ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لتا جي سنگيت جو لاهوتي سفر

Editorial-Article- Ajaz Mangi

هر منش جو جيون هڪ ياترا هوندو آهي. هر ياتري هڪ سفر ڪرڻ لاءِ جنم وٺندو آهي. هر منش جيان هر منش جو سفر الڳ هوندو آهي. هڪ مصور جو سفر هڪ تصوير کان ٻي تصوير تائين هوندو آهي. هن جي راهه رنگن جي راهه هوندي آهي. هڪ عالم ڪتابن جي قدمن سان پنهنجي جيون جي ياترا ڪندو رهندو آهي. هڪ صحافي، هڪ پترڪار هڪ خبر کان ٻي خبر تائين ۽ هڪ شاعر هڪ شعر کان ٻي شعر تائين وکون کڻندو ويندو آهي. ساڳي ريت سان هڪ فنڪار ۽ هڪ موسيقار جو سفر سرن سان سجايل هوندو آهي. هو هڪ گيت کان ٻي گيت تائين پنهنجي اندر جي سفر جون منزلون طئي ڪندو ويندو آهي.
لتا منگيشڪر ننڍي کنڊ جي وڏي ياتري هئي. هوءَ گيتن سان سفر ڪندي رهي. هوءَ پنهنجي جيون جي سفر ۾ سدائين اڳتي وڌندي رهي. هن جي ديهانت کان پوءِ دنيا ته اهو به ليکو ڪندي ته هن ڪيترا هزار گيت ڳايا؟ يعني ڪيترا هزار قدم کنيا؟ پر هن جو هر گيت هن جي هردي کان جيئن جهرڻي وانگر ڦٽي نڪرندو هو، هوءَ جيئن موسيقيءَ کي من ۾ سمائي ڳائيندي هئي، هوءَ جيئن هڪ هڪ سر ۾ ٻڏندي ۽ ترندي ويندي هئي، ان جي اها مڌر ياترا ٻين کان مختلف هئي. لطيف لکيو آهي “ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي هڪ وک به پوري پٻ کان وڏي هوندي آهي.”
لتا جي سنگيت جو سفر به سسئيءَ جي سفر جهڙو هو. ڪلا جي اها ياترا ڏاڍي ڪٺن هئي. آخر گيت جو لڙڪ بڻجي اکين مان وهڻ ايترو آسان ته ناهي. جيستائين ڪوئي فنڪار پنهنجي گيت ۾ درد نه ٿو سمائي، تيستائين اهو گيت لڙڪ بڻجي ڳلن تان نه ٿو ڳڙي. لطيف لاءِ سفر تمام معنيٰ وارو لفظ هو. مون اڪثر سوچيو آهي ته آخر لطيف کي سسئيءَ سان ايترو پيار ڇو هو؟ هن مومل جهڙي حسين ناري ۽ راج ڪماريءَ تي به هڪ سر لکيو. هن مارئيءَ تي به هڪ سر سرجيو. آخر سسئيءَ ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي، جو لطيف هن کي سڀ کان گهڻا سر آڇيا ۽ هن کي گهڻن بيتن ۾ ڳايو ۽ گهڻين وائين ۾ ورجايو. لطيف جي سسئيءَ سان محبت ان ڪري به هئي جو سسئي سفر هئي. مومل انتظار هئي. انتظار موت کان به ڪٺن هوندو آهي. پر مومل مينڌري جو انتظار ڪاڪ محل ۾ ويهي ڪيو. مارئي قيد هئي. هڪ قيديءَ جو پل پل ڪيترو نه اذيتناڪ هوندو آهي؟ لطيف کي معلوم هو. ان ڪري ئي ته وفا جي زنجيرن ۾ جڪڙيل مارئيءَ سان لطيف جي محبت هئي. پر لطيف جو جهڙو پيار سسئيءَ سان هو، اهڙو ٻيو ڪنهن سان نه هو. ان جو سبب اهو هو ته سسئي سفر ۾ مئي. سسئي سفر هئي. ان ڪري ئي ته لطيف لکيو آهي:
“منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لڏن جي
جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي”
سسئي کاهوڙي هئي. سسئي سامي هئي. سسئي جيون جي جوتي هئي. سسئي لاهوتي هئي. سفر جا سانگ ته سهسين ٿي سگهن ٿا. سفر جي واٽن سان هيءَ ڀونءِ ڀري پئي آهي. پر جيڪو سفر لاهوت جو آهي، اهڙو ٻيو ڪو سفر نه ٿو ٿي سگهي. لاهوت جو سفر هڪ الڳ معنيٰ ۽ هڪ الڳ مقام ٿو رکي. اڄ به جڏهن ڀارتي هندو پاڪستان ايندا آهن ته انهن جي وڏي تمنا هوندي آهي ته هو لاهوت جو درشن ڪن. هندومت وارن کي معلوم آهي ته لاهوت جو سفر جيون جو سڀ کان املهه سفر آهي. لاهوت جي ياترا هر ياترا کان هٽيل ۽ الڳ ٿلڳ آهي. ان ياترا ۾ ڪجهه اهڙو آهي، جيڪو ٻين ياترائن ۾ ناهي. اها ياترا ننڍي کنڊ ۾ الڳ نظر سان ڏٺي ويندي آهي. ان ڪري ئي ته جيڪو به اها ياترا ڪندو آهي، ان کي لاهوتي سڏيو ويندو آهي. “لاهوتي” لفظ تمام مهان آهي. هر ياتري لاهوتي ٿي نه ٿو سگهي. لاهوت جو سفر ياترا جي تصور کي هڪ نئين معنيٰ سان جوڙي ٿو. ڇو ته لاهوتي پنهنجا سڀ سڱ ٽوڙي ٿو. سڱن ٽوڙڻ کان سواءِ لاهوت جي ياترا ٿي به نه ٿي سگهي. ڇو ته اها جيون جي نياري ياترا آهي. ڪلا جي ياترا، فن جو سفر به ڪجهه اهڙو هجي ٿو، جهڙي لاهوت جي ياترا!
هر فنڪار پنهنجن سازن سان سفر ڪري ٿو. هر ڪنهن جو سفر الڳ هوندو آهي. پر اسان جي پياري لتا جو سفر لاهوت جي ياترا جهڙو هو. لتا سنگيت جي لاهوتي هئي. جيڪڏهن لتا جي جيون تي اڇاتري اک به وجهبي ته اهو سچ سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته لتا جنم ئي ان لاءِ ورتو هو ته هوءَ سنگيت جو لاهوتي سفر ڪري. هڪ فنڪار پنهنجي جيون ۾ گهڻا ڪم ڪري ٿو. پر لتا فقط ڳايو. لتا گيتن جي گونجار ۾ پنهنجي آتما جو طويل سفر ڪيو. اهو سفر لاهوت جي سفر جهڙو اڻانگو ۽ مشڪل هو. سسئيءَ پنهونءَ کي چيو هو ته مون جنم ئي ان لاءِ ورتو هو ته توسان پيار ڪري سگهان. مومل مينڌري کي چيو هو مون کي ماءُ ڄڻيو ئي ان لاءِ هو ته جيئن تنهنجو انتظار ڪري سگهان. لطيف سنڌ کي پنهنجو مهان رسالو ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيو هو. ساڳي ريت بانوري چڪوريءَ جهڙي سانوري لتا پيدا ئي ان لاءِ ٿي هئي ته جيئن هوءَ هزارين گيت ڳائي سگهي ۽ انسانن جا اهنج، انهن جا سور ۽ انهن جا پور پنهنجن سرن ۾ سمائي، انهن کي ٻڌائي سگهي ۽ هڪ طرح سان اهو عمل انسان جي اندر جو هڪ عظيم ڪارج بڻجي سگهي.
لتا جي گذاري وڃڻ تي پوري دنيا ايتري غم ۾ ڇو غرق ٿي وئي؟ ڇا ماڻهن کي معلوم نه هو لتا 92 سالن تائين پنهنجي سرير جي قيد ۾ رهي. هوءَ پيريءَ جي پيڙا کي برداشت ڪري رهي هئي. هوءَ جيڪا آخر ۾ سهاري کان سواءِ هلي ڦري نه ٿي سگهي. ان لاءِ جيون ۾ ڪو موهه نه رهيو هو. لتا کي خالي ساهه کڻڻ ڪنهن به صورت ۾ نه وڻندو هوندو. هن گيت ڳائڻ لاءِ جنم ورتو هو. جڏهن هن ڳائڻ ڇڏي ڏنو هو ته هن کي حياتيءَ جي معنيٰ وڃايل محسوس ٿيندي هئي. هر غيرتمند انسان پنهنجي پيرن تي جيون جي ياترا ڪري بي انت ۾ وڃڻ چاهيندو آهي. ان ڪري ئي سنڌيءَ ۾ سادا ماڻهو به اها دعا گهرندا آهن ته “الله هلنديءَ هلائي” لتا ڪافي وقت کان وٺي سهارن جي سهاري هئي. هن جي وفات تي اصولي طور تي ايترو رنج نه ٿيڻ کپندو هو پر پوءِ به هن سان پيار ڪندڙ، هن کي چاهيندڙ ڀريل دل ۽ آلين اکين سان هن کي الوداع ڪندي درد جي گهري درياهه ۾ پاڻ کي لڙهندو محسوس ڪرڻ لڳا.
ڇو؟ ڇو ته لتا انهن جي زندگيءَ جو حسين حصو هئي. لتا انهن جي پيار جو پيار هئي. لتا انهن جي احساسن ۽ جذبن جي اظهار جي مڌر انداز هئي. هو لتا جي صورت پنهنجي جيون جو املهه حصو موت جي واٽ تي ويندو محسوس ڪري رهيا هئا. لتا جو موت فقط لتا جو موت نه هو. لتا جو موت هر انسان جي پيار جي اظهار جو موت به آهي. لتا انهن جي يادگيرين ۾ ايتري ته سمايل هئي جو هو لتا کان سواءِ پنهنجي جذباتي جيون جو تصور به نه ٿي ڪري سگهيا. لتا جي آواز ۾ جيڪا مٺاڻ هئي، اهڙي مٺاڻ فقط ان محبت ۾ هوندي آهي، جنهن کان سواءِ انسان پاڻ کي اجنبي محسوس ڪندو آهي. لتا ماڻهن جي احساسن جو آئينو هئي. آرسي هئي لتا. لتا سرن جي اها ندي هئي، جنهن جي وهندڙ سيرن ۾ انسان پنهنجي اندر جو عڪس ڏسي سگهندو آهي. ان ڪري لتا ويڇن کان گهڻو مٿي هئي. لتا هندو هئي. هوءَ مٿي تي تلڪ به لڳائيندي هئي. مندر ۾ مٿو به ٽيڪيندي هئي. سنتن کان آشيرواد به وٺندي هئي. پر هوءَ پوءِ به ٻين ڌرمن ۽ مذهبن جي ماڻهن جي دلين ۾ ڪنهن معصوم احساس وانگر رهندي هئي. لتا جهڙي حيثيت ماڻڻ آسان ناهي. انسان الڳ ملڪن، الڳ ٻولين ۽ الڳ عقيدن سبب هڪ ٻئي کان دور آهن پر لتا کي ڪا سرحد، ڪا ٻولي ۽ ڪو ڌرم ڌار نه ڪري سگهيو. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته لتا پاڻ هڪ ملڪ، هڪ ٻولي ۽ هڪ ڌرم هئي.
لتا جو ملڪ محبت هو. هن جو ديس هن جي دل ڪشادو هو. ان ديس ۾ ڪوئي به اجبني نه هو. ان ديس جي سرحد مٿان ڪو پهرو نه هو. جيڪو اچي ان جو سواگت هو. لتا جي دل جي ديس جا دوار ڪنهن تي به بند نه هئا. هوءَ ڪنهن کي به ڌاريو نه سمجهندي هئي. ان ڪري هوءَ هر ڪنهن جي پنهنجي هئي. هن ۾ هڪ طرح جي اهڙي ڪشش هئي، جهڙي پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ هوندي آهي. لتا فني حوالي سان دنيا جي ڪروڙن ماڻهن جو ملڪ هئي. هن جي ٻولي موسيقيءَ جي ٻولي هئي. موسيقيءَ جي ٻولي ئي دنيا جي اها ٻولي آهي، جيڪا هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچي ويندي آهي ۽ ماڻهو ئي ڇو؟ موسيقيءَ جي ٻولي ته جانورن ۽ پکين کي به پاڻ ڏانهن موهي وٺندي آهي ۽ جانور، جيت جڻيا ۽ پکي پکڻ ئي ڇو؟ موسيقيءَ جي ٻولي ته وڻن ٽڻن ۽ گلن پنن کي به جهومڻ ۽ جهولڻ تي مجبور ڪري وجهندي آهي. سائنسدانن ته هاڻي اهي تجربا ڪيا آهن ته موسيقيءَ سبب گل وڌيڪ ٽڙن ٿا ۽ اهي وڌيڪ مهڪي پون ٿا. جڏهن ته صديون اڳ ۾ شاعرن ان راز جي فاش ڪيو هو ته بلبل جي ٻولي ٻڌي گل مسرت ۾ مهڪي پوندو آهي. لتا جي ٻولي هڪ لولي هئي. اها سڀني کي سڪون جي واديءَ ۾ وٺي ويندي هئي.
۽ لتا جو اصل ڌرم هن جي ڪلا هو. هوءَ فقط فن جي شيدائي هئي. هوءَ اهو نه ڏسندي هئي ته فنڪار ڪهڙي ڌرم سان تعلق رکي ٿو. ڇو ته هن کي خبر هئي، هن کي معلوم هو ته فنڪار پاڻ هڪ الڳ ڌرم هوندا آهن. اهڙو ڌرم جنهن جو هر ڪرم محبت جو مارڳ هوندو آهي. لتا پاڻ هڪ ڌرم هئي. هڪ اهڙو ڌرم جنهن جو ڪرم سنگيت جي لاهوتي ياترا هو. هن ان ياترا ۾ سمورو جيون گذاريو. ان ياترا ۾ هن سک ڏٺا. ڏک سٺا. اها ياترا گذريل ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي.
لتا جي وڃڻ تي جيڪا اداس ماٺ ڇانئجي وئي آهي، اها پاڻ هڪ گيت آهي.
ڪاش! ڪوئي ٻڌي سگهي………!!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button