شوبز

ڊرامي ۾ وار عورت جي سونهن سان ڀيٽڻ تي تنقيد

پاڪستان جي هڪ ڊرامي ۾ وار عورت جي سونهن سان ڀيٽڻ تي تنقيد ٿي رهي آهي. برطانوي خابرو اداري ڊرامي جو نالو ظاهر ڪرڻ بنا عورت سان رنگ ۽ نسل بعد وارن ۾ ٿيندڙ متڀيد واري رجحان کي وائکو ڪندي ڄاڻايو آهي تھ ڊرامي ۾ مرد ڪردار سندس زال جي ڪردار کي چوندي نظر اچي ٿو تھ پنهنجا گهنديدار وار چهري تان هٽائي ڇڏ، اهي توکي بدصورت بڻائيندا آهن، مان بدصورت عورت سان شادي نھ پئي ڪرڻ چاهي. هن کيس زور ڏيندي چيو تھ بدقسمتي سان نياڻي جا وار بھ توکان وراثت ۾ ان کي مليا آهن. هوڏانهن صحافڻ ابصا ڪومل، افروز سميت مداحن جي وڏي تعداد ڊرامي جي اهڙي منظرنگاري تي تبصرن ۾ چيو آهي تھ اڇو رنگ، ڊگهو قد ۽ سنهڙائپ بعد ڇا هاڻ وار بھ عورت جي حسن جي تشريح ۾ اچي ويا آهن جو ائين ڏيکاريو ويو، هن قسم جي رجحان کي هر شعور رکندڙ ماڻهو رد ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button