ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي واقعي جي شفاف جاچ ڪرايو

Editorial

سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين سان حراسمينٽ جا معاملا وڏي وقت کان ٿيندا پيا اچن. ان کانسواءِ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين پاران خودڪشين جا واقعا به ڪافي ٿيا آهن. جيڪڏهن يونيورسٽين ۾ پڙهندڙن شاگردياڻيون محفوظ نه آهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ڪڏهن به ناانصافيءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. جڏهن ته يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. جيڪڏهن تحفظ ئي نه هوندو ته پوءِ شاگرد يا شاگردياڻيون ڪهڙي ريت پڙهي سگهندا ۽ ڪهڙي ريت اهي اڳيان هلي پنهنجو ڪريئر ٺاهي سگهندا. تنهنڪري جيڪي ڪجهه به سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به ريت بهتر عمل ناهي. تازو ئي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار گرلز جو جيڪو معاملو سامهون آيو آهي. ان سبب هڪ ڀيرو وري يونيورسٽيءَ جي ماحول تي آڱريون کڄي رهيون آهن.
پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار گرلز جي فائنل ائير جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند کي مبينا تشدد ڪري گهٽا ڏنا ويا آهن. ان ڏس ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار گرلز جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند صحافين آڏو دانهيو آهي ته ھاسٽل جي ڊائريڪٽر ميڊم فرحين ۽ عاتقه ملي منھنجي مٿان تشدد ڪيو ۽ وارن کان وٺي مون کي گھليو ۽ گھٽا ڏنا آهن. آئون دانھون ڪندي ٻاھر ڊوڙيس ته مون کان موبائيل کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن صحافين آڏو لُڙڪ لاڙيندي چيو ته مادر علمين ۾ شاگردياڻين جي خودڪشين جا ھٿ ٺوڪيا واقعا رڪارڊ ٿيندا رھيا آھن. دراصل ۾ اُھي خودڪشيون نه پر نياڻين کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ تشدد ذريعي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو رھيو آھي. عزتدار شاگردياڻيون پاڻ سان ٿيندڙ ظلم، ناانصافين ۽ پنھنجي والدين جي عزت خاطر کين ناانصافين کان آگاھي ڏيڻ بدران مجبورن خودڪشي جو رستو اختيار ڪن ٿيون. ھن دانھيو ته اڄ صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو کي اسپتال جي دوري دوران آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته نياڻين سان ھتي ڇا وھي واپري رھيو آھي. ھن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪا شاگردياڻي والدين کي آگاھي ڏيڻ جي ڳالھه ڪندي آھي ته کين ڌمڪي ڏني ويندي آھي ته اوھان اھڙي قسم جي ڳالھه والدين تائين پھچائي ته اوھان جي داخلا رد ڪئي ويندي، جنهنڪري خوف سبب شاگردياڻيون يا ته ظلم برداشت ڪنديون آھن يا وري خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏينديون آھن. عذرا فضل پيچوھو متاثر نياڻي کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي فار گرلز جي ايڊمن ڊاڪٽر عامر نصراللھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽر پروين رند ھائوس جاب ڪري رھي آھي. ھو ھاسٽل جي ڪمري ۾ غير قانوني طور تي ترسيل ھئي، کيس ھاسٽل جو ڪمرو خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏنو ۽ سندس والدين کي گھرائي چيو ته ھو پنھنجي نياڻي$ کي سمجھائين. ھاسٽل جو ڪمرو خالي ڪري. اھڙي ڪارروائي کانپوءِ ڊاڪٽرياڻي تشدد ۽ حراسمينٽ جو بي بنياد الزام هنيو آھي. ٻئي طرف پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين شھيد بينظيرآباد جي رجسٽرار پنھنجي جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ھائوس آفيسر نرسنگ مس پروين رند جي باري ۾ ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن ۾ ڪا صداقت ناھي. يونيورسٽي انتظاميا شاگردياڻين ۽ ھائوس آفيسرن ۾ ھاسٽل جي ڪمرن کي ٻيھر تبديل ڪرڻ چاھيو پر ھائوس آفيسر ڪمرو تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي. هوڏانهن متاثر ڊاڪٽر پروين رند پنهنجي چاچي علي نواز رند سان گڏ اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتي ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران يونيورسٽي انتظاميه کي اگاهه ڪيو، جنهن بعد وي سي گلشن ميمڻ فون تي نياڻي جي چاچي کي منٿون ڪندو رھيو ته اوھان منھنجي آفيس اچو. پوليس جو ڪم قانوني ڪارروائي ھوندو آھي پر ھن معاملي ۾ پوليس جوابدارن جي ڌر آھي.
سنڌ جي يونيورسٽين توڙي اتان جي هاسٽلن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ڪونه لڳل آهن، جنهن جي ڪري اتي ڪهڙن ماڻهن جي اچ وڃ ٿئي ٿي ۽ اتي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي. يونيورسٽين ۾ پهرين فرصت ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن ته جيئن اها خبر پئجي سگهي ته اتي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڇا ڪري رهيو آهي. پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻيءَ جي ان بيان کي الزام به سمجهجي پر ماضي ۾ جيڪي ڪجهه يونيورسٽين ۾ ٿيندو آيو آهي، اهو سڀني جي اکين آڏو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن معاملي جي پهرين ته صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان کان پوءِ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃڻ ته جيئن شاگردياڻين تي اتي تحفظ جو احساس ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button