي ته ھو ڪلاس ۾ موضوع تي تياري ڪري اچي ۽ ان کي گھڻ پاسائين انداز سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري جنھن سان ٻارن کي ڪلاس وٺڻ جو شوق پيدا ٿيندو ۽ ٻارن نيون شيون سکڻ لاءِ انتظاري ھوندا، ان سان گڏ ڪنھن به موضوع تي پڙھائڻ وقت ان ڳالهھ ڏانهن خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي ته موضوع کي ٻارن جي روزمرہ جي زندگيءَ ۾ نظر ايندڙ شين ۽ واقعن جي مثالن سان سمجھائي ان سان اِھو فائدو ٿيندو جو ٻار حقيقت پسند ٿيندو. جيئن جين پياجي جيڪو تعليم دان ھو، اِن ڳالهھ جي اھميت کي ھيئن بيان ڪيو آھي؛ ٻار بھترين انداز ۾ تڏھن ھلي سگھندا، جڏھن اھي پنھنجي آسپاس موجود دنيا، شين ۽ ماڻھن سان سنئين سڌي تعلق ۾ اچي ڄاڻ پيدا ڪندا.
جڏھن ٻار کي بھتر تعليم سان گڏ بھتر ماحول ملندو ۽ ھُن جي واڌ ويجهه تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ويندو، تڏھن ئي ٻارن جي ذھني يا شين کي سمجھڻ (Cognitive level) وڌندي ويندي. ائين اسان چئي سگھون ٿا ته اسان جو ھر ٻار پنھنجي ذھني اعتبار کان اڳتي وڌندو ويندو پر جي اسين فقط ڪجهه ھوشيار ٻارن جي چونڊ ڪري (جيڪي به فقط ڪجھه معاملن ۾ ھوشيار ھوندا آھن ۽ ھر ٻار جي سمجهھ جو دارومدار به پنھنجو ھوندو آھي) انھن تي ڌيان ڏينداسين ته اِھا انھن ٻارن سان ناانصافي ٿيندي، جِن سان معاشي يا گھرو مسئلو رھيو آھي. ھي معاملو ايترو آسان به ناھي جو ھڪ ئي مضمون ۾ سمجھي سگھجي پر ھڪ نئين پڙھائيندڙ استاد لاءِ اِن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، جو ھُن کي اِھو اندازو ٿي ويندو ته کيس ڪھڙين شين ۾ مھارت رکڻي آھي جنھن سان ھُو ڪلاس جي ماحول کي ٻارن جي تعليمي عمل لاءِ بھتر کان بھتر بڻائي سگھي.
حوالا ۽ مددي ڪتاب:
ابتدائي تعليم جي سکيا (مائيڪل ايل ھينيگري سنڌيڪار: محمد احمد منصور عباسي