سنڌ ايڪسپريس کي پڙھڻ جو سلسلو آئون ڪجهه سالن کان جاري رکندو پيو اچان ته انهي وچ ۾ کوڙ ڪالم نگارن کي پڙھڻ جو موقعو مليو پر آئون انهن مان ڪجهه ڪالم نگارن کان تمام گهڻو متاثر ٿيس، جنهن ۾ رئوف نظاماڻي شامل آهي. رئوف نظاماڻيءَ جي لکڻين مون کي ڪيئي ڪتابن کان واقف ڪرايو جن کي پوءِ مون پنهنجي مطالعي جو حصو پڻ بڻايو. ويجهڙائي ۾ سنڌ سلامت ويب سائيٽ کي پئي ڏٺم ته انهيءَ ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي ڪتابن تي نظر پئي. پوءِ جلد ئي انهن ڪتابن کي اردو بازار مان پرنٽ ڪرائي پڙھڻ شروع ڪيم. رئوف نظاماڻيءَ جي انهن ڪجهه ڪتابن جون ڳالهيون ونڊجن ٿيون جيڪي هينئر منهنجي مطالعي هيٺ رهيا.
1- زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيونِ:
هي ڪتاب سائين جي آتم ڪٿا آهي پر هن انهيءَ کي ترتيبي انداز ۾ لکڻ بدرانِ مضمونن ۾ ورهايو آهي. ڪتاب جي شروعات ڪراچي شهر جي پسمنظر ۾ ڪري ٿو، جتي ليکڪ جو جنم ٿيو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم به اتان حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. ڪراچي شهر سان گڏوگڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي حالتن تي تفصيلي لکيو آهي. سندس چوڻ موجب جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بل منظور ٿيڻ بعد جڏهن سڄي سنڌ لساني فساد جي گهيري ۾ هئي ۽ تعليمي ادارن ۾ اهي فساد جاري هئا، تڏهن ڪراچي يونيورسٽي انهي سڄي ماحول کان بي اثر رهي. استادن پاران شاگردن سان ٻولي يا ڪنهن معاملي تي ڪا به متڀيد نه ڪئي. ليکڪ يونيورسٽي دور ۾ پنهنجي شاگرد سياست جو سفر بيان ڪيو آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاگرد هجڻ ناتي مون کي اهي باب ڏاڍا دلچسپ محسوس ٿيا. ليکڪ ڪراچيءَ ۾ سندس اهم سفر ڪراچي سنگت جو ميمبر هجڻ کي تفصيلي بيان ڪيو آهي. ڪراچي سنگت ڪراچيءَ جي ادبي ماحول کي نئين زندگي ڏني. ليکڪ موجب ڪراچي سنگت يادگار ادبي ميڙاڪا ڪرايا ۽ هڪ هنڌ ليکڪ لکيو آهي ته جڏهن شيخ اياز پنهنجي ڪلفٽن واري گهر ۾ بلڪل اڪيلائي واري زندگي گذاريندو هو. تڏهن اتي ڪراچي سنگت اهڙا پروگرام ڪيا جن ۾ اياز ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو. اياز سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين ناليوارن اديبن سراج ميمڻ، بشير مورياڻي، سائين غلام حسين رنگريز، تاج جويو ۽ ٻين ادب دوستن وڏي پيماني تي شرڪت ڪئي.
ليکڪ ڪراچيءَ ۾ اسٽيٽ بينڪ جي نوڪريءَ جي سفر کي به زندگيءَ جي ذڪر هيٺ آندو آهي. گڏ ڪم ڪندڙ اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن ۽ بينڪ جي گورنرن ۽ انهن جي خدمتن کي ساراهيو آهي. اتي ليکڪ هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو آهي ته اسٽيٽ بينڪ ۾ جڏهن ملازمن پروموشن لاءِ انٽرويو ڏنا پئي، تڏهن ان وقت جي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين هڪ ملازم کي چيو ته تون هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهين رٽائرمنٽ ڇو نٿو وٺين جنهن جي جواب ۾ ملازم چيو ته مون کان وڌيڪ پوڙهو ته تون آهين جي تون نوڪري ڪري سگهين ٿو ته آئون ڇو ڀلا رٽائر ٿيان.
انهي سموري سفر سان گڏوگڏ رئوف نظاماڻي هن ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن جو به ذڪر ڪيو آهي، جن سان هن جو وقت گذريو. انهن ۾ ڪي ڪردار گمنام آهن جيئن ماسي حاجران يا ناني ڪنواري ۽ ٻيا…۽ گڏوگڏ ادب جي ناليوارن هستين آصف فرخي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، اسلم خواجه، ڊاڪٽر فيروز، ليکڪ جا والدين، جاويد ڀٽو، ڄام ساقي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ رسول بخش پليجو شامل آهن. ليکڪ انهن شخصيتن سان گذاريل يادگار وقت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪن جي وڇڙڻ جو ڏک به ڪيو آهي.
جيئن ته ليکڪ گهڻو وقت عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو ۽ انهي سفر جو ذڪر ڪتاب ۾ به ڪيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي شخصيت جو پنهنجي مضمون “رسول بخش پليجو: جيئن ڏٺو مون” ۾ تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. ليکڪ موجب پليجي جو پارٽيءَ جي ميمبرن سان بلڪل غير سنجيده ورتاءُ هو جنهن ڪري گهڻا ميمبر پارٽيءَ کان ڌار ٿي ويا. هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان هو پارٽيءَ کي بلڪل پنهنجي مرضي مطابق هلائيندو هو. روز پارٽيءَ جا نالا تبديل ٿيندا هئا، ڪڏهن پاڪستاني عوامي تحريڪ ڪڏهن قومي عوامي تحريڪ ۽ ڪڏهن وري صرف عوامي تحريڪ. ليکڪ پارٽيءَ ۾ گذاريل وقت ۽ پليجي صاحب سان ملاقاتن جو به ذڪر ڪيو آهي.
هن ڪتاب جو دردناڪ ترين باب حسن منصور بابت آهي. جيئن ته حسن منصور سنڌي ادب جو نوجوان ڪهاڻيڪار هو ۽ سندس ڪمهلو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ ڪنهن زلزلي برابر هو ۽ حسن منصور رئوف نظاماڻي جو ننڍڙو ۽ دادلو ڀاءُ هو ته هن ڀاءُ جي اوچتي وڇوڙي ۽ هن سان گهاريل لمحن جي يادن جو جنهن دردناڪ انداز سان ذڪر ڪيو آهي، اهو پڙهندڙ کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. ليکڪ ٻڌايو آهي ته هن کي اوچتو فون آيو ته حسن بيمار آهي اسپتال پهچو ۽ وري ٻيو فون آيو ته حسن جي دل جي دوري سبب وفات ٿي وئي آهي. ليکڪ موجب هن کي سمجهه کي نه پئي آيو ته هي اوچتو ڪهڙو قهر ٿي ويو. ليکڪ هن ڪتاب ۾ سندس ٻي ڀاءُ جي وفات بابت به ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي پڻ اوچتو دل جو دورو پيو ۽ هو اتي ئي فوت ٿي ويو. وفات وقت هن جي هٿ ۾ پيل سگريٽ اڃان دکيل هو!!
رئوف نظاماڻي جي زندگي حبت ۽ جدوجهد جو خوبصورت باب آهي.
2- گوڏن ڀر نه جهڪنداسين (ترجمو)
جڳ مشهور آمر پنوشي جڏهن چليءَ جي چونڊيل حڪمران آلندي جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ مٿان مارشل لا مڙھي، تڏهن هن چليءَ جي روشن خيال ماڻهن جنهن ۾ سياسي ڪارڪن، صحافي، اديب شامل هئا، جن هن جي شديد مخالفت ڪئي. تن کي بري نموني جيلن ۾ واڙي انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو. انهن ماڻهن ۾ روڊريجو روجاس شامل هو، جيڪو چليءَ ۾ صحافي هو ۽ اتي جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر پڻ. هن جي جيل ڊائري جو ترجمو رئوف نظاماڻي ڪيو، جيڪو 1988ع ۾ نيون نياپو پاران ڇپرايو ويو.
روجاس کي چليءَ جي فوج گرفتار ڪري هڪ اسٽيڊيم آندو جتي اڳئي سوين قيدي موجود هئا. اتي هن کان جلد پڇا ڳاڇا شروع ٿي جنهن ۾ هن کي بي رحمي سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو. روجاس مطابق هڪ هنڌ هن کي ويهن سپاهين جي پهري ۾ پڇا ڪئي وئي ۽ هن تي ايترو تشدد ٿيو جو هو بيهوش ٿي ويو ۽ جڏهن سندس اک کلي ته هو سڄو رت ۾ وهنتل هو. انهي تشدد سان هن جي ڪرنگهي واري جڳهه وڏو زخم ٿي ويو جنهن سبب هن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. روجاس ٻڌائي ٿو ته هڪ جڳهه هن جون اکيون بند ڪري گولي هڻڻ جي ارادي سان بيهاريو ويو ۽ اتي هن کان آخري خواهش پڇي جنهن تي هن ٻڌايو ته هن کي اکيون کولي اسڪواڊ جي فائرنگ ۾ ماريو وڃي.
روجاس ٻڌائي ٿو ته اتي انهي وحشياڻي تشدد کان مجبور ٿي ڪيترن ئي قيدين پنهنجي پينٽ جي پٽن سان ڪاڪوسن ۾ وڃي خودڪشيون ڪري ڇڏيون.
انهي حالت ۾ روجاس جي گهر واريءَ هن جي ڀرجهلي ثابت ٿي. هن کيس آزاد ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. نيٺ روجاس کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ هن کي آزاد ڪيو ويو. پر هن جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي جنهن ڪري هن کي جلا وطن ٿيڻو پيو.
هن ڪتاب جو هر واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. اهي واقعا چليءَ ۾ آمريتي دور جي سٺي عڪاسي ڪن ٿا. رئوف نظاماڻي انهي جيل ڊائريءَ جي ترجمي سان به خوب نڀايو آهي. (هلندڙ)