ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لياري ۽ ملير نديون ۽ ڪراچي

Editorial-Article- Rauf Nizamani

ڪراچي شهر جي ماحوليات جي حوالي سان ننڍين وڏين موسمي ندين جي وڏي اهميت آهي. انهن ۾ لياري ۽ ملير نديون مرڪزي حيثيت رکن ٿيون. لياري ندي پنهنجي ڪيچمينٽ مان مينهن جو پاڻي گڏ ڪري اتر اوڀر مان ٿيندي شهر جي مرڪز مان لنگھندي اٽڪل پنجاهه ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان نئين جي پاڻي جو ڪراچي شهر ۾ مينهن سان گھڻو واسطو ناهي. مون اهڙي وقت ۾ نئين کي ڪنارن تائين وهندي ڏٺو آهي جڏهين ڪراچي ۾ مينهن ۽ ڪڪر جو نالو نشان نه هو.

1970 جي ڏهاڪي تائين نئين ۾ صاف پاڻي ۽ مڇي هوندي هئي. ٻني ٻارو ٿيندو هو ۽ باغ هوندا هئا. خير ان ڳالهه جي مونکي گھڻي يادگيري ناهي پر پراڻا دوست ٻڌائيندا هئا ته اهي لياري کان گارڊن تائين نئين مان باغن مان ٿيندا ويندا هئا. جيتوڻيڪ اهي ٻنيون ۽ باغ ختم ٿي ويا پر لالو کيت سميت اڃا تائين به شهر جي مختلف علائقن جا نالا پراڻن ڳوٺن جي نالن سان مروج آهن.
انگريزن جي دور ۾ شهر جي نئين سر ترتيب جي حوالي سان نئين جي رخ کي به بدلايو ويو. ان جا نشان پراڻي شهر ۾ اڃا نظر اچن ٿا. اسان جي بغدادي واري گھر جي سامهون ڌوٻي گھاٽ هوندو هو، جنهن کي پو گارڊن واري پاسي منتقل ڪيو ويو پر اهو پو به ڌوٻين جي استعمال ۾ رهندو هو ۽ ان کي پراڻو ڌوٻي گھاٽ چيو ويندو هو جڏهين ته گارڊن واري کي نئون ڌوٻي گھاٽ. پراڻو ڌوٻي گھاٽ هاڻي ختم ٿي چڪو آهي پر ان جو نالو اڃا برقرار آهي. ساڳي ريت نئين لياري کي کارادر ۽ مٺا در کان ڌار ڪندي هئي. ڪڪري گرائونڊ کي اهو نالو ان ڪري ڏنو ويو ته هتي نئين ڪڪريون ۽ پٿر کڻي ايندي هئي. نئين جي رخ موڙڻ کانپو هتي کارادر مٺادر تي مشتمل اولڊ ٽائون جي علائقي کي ٺاهيو ويو.
لياري جي هڪ پراڻي رهاڪو جو چوڻ آهي ته هن نئين کي خاص طور مون سون جي مينهن ۾ وهندي ڏٺو آهي. سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ آهستي آهستي ان جي خشڪ حصن تي خاص طور هندوستان جي مختلف حصن مان آيل پناهگيرن ۽ ميانوالي جي ماڻهن قبضا ڪري پڪا گھر ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ هن وقت نئين ساڳي ريت نٿي وهي. ڀٽو جي دور ۾ اهو ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته نئين جي پيٽ کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ماريپور روڊ کان سهراب ڳوٺ تائين هڪ سرڪلر بوٽ سروس شروع ڪئي ويندي پر ڀٽو حڪومت جي خاتمي کانپو لياري جي ٻين گھڻين رٿائن جيان اها رٿا به ختم ٿي ويئي. نئين ۾ مينهن جي ڪري وقت بوقت ٻوڏ اتي ويٺل ماڻهن کي متاثر ڪيو ٿي. ان کان بچا لا رڪاوٽون ۽ بند وغيره ٺاهيا ويا.
1986 ۾ نئين جي ڪنارن کان شهر ۾ مختلف علائقن کي ڳنڍڻ لا هڪ ايڪسپريس وي ٺاهڻ جي رٿا جوڙي ويئي. پر پو اهو ڏسندي ته ان سان اٽڪل هڪ لک ماڻهو ان وقت متاثر ٿيا ٿي ان کي ترڪ ڪيو ويو. مشرف جي دور ۾ ان جو وري احيا ڪيو ويو. اهو نئين جي ٻنهي ڪنارن کان اٽڪل سورنهن ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. 2002 ۾ ان تي ڪم شروع ڪيو ويو پر ان وقت ان تي ڪو اتفاق رائي پيدا نه ڪيو ويو هو ۽ نتيجي ۾ گھڻن گھرن، اسڪولن ۽ ٻين جاين کي غيرقانوني قرار ڏيئي ڊاٿو ويو، جنهن جي ڪري هڪ وڳوڙ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي هئي. انهن مسئلن جي حل نه ٿيڻ جي ڪري ان ايڪسپريس وي جو ڪم گھڻي عرصي تائين ملتوي رهيو.
ڪراچي جي ٻي اهم نئين ملير آهي ان جون ٻه اهم شاخون ٿڌو ۽ سکڻ آهن. اها اتر اوڀر مان شهر جي وچ مان ٿيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها مينهن جي مند ۾ لکين گيلن پاڻي کڻي اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ان پاڻي کي ڪنهن حدتائين ذخيري ڪرڻ لا ملير ڊيم ٺاهيو ويو آهي ته جيئن خشڪ سالي وقت ان پاڻي کي ڪم ۾ آڻي سگھجي.
ملير جا ماڻهو چوندا آهن ته ڪراچي شهر جي تعمير ۽ ترقي سندن روزگار ۽ ٻني ٻاري جي قيمت تي ٿي آهي. ان جو ڪارڻ آهي ته شهر جي تعميراتي ڪمن لا وڏي پئماني تي نئين جي پيٽ مان ريتي ۽ بجري ڪڍي وڃي ٿي. ان جي ڪري نئين جي پيٽ ۾ پاڻي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھٽجي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ گھڻن کوهن جي پاڻي جي سطح هيٺ هلي وڃي ٿي يا اهي سڪي وڃن ٿا. ان جي خلاف ملير جي ماڻهن به احتجاج ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻهن به. پر اهو پنهنجي ليکي هڪ منجھيل مسئلو آهي. هڪ ته ان کانسوا ڪراچي ۾ تعميراتي ڪمن جو ٿيڻ ممڪن ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته ان ۾ گھڻا مستقل مفاد شامل آهن. ان ڌنڌي ۾ رڳو ٻاهريان ماڻهو نه پر ملير جا وڏيرا ۽ معتبر ماڻهو به شامل آهن جن جا اربين روپيا دا تي لڳل آهن. جن ماڻهن ان سلسلي ۾ ڪوششون ڪيون آهن اهي نه رڳو ناڪام ٿيا آهن پر گھڻن کي ان سلسلي ۾ پنهنجي جان جو جوکم به کڻڻو پيو آهي. ليکڪ بدر ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته هڪ ڀيري سندس سگنل تي بيٺل ڪار کي پويان ڪنهن ريتي بجري جي ٽرڪ اچي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ ڪار ته تباهه ٿي ويئي پر معجزاتي طور هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ ويٺل دوست بچي ويا. ان جو ممڪنه ڪارڻ هو ٻڌائي ٿو ته هن اخبار ۾ ريتي بجري مافيا خلاف لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن کان سندس ڪنهن دوست کيس منع به ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ڪجھه ماڻهن وٽ ان جي لا اجازت ناما به آهن. پر هن کيس ان ڳالهه تي قائل ڪيو هو ته اجازت نامي جو مطلب اهو ناهي ته ڪوبه غلط ڪم ٿيندو رهي.
ان جا ملير جي زراعت تي نهايت اگرا ثر ٿيا آهن. هاڻي ٿيندو ائين آهي ته پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت گھٽجڻ جي ڪري مينهن جي مند ۾ ڪيچمينٽ ۾ ٿوري به مينهن جي ڪري نئين پنهنجن ڪنارن کان نڪري ايندي آهي ۽ شهر جي مختلف علائقن کي ٻوڙي ڇڏيندي آهي. اٽڪل ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هوس. پارٽي پاران ڪالا بورڊ ملير ويجھو صديق وليج ۾ لطيف ڊي ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. ان ڏينهن ڪراچي ۾ سخت مينهن وسي رهيو هو. صورتحال اهڙي هئي جو پروگرام جو ٿيڻ اٽڪل ناممڪن هو. پر اسان ٻه ڄڻا لي مارڪيٽ کان بس ۾ ڪالا بورڊ پهتاسين. اتي جنهن گرائونڊ ۾ پروگرام ٿيڻو هو اهو سڄو پاڻي سان ڀريل هو. نئين اٿلي هئي ۽ روڊ رستا سڀ پاڻي ۾ ٻڏل هئا. واپسي لا ڪنهن سواري جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. جيئن تيئن ڪري ناٿا خان تائين پهتاسين پر اتي پاڻي نئين جي ڪنارن کان ٿيندو پل تائين پهچي ويو هو. اسان ٻيئي ڄڻا هٿ ۾ هٿ ڏيئي وڏي ڏکيائي سان پل پار ڪري سگھياسين. هن وقت به نئين جي چاڙهه جي وقت خاص طور ڪورنگي روڊ ته پاڻي جي ڪري بند ٿي ويندو آهي.
انگريزن جي دور ۾ شهر کي پاڻي ڏيڻ لا ملير نئين جي پيٽ ۾ هاڻوڪي گڏاپ ٽائون جي ويجھو مختلف مرحلن ۾ کوهه کوٽيا ويا جن جو تعداد سورنهن تائين پهتو. انهن کي ڊملوٽي جا کوهه چيو ويندو آهي ۽ هتان شهر کي روزانو ٻه ڪروڙ گيلن پاڻي ملندو هو. نئين مان مٽي لاڳيتو نڪرندي رهي. سرڪار ان کي ته روڪي نه سگھي پر ان انهن کوهن جي ويجھڙ کان مٽي ڪڍڻ تي پابندي وجھي ڇڏي. پر اها به گھڻو عرصو برقرار نه رهي ۽ ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان هتان به مٽي نڪرڻ شروع ٿي ويئي. نتيجي ۾ اهي کوهه سڪي ويا ۽ انهن مان شايد هڪ اڌ هلندڙ آهي جنهن مان واٽر بورڊ جي عملي جي ڪالوني کي پاڻي ملي ٿو. علائقي جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته انهن کوهن جي سڪڻ جي ڪري سندن زمينن ۽ زراعت کي نقصان پهتو آهي. سندن چوڻ آهي ته هن وقت زير زمين پاڻي جي سطح مٿي ٿي آهي ۽ انهن سرڪار کي چيو آهي ته انهن کوهن جي بحالي لا ڪوششون ورتيون وڃن پر صوبائي حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي ان ۾ ڪا دلچسپي نظر نه ٿي اڇي. سندن چوڻ آهي ته اهي هاڻي فاديمند ناهن رهيا.
سمنڊ ۾ ان ٻنهي ندين جو صاف پاڻي رڳو مينهن جو هوندو آهي جڏهين ته وڏي مقدار ۾ گندو پاڻي ۽ ٻيو گند ڪچرو انهن ندين وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. اٽڪل ٽيهه ڪروڙ گيلن کان وڌيڪ گندو پاڻي روزانو سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. انهن ندين جي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ چمڙي، دوائن، پيٽرو ڪيميڪل، ڪاغذ، گتي، ٽيڪسٽائيل، انجينيئرنگ ورڪس جا ڪارخانا ۽ ٿرمل پاور اسٽيشن آهن جن جو سڄو گند ڪچرو انهن ندين وسيلي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. ان سان سامونڊي جيوت ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ لڳ جيڪي مين گرو آهن انهن کي نقصان پهچي ٿو ۽ نتيجي ۾ پوري ماحوليات متاثر ٿئي ٿي.
جيتوڻيڪ انهن ندين ۾ مختلف وقتن تي سير تفريح ۽ آمدرفت لا ٻيڙي سروس وغيره جون تجويزون ۽ ڳالهيون پڻ ٿيون آهن پر شهر جي ماحول کي بهتر ڪرڻ لا ڪا رٿابندي ناهي. بلڪ ان کي ڏينهون ڏينهن اڃا وڌيڪ ابتر ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button