ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون ڪوٽ واقعو: اڻ ڌري جاچ جي ضرورت

Editorial

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ عورتن سان ٿيندڙ تذليل جا واقعا هر روز رپورٽ ٿيندا رهندا آهن، انهن واقعن مان اندازو ٿيندو آهي ته عورتون سماج ۾ ڪيتريون غيرمحفوظ آهن. جڏهن ته سماج جي مهذب هجڻ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتي عورتون ڪهڙي ريت بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي پنهنجي زندگي جيءَ سگهن ٿيون. پر ملڪ ۾ عورتن لاءِ اهڙو ته خطرناڪ ماحول جڙِي ويو آهي جو عورتن لاءِ هاڻي گهران نڪرڻ يا ڪنهن ڪم ڪار سان ڪٿي وڃڻ به ممڪن نه رهيو آهي. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ به گهران نڪري ٿي ته ان جي زندگي محفوظ نٿي رهي ۽ ايستائين جو جيڪڏهن اها پرڻي لاءِ سوچي به ٿي، تڏهن به ان تي ڪات ڪهاڙا اُڀا ٿي ويندا آهن، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون قتل ٿي وينديون آهن. تازو جيڪو واقعو مبينه طور نئون ڪوٽ ۾ پيش آيو آهي. ان به ماڻهن جا لڱ ڪانڊاري ڇڏيا آهن.
ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان موجب نئون ڪوٽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي پي آر او آفيس مان پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي تـه راجپوت برادريءَ جي ماڻهو غلام مصطفي’ راجپوت ڪجھه ڏينهن اڳ ٽنگڙي برادريءَ جي ڇوڪري کي ڀڄائي ويو ھو ۽ پنهنجي طور تي راجپوت ۽ ٽنگڙي برادريءَ ۾ ڳالھيون ھلي رھيون ھيون ۽ ٽنگڙي برادريءَ سان طئـي ٿيل ڳالھين تي عمل نـ ٿيڻ ۽ تدارڪ نـ ٿيڻ تي ٽنگڙي برادري راجپوت برادريءَ جي گهرن تي حملو ڪري شادي شده عورت ۽ 13سالن جي ڇوڪريءَ کي اغوا ڪيو. پوليس ترت ڪارروائي ڪندي پرچاءُ ڪندي، گذريل رات 4 وڳي بازياب ڪيو ۽ عورتن کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن تـ عورتن کي ڪپڙن کان آجو ڪري گھمائڻ واري الزام جي ڪابـه صداقت نـ آهي وڌيڪ پوليس جون ٻـ ٽيمون جانچ ڪري رھيون آهن. ان کانسواءِ ٽنگڙي برادريءَ جي جوابدارن پاران اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٽن جوابدارن کي نئون ڪوٽ پوليس سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو ڊگهڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کين ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. ٻئي پاسي پارلياماني سيڪريٽري پ پ ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر متاثر ڌر جي گهر پهچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ انصاف جي مڪمل خاطري ڪرائيندي راجپوت برادريءَ جي اغوا کان پوءِ پوليس پاران بازياب ڪرايل متاثر ٻنهي نياڻين جي مٿن تي اجرڪون اوڍائي کين آٿت ڏيندي چيو ته ڪنهن جي به نياڻيءَ سان ظلم برداشت نه ڪيو ويندو. نئون ڪوٽ پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي نامزد 20 جوابدارن مان 12 ڄڻن کي نئون ڪوٽ ۽ جھڏو پوليس پوري نفري ۽ CIA پوليس گرفتار ڪري اڻڄاتل ھنڌ تي رکيو آهي.
هن خبر کان پوءِ ان واقعي بابت جيڪي ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، انهن جي سچائي ڄاڻڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته پوليس تي به آڱريون کڄي رهيون آهن. جيڪڏهن متاثر ڌر جو پوليس تي اعتبار ناهي ۽ اها ان تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي ته ان صورت ۾ هڪ اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي، جنهن سان معاملو وڌيڪ چٽو ٿي سگهي ٿو. اهڙن ڪيسن ۾ جڏهن حد جي پوليس پاڻ جاچ شروع ڪندي آهي ته ان جو ڪو کڙتيل ڪونه نڪرندو آهي ۽ نه ئي بهتر نموني جاچ ٿي سگهندي آهي. هي هڪ حساس معاملو آهي. ڇو ته واقعي بابت اهو پيو ٻڌايو وڃي ته ڇوڪرين کي ڪپڙن کان آجو ڪري گهمايو ويو هو. جيڪڏهن واقعي به ائين ٿيو آهي ته اهو عمل نه رڳو افسوس جوڳو آهي پر دل ڏکوئيندڙ پڻ آهي. جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته اهو عورتن جي ان نموني تذليل ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته نئون ڪوٽ واقعي جي حوالي سان هن وقت تائين جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن جي سچائي ڄاڻڻ بنهه گهڻي ضروري آهي. تنهنڪري اتان جي حد جي پوليس کي جاچ جو ڪم نه ڏنو وڃي پر اعليٰ سطح جي هڪ جاچ ٽيم جوڙي وڃي، جيڪا ان معاملي جي هر پاسي کان اکيل ڪري ۽ اصل معاملي جي خبر وٺي ته جيڪڏهن ان قسم جو واقعو ٿيو آهي، جنهن ۾ لڄالٽ جو شڪ به ڏيکاريو پيو وڃي ته اهو ڪيتري حد تائين درست آهي. نيٺ به اهي انساني معاملو پڻ آهي، ان کان به وڌيڪ عورتن جي حقن جو معاملو آهي. سڀاڻي جڏهن هي معاملو ميڊيا ۾ وڌيڪ اڀري ايندو ته ان سان عالمي سطح تي جيڪو تاثر ويندو، اهو ڪو بهتر تاثر نه هوندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ اڻ ڌري ۽ شفاف جاچ ڪرائي معاملي جو حل ڳوليو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button