اسرائيلي اداڪارا گال گيڊوٽ جي فلم ڊيٿ آن دي نيل جي نمائش تي ڪويت جي حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق گال گيڊوٽ پاران ڪجهه سال اڳ فلسطيني تنظيم حماس تي تنقيد تان اهو قدم کنيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ گال گيڊوٽ 2014ع ۾ حماس کي دهشتگرد قرار ڏئي اسرائيل جي حمايت ڪئي هئي. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي شهرين پاران حماس تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڪويت جي اطلاعات واري وزارت فلم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جڏهن تھ پابندي لڳڻ بعد گال گيڊوٽ جي فلم “ڊيٿ آن دي نيل” ايندڙ مهيني ڪويت ۾ رليز نھ ٿي سگهندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close