سنڌي صدين کان پراڻي ۽ وڻندڙ ٻولي رھي آھي، جنھن جي اھميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ھڪ مثال ئي کوڙ آھي ته سنڌي ٻوليءَ جو جڳ مشھور شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي به ھو جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ سھڻي ۽ پياري شاعري ڪري انھيءَ کي گهڻو وڻندڙ بڻائي ڇڏيو. اھا وڻندڙ شاعري اڃا به سڀني سنڌين جي دلين ۾ سمايل آھي ۽ صدين کان ھر سنڌيءَ کي سندس ڪا نه ڪا شاعري ضروري ياد ھوندي آھي.
بھرحال، اھا دکدائڪ ڳالهھ آھي ته گڏيل پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي اھميت کي گهٽائڻ لاءِ مختلف ڪات ڪھاڙا کنيا ويا جيڪا کليو کلايو زيادتي ۽ ناانصافي ھئي ۽ اڃا به آھي. ھئڻ ته ائين گهرجي ھا ته پراڻي ۽ پياري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي اھميت ۽ ٻين ٻولين کي به سندس جائز حيثيت ملڻ گھرجي ھا ڇاڪاڻ ته اسان کي ڪنھن به ٻوليءَ سان نفرت ھرگز ڪانھي پر انھيءَ جو مقصد اھو به ھرگز ڪونھي ته پراڻي زماني وارين مکيه ٻولين جي اھميت کي، مختلف بھانا بڻائي گهٽائڻ نه گهرجن.
سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جي اھميت ڏيارڻ لاءِ، سنڌي ادبي سنگت جي جدوجھد جاري آھي. اھي، اڳ به پھرين فيبروريءَ کان 21 فيبروريءَ تائين سنڌيءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاءِ جدوجھد ڪندا رھيا آھن. بھرحال،”سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ” جي رٿا شروع ڪيل آھي جنھن جي اسان سڀني کي آجيان ڪرڻ گهرجي. سڄي سنڌ ۾، وطن دوستن جي سھڪار سان ٻوليءَ جا مشاعرا، مذاڪرا، مظاھرا، سيمينار ۽ گڏجاڻيون به ڪيون وينديون آھن. جڏھن تہ 21 فيبروري، مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن آھي، جيڪو گڏيل قومن جي اداري طرفان مقرر ڪيل آھي، سو به دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ملھايو ويندو آھي جن ۾ پاڪستان به شامل آھي. 21 فيبروري جو ڏينھن ملھائڻ، اصل ۾ بنگلاديش (پراڻو اوڀر پاڪستان) ۾ بنگالي ٻوليءَ بابت مکيه جدوجھد جو نتيجو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪجهه پارٽين جي سھڪار سان سڄي سنڌ ۾ گڏجاڻيون ڪري ھلچل جاري رکي آھي پر اھا سچائي آھي ته اھا تحريڪ اڃا به وڏي پيماني تي ۽ زوردار ھلائڻ گهرجي. اھو تڏھن ممڪن ٿي سگهندو جڏھن سنڌ جا سڀئي اهم گروپ سھڪار ڪندا. ھونئن به بنيادي طور سڀ سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي اھميت ڏيڻ جا حامي آھن پر اصل ڳالھه ڪارائتو رابطو ڪرڻ ۽ گڏيل جدوجھد ڪرڻ آھي. تازو سندن چواڻي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي به ساڻن سھڪار ڪندي.
دنيا جو اڪيلو ملڪ ڀارت آھي جنھن جي قومي ٻولي سنڌي به مڃيل آھي. مان جڏھن گهڻا سال اڳ، ذاتي طور ڀارت گهمڻ ويو ھئس ته ممبئيءَ (پراڻو نالو بمبئي) ۾ مشھور سنڌي اڳواڻ ۽ مختلف خوبين جو مالڪ آڻجهاڻي پروفيسر رام پنجواڻي مون کي پنھنجي گهر تي ذاتي طور ٻڌايو ھو ته ڀارت ۾ رھندڙ سنڌين، قومي ٻوليءَ لاءِ تحريڪ ھلائي ھئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي پنھنجي دور ۾ سندن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور قبول ڪيو ھو.
اھا به سچائي آھي ته ٻوليءَ جي مسئلي تي ئي اوڀر پاڪستان (ھاڻ بنگلاديش) الڳ ٿيو ھو جنھن جي گڏيل پاڪستان دوران ڪل آبادي 56 سيڪڙو ھئي، يعني “گهڻائي” انھن جي ھئي. پاڪستان مذھب جي نالي ۾ دنيا جو پھريون ملڪ ۽ اسرائيل ٻيو ملڪ بڻيو ھو. اسرائيل ۾ عام استعمال ۾ بلڪل ڪم نه ايندڙ مذھبي ٻولي Hebrew (ماڊرن ھيبرو) کي نئين سنئين جيئاريو ويو پر گڏيل پاڪستان ۾ بدنيتي ۽ سازش ڪري مذھب جي نالي ۾ قائم ٿيل پھرين ملڪ ۾ مذھبي ٻولي عربيءَ کي قومي ٻولي بدران اردو ٻولي (اصل ھندي ٻوليءَ جو ٻيو روپ) اڪيلي ڊڪليئر ڪئي وئي ۽ 56 سيڪڙو يعني گهڻائيءَ وارن بنگالين جي ٻوليءَ کي شروع ۾ قومي ٻولي نه مڃيو ويو جيڪو وڏو ظلم ھو. جڏھن ته ھندي ۽ اردو ڪنھن حد تائين ھڪ ئي ڳالهھ آھي. جنھن کي شڪ ھجي سو ڀلي ڀارت جون کوڙ ھندي فلمون ڏسي، انھن ۾ استعمال ٿيندڙ ھندي ٻولي ۽ اردو ٻولي ساڳي ھوندي آھي، البت لکڻ ۾ فرق ھوندو آھي. ڀارت ۾ ھندي ٻولي ڪم آندي ويندي آھي، جڏھن ته اسان وٽ الڳ لکي ويندي آھي. بھرحال، انھيءَ سلسلي ۾ مان اھم سوال پڇان ٿو ته جيڪڏھن انگريزي ٻولي ڪتب آڻجي پر لکڻ ۾ انھيءَ کي عام طور اردو ٻوليءَ ۾ لکجي ته ڇا انگريزي ٻوليءَ جو انگريزيءَ سان ڪو واسطو ڪونه رھندو؟
پھرين اسلامي ملڪ جي اسلامي ٻولي عربي ٻوليءَ کي رد ڪرڻ جو اعتراض جوڳو ڪردار پھرين ٿاڦيل (اڻ چونڊيل) وزيراعظم لياقت علي خان جو ھو جيڪو مھاجر ھو. سندس ڪردار مان ظاھر ھو ته ھو سنڌي ٻوليءَ جو سخت دشمن ھو. بنگالين اعتراض ڪيو تہ اسان جي آبادي 56 سيڪڙو آھي ۽ پاڪستان بڻائڻ ۾ سندن اھم ڪردار به رھيو آھي اسان جي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي ڊڪليئر ڪريو. ھنن سال 1952ع ۾ زوردار تحريڪ ھلائي ته شروع ۾ انھن جا چار نوجوان شھيد ڪيا ويا. بھرحال، وڏي جدوجھد کانپوءِ بنگاليءَ کي ٻي قومي ٻولي 1956ع جي آئين ۾ مڃيو ويو پر بنگالين جي اردو ٻوليءَ خلاف ڪاوڙ ختم ڪانه ٿي، جيڪا بنگلاديش جي آزاد ملڪ بڻجڻ باوجود اڃا به جاري آھي.
اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته جنوري 1972ع ۾ اوڀر پاڪستان (ھاڻ بنگلاديش) جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان ٿيو ته ھن اعلان ڪيو ھو ته ھنن بنگالي ٻوليءَ کي شروع ۾ قومي ٻولي نه مڃڻ خلاف، آزاد ملڪ جي جدوجھد شروع ڪئي ھئي ۽ انھيءَ ۾ ڪامياب به ٿيا آھن. تن ڏينھن ۾ مان ريڊيو پاڪستان جي سنڌي ٻولي سيڪشن جو ڪراچيءَ جو باقاعدي ملازم ھئس ۽ وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان جو اھو بيان مون ريڊيو پاڪستان تان جاري ڪرايو ھو. اردوءَ کي اڪيلي ٻولي ڊڪليئر ڪرڻ تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح ڍاڪا ويو ته شيخ مجيب ۽ سندس ساٿين، گڏجاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي بائيڪاٽ ڪيو ھو. بھرحال، اردو ٻوليءَ سان نفرت ايڏي ته وڌيل ھئي ۽ آھي جو مان چار ڀيرا ذاتي طور بنگلاديش ويل آھيان، مون ڍاڪا ۾ خاص ڪري نوٽ ڪيو ته ڪي به ٻه ماڻھو پبلڪ ۾ اڃا به اردو ڪونه ڳالھائيندا آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي اھميت بابت مشھور ڀارتي فلمي ليکڪ ۽ شاعر جاويد اختر جي وڊيو وائرل آھي. سندس چواڻي: دھليءَ جي اسڪالر شاهه عبدالقادر جي دعوا ھئي ته قرآن شريف جو ترجمو 1798ع ۾ يعني اٽڪل سوا ٻه سو سال اڳ اردوءَ ۾ ٿيو ھو جيڪو نه ھئڻ برابر ھو، ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ترجمو ان کان 700 سال اڳ ٿي چڪو ھو.
اھا سچائي آھي ته اسان وٽ ڪي وڏيون ڪمزوريون به آھن. مثال: سنڌي جماعت ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي، جوڳي موڙ، مين نيشنل ھاءِ وي، ضلع ملير، ڪراچي سنڌ، ۾ مون سوسائٽيءَ جي سھڪار سان اٽڪل اڍائي ٽي سال تحريڪ ھلائي ۽ بينرز به لڳرايا ته سنڌي سوسائٽيءَ جي دڪانن تي بينرز سنڌيءَ کي لکڻ ۾ اھميت ڏيو پر ڪنھن به ڪونه لکيو جڏھن ته سنڌي سوسائٽيءَ ۾، سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن جا رڳو سنڌي رھن ٿا. اھا سچائي آھي ته سوسائٽيءَ جي قومپرستن جا ڪجھه دڪان به آھن، انھن جي دڪانن تي منھنجي جدوجھد جي باوجود سنڌي ٻوليءَ ۾ بينرز لکيل ناھن. ٻيو ته ٺھيو پر سوسائٽيءَ جا ڪيترا سنڌي ٻار پاڻ ۾ اردو ڳالھائيندا آھن، مان سندن ٻولي ٻڌي کين چوندو آھيان: اوھان کي سنڌي نٿي اچي؟ ترت سنڌيءَ ۾ جواب ڏيندا آھن ته “اسان کي اچي ٿي” ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ رڳو اردو ڳالھائيندا آھن.
اھو بہ ٻڌائڻ ضروري آھي ته شھيد ڀٽي سنڌ ۾ رڳو سنڌي ٻولي ڊڪليئر ڪئي ھئي پر ڪي قومپرست ڪوڙي پروپئگنڊا ڪن ٿا ته ائين ناھي. مون کي ياد آھي ته ميجر جنرل (ر) حميد گل مرحوم راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ تقرير دوران چيو ھو ته سنڌ ۾ رڳو سنڌيءَ ٻوليءَ کي ڊڪليئر ڪيو ويو آھي سو ٺيڪ ناھي، انھيءَ ڪري ھن شھيد ڀٽي تي تنقيد ڪئي ھئي. مون تن ڏينھن ۾ مختلف انگريزي اخبارن ۾ خط لکي سنڌي ٻولي بابت شھيد ڀٽي جي فيصلي کي جائز ڪوٺيو ھو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايَ بي ايَ حليم جنھن کي سنڌ جي وڏي وزير ھندستان مان گهرائي مقرر ڪيو ھو، تنھن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي بندش وجهڻ وارو فيصلو ڪيو. پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي وڪيل جي حيثيت ۾ اولھه پاڪستان جي ھاءِ ڪورٽ لاھور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بندش کي چيلينج ڪيو ھو.
بھرحال، پراڻي ليکڪ ھوندي منھنجو دلي عرض آھي ته جن جو واسطو ڀلي ڪنھن به سياسي پارٽي يا گروپ سان ڇو نه ھجي، سي سڀ گڏجي سنڌي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ دل جي گھرائيءَ سان گڏجي جدوجھد ڪن. مون کي پڪ آھي ته سندن جائز ۽ لاڳيتي جھدوجھد ھڪ ڏينھن ضرور ڪامياب ٿيندي.