عمران خان جي پارٽي توڙي حڪومت بابت ڪابه اڳڪٿي ڪري نٿي سگھجي. مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين جي بيٺڪ، گھٽ ۾ گھٽ عمران خان جي حامين ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي آھي. شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري ته ذري گھٽ آپي کان ٻاھر نڪري ويا، شيخ رشيد کي پنڊي ۾ تقرير ته ڪشميرين جي حمايت ۾ ڪرڻي ھئي، پر آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شھباز شريف ۽ مريم نواز سميت ٻنهي پارٽين جي ٽاپ ليڊرشپ کي ھڪ ھنڌ ڏسي، گھرو وزير جا ماشا ڦري ويا. ھن جي سموري سويلين ۽ نان سويلين انٽيليجنس ۽ جوتن ۾ دال ورھائڻ واري “ڏاھپ” تي سڀ حيراني ۽ پريشانيءَ جي ور چڙھي ويا. هاڻ شيخ رشيد چئي ٿو ته مولانا فضل الرحمان عمران خان کي حڪومت مان کير مان مک جيان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ (ن) ليگ ۽ پ پ مولانا کي کير مان مک جيان ڪڍي ڇڏيو. ھاڻ حڪمرانن کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ھو ڪھڙو ردعمل ظاھر ڪن؟ سياست ۾ ائين ئي ٿيندو آھي، ڪالهھ تائين ميان نواز شريف ۽ آصف زرداري ھڪٻئي کي طعنا ڏئي رھيا ھئا، ھاڻ ھڪ ڀيرو ٻيھر ويھي عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ تي مشورا ڪري رھيا ھئا. ٻنهي پارٽين جي قيادت ھڪٻئي جو ڪلھو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ويا. آخرڪار ٻنهي اھم پارٽين کي پنهنجي انا کي پاسيرو رکي گڏجي ويھڻو پيو. اھا ئي عقلمندي ۽ سياسي ڏاھپ آھي. اھا ئي محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي legacy به آھي. ھن سموري سرچاءُ واري صورتحال ۾ فقط حڪومتي عھديدار ئي نه پر مولانا فضل الرحمان به دنگ رھجي ويو ھوندو. مولانا کي (ن) ليگ سان ويجھڙائپ ۽ قربت مھانگي پئجي وئي. پر حالتن نزاڪت ۽ زميني حقيقتن کي سامھون رکندي، مولانا کي به ٻنهي مک پارٽين جي قيادت جيان انا کي پاسيرو رکڻو پوندو، جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو ۽ معاملا Smoothly حل طئي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ عمران خان جي حڪومت کي ڪير به بچائي نٿو سگھي.
ميان نواز شريف ته وري به مولانا لاءِ بهتر رستو کليل رکيو آھي ته ھو ان کي اڌ رستي ۾ اڪيلو ڇڏي نٿا سگھن. انهن مڙني ڳالھين جي باوجود مولانا اھا ڳالهھ سوچي سگھي ٿو ته سياست جي ڪا دل نه ٿيندي آھي. ٻه اھم پارٽيون ۽ انهن جي قيادت ايترا ناراض ۽ ھڪٻئي کان پرڀرا ھئا، جو ھڪ اشاري ۾ گڏجي مانجھاندو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. حقيقت ۾ سياست ان جو ئي نالو آھي ته جڏھن عوامي مفاد داءُ تي لڳل ھجن ته سياسي اڳواڻن کي پنهنجن انائن کي پاسيرو رکڻ گھرجي. انهن مڙني ڳالھين جي باوجود پ پ توڙي (ن) ليگ کي گھڻا ڪشالا ڪڍڻا آھن، ڇاڪاڻ ته اقتدار جي ايوانن ۾ وزير اعظم جي ھڪڙي ڪرسي ھوندي ۽ اميدوار ٻن پارٽين جا ھوندا!
شھباز شريف، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي ڳالھين مان ائين لڳو پئي ته معاملا طئي ٿي ويا آھن ته عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪيئن ڪجي؟ ان فارمولي تي به اتفاق ٿي ويو آھي. ھو مستقبل جي ڪھڙي حڪمت عملي تي عمل ڪندا، جيڪا تيار آھي، يا تياريءَ جي مرحلي ۾ آھي، ان سان صورتحال ڪافي واضح نظر اچي رھي آھي. ھيل تائين (ن) ليگ چوندي رھي ته جيڪڏھن ھو عمران خان ۽ ان جي ٽبر کي گھر ڀيڙو ڪن ته کين ڪھڙو انعام ملندو؟ ھاڻ جنهن فارمولي تي ڳالھيون ٿي رھيون ھيون، انهن تي ئي اتفاق ٿيندي نظر اچي پيو. پ پ جي تجويز اھا ھئي ته عمران خان جي حڪمرانيءَ جي خاتمي جي شروعات پنجاب مان ٿيندي، ڇاڪاڻ ته عمران خان جي ھٺ جي علامت وڏو وزير بوزدار، وڏي صوبي ۾ آھي. واڳ ڌڻي به چاھين ٿا ته بوزدار گھر روانو ٿئي. (ن) ليگ، پ پ ۽ (ق) ليگ به ساڳي موقف تي اتفاق ڪندي نظر اچن ٿيون. واڳ ڌڻي جو ووٽ چوڌري ڀائرن کي ھوندو ۽ مخالف ڌر سمجھي ٿي ته ان کي پنجاب ۾ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوندي. ان سان عمران خان خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ پھرين اسپيڪر ۽ پوءِ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻي آھي.
اهو به ممڪن آھي ته اسپيڪر کان اڳ ۾ وزير اعظم جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻي سمجھن ٿا ته عمران خان ڪنهن به وقت “سياسي نظام تي آپگھاتي حملو” ڪري سگھي ٿو. ان سان گڏ ھن واڳ ڌڻين کي نقصان پھچائڻ لاءِ قدم کنيا ته ممڪن آھي، انهن کي رستي ۾ ئي روڪيو وڃي. عمران خان کي وزير اعظم ھجڻ جي ناتي، اھي سمورا اختيار حاصل آھن، جن جي استعمال سان اھم شخصيتون گھر روانيون ٿي سگھن ٿيون، پر اھو اختيار استعمال ڪرڻ کان اڳ حڪمرانن کي سو ڀيرا سوچڻو پوندو. ھاڻ مخالف ڌر سان گڏ عمران خان لاءِ به امتحان ھوندو ته ھو روڊن ۽ رستن تي مخالفن لاءِ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگھي ٿو.
ظاھري طور تي جيڪو اقتدار جي شراڪت جو فارمولو نظر اچي ٿو ته پنجاب جيڪڏھن چوڌري ڀائرن جي حوالي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ مرڪز ۾ (ن) ليگ يا ان جو ڪو اتحادي ھوندو. ساڳي ريت سينيٽ ۾ ممڪن آھي ته ڪا تبديلي نه اچي، ڇاڪاڻ ته اھو واڳ ڌڻين جو تڪ آھي، پر جيڪڏھن ڪا تبديلي اچي ٿي ته سينيٽ چيئرمين پ پ جو ئي ھوندو. ھڪ اڌ ڏينهن اڳ، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ته طئي ٿيو ھو ته صادق سنجراڻي، ڌر ٿي ويو آھي ۽ ان اسٽيٽ بينڪ واري ترميمي بل ۾ به ووٽ حڪومتي ڌر کي ڏئي ڪامياب ڪيو. ھي اشارو ته ٻڌائي ٿو ته مخالف ڌر سينيٽ جي چيئرمين کي به گھر روانو ڪندي.
ھن ڀيري عمران خان مان جان آجي ٿيڻ کانپوءِ مخالف ڌر لاءِ حقيقي امتحان شروع ٿيندو. (ن) ليگ چاھيندي ته جيترو جلد ٿي سگھي عام چونڊون ٿين. پ پ اسيمبلين جي مدي مڪمل ڪرڻ جي حق ۾ آھي. ان دوران وزير اعظم لاءِ شھباز شريف تي اتفاق ٿئي ٿو يا شاھد خاقان عباسي يا اڃان به ڪو ٽيون اميدوار سامھون اچي سگھي ٿو. اھو به ممڪن آھي ته ھي ڪرسي (ن) ليگ جي اتحادين جي حوالي ٿي وڃي. نئين سيٽ اپ کان اڳ ۾ حڪومت کي مخالف ڌر کي حڪومتي ڌر جي طاقت کي منهن ڏيڻو آھي. مخالف ڌر چاھيندي ته اھا لانگ مارچ اھڙو ڪري جو عمران خان ان جي سامھون بيھي نه سگھي. هن ڀيري مخالف ڌر جو لانگ مارچ يقينن، مولانا فضل الرحمان جھڙي احتجاج جھڙو نه ھوندو. ھڪ طرف اسلام آباد جو ڊي چوڪ سياسي آکاڙو ٿي وڃي ۽ صورتحال عمران خان جي ڪنٽرول ۾ نه رھي ۽ ٻئي پاسي وري اسيمبليءَ ۾ بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿي وڃي ته حڪومت کي ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن تي وڙھڻو پوندو. عمران خان ۽ سندس ساٿين کي اھڙو تجربو ناھي، جو اھي ايترن محاذن تي ڄمي مقابلو ڪن. شيخ رشيد جھڙا وزير ته اڳ ئي ظاھري طور عمران خان سان گڏ ھوندا، پر اندران ئي اندران مخالفن سان ملي چڪا ھوندا. ھن ڀيري ته (ن) ليگ، جيڪي مخالف ڌر سان حڪومتي ميمبر رابطي ۾ آھن، انهن جي لسٽ ۾ ڌرين ھڪٻئي سان شيئر ڪئي آھي. شاھد خاقان عباسي جيڪو پ پ ۽ (ن) ليگ سياسي ورڪنگ رليشن شپ تي اعتراض واريندو رھيو آھي، ان ۾ ڌرين جي ملاقات Breakthrough قرار ڏنو آھي، ان مان سمجھي سگھجي ٿو ته شريف خاندان ھڪ آواز ان سياسي Move جي پٺڀرائي ڪري ٿو. ان سان گڏ حڪومتي اتحادي ۽ پي ٽي آءِ جا پنهنجا ميمبر به عمران خان مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ تيار آھن.
اها ڳالهه سمجھڻ ۾ ڏکي ٿي نٿي سگھي ته ھڪ طرف واڳ ڌڻين جو اشارو يا خاموشي معنيٰ خيز ھوندي، ان سان گڏ مستقبل جي سيٽ اپ جي حوالي سان سيٽ ايڊجسٽمنٽ ھجي يا ڪا ٻي حڪمت عملي. ان دوران پ پ ۽ (ن) ليگ ھڪٻئي سان ٽڪرائينديون رھنديون. اقتدار ۾ (ن) ليگ کي رھڻو آھي يا پ پ کي، ھي ٻئي جماعتون قومي حڪومت ته نه ٺاھينديون، ڇاڪاڻ ته ان قسم جا تجربا ماضي ۾ ناڪام ٿي چڪا آھن. ھن ڀيري ٻنهي مک پارٽين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود نگران سيٽ اپ کي اچڻو آھي ۽ ڏسڻو آھي ته اھو سيٽ اپ ڪٿي، ڪنهن پارٽيءَ کي دوکو ته نه ڏيندو. ائين جيئن ماضي ۾ پ پ جي تجويز تي پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ صحافي نجم سيٺي تي اتفاق ڪيو ويو، پر ھي اھڙو پيادو ھو، جنهن پ پ جي ئي وڏي صوبي مان صفائي ڪرائي ڇڏي. ان پٺيان يقينن واڳ ڌڻي به ھوندا، پر پ پ جي قيادت نجم سيٺيءَ جي بيوفائيءَ کي ياد رکندي.
پ پ ۽ (ن) ليگ کي توھان ابتڙن جو اتحاد (Unity of opposites) به چئي سگھو ٿا، ڇاڪاڻ ته ھي ٻئي پارٽيون اقتدار جي ڇڪتاڻ دوران ڪجهھ به ڪري سگھن ٿيون. جنهن به ڌر کي موقعو ملندو، اھا پنهنجي مخالف کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي. اھا ڳالھه به سمجھڻ جھڙي آھي ته عمران خان لاءِ چين جو دورو مھانگو سودو ثابت ٿيندو، ان دوران وزير اعظم کي پنهنجي وزن جي به خبر پئجي چڪي ھوندي.