چار ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان بلوچستان جو دورو ڪندي وضاحت ڪئي ته پاڪ-چائنا اڪنامڪ ڪاريڊور (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ هي بلوچستان لا گيم چينجر ثابت ٿيندو. پهرين مرحلي ۾ توانائي، مواصلاتي ۽ رسائي وارين رٿائن تي ڌيان ڏنو ويو. ٻئي مرحلي ۾ صنعتڪاري ۽ زراعت کي مرڪز نگاهه بڻايو ويندو. ان وضاحت کان ڪجهه ڏينهن اڳ سي پيڪ اٿارٽي بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد منصور هڪ پريس بريفنگ ۾ ڪجهه ٺوس ۽ ڪجهه ڊرائنگ بورڊ تي موجود رٿائن جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو مرحلو پهرين مرحلي جي ڀيٽ ۾ 37 سيڪڙو وڏو آهي.
چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق جي بقول پهرين مرحلي ۾ توانائيءَ جا جيڪي منصوبا مڪمل ٿيا، انهن ۾ ڪوئلي مان 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارا 3 ڪارخانا (ساهيوال، پورٽ قاسم، حب) 600 ميگا واٽ جو هڪ اينگرو ٿر پراجيڪٽ ۽ هڪ هزار ميگاواٽ جو بهاولپور سولر پاور پارڪ شامل آهي. (ان پاور پارڪ ۾ 400 ميگاواٽ جو پيداواري منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ 600 ميگاواٽ مڪمل ٿيڻ تي آهي). ان کانسوا 4 هزار ميگاواٽ جي رسائي گنجائش واري 878 ڪلوميٽر ڊگهي مٽياري-لاهور ٽرانسميشن به مڪمل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ڪئين روڊن وارا منصوبا به مڪمل ٿي چڪا آهن يا ڪجهه مڪمل ٿيڻ وارا آهن.
جيستائين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو معاملو آهي ته سي پيڪ اٿارٽيءَ جي نگران خالد منصور جو چوڻ آهي ته هاڻي ڌيان صنعتڪاري ۽ ملازمتي موقعن ۾ واڌ تي ڏنو ويندو. جهڙي ريت اولهه صنعتي ملڪن ۾ ليبر مهانگو ٿيڻ جي نتيجي ۾ شيون ٺاهڻ جي لاڳت وڌڻ سان امريڪي ۽ يورپي صنعتڪارن چين، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ڏور اوڀر جو رخ ڪيو. اهڙي ريت هاڻي اهي چيني صنعتون، جتي ليبر ۽ شين جي تياريءَ جي لاڳت وڌي رهي آهي ۽ ڪئين صنعتون ها ٽيڪ پيداواري ذريعا اپنائڻ جي دور ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اهڙا صنعتڪار پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪن ۾ ليبر وسيلي هلندڙ ڪارخانا منتقل ڪرڻ لا اڳ کان وڌيڪ سنجيده آهن. اهي انساني روزگار جا مقامي موقعا پاڻهي وڌي ويندا. جيڪي منصوبا خاطريءَ جي مرحلي مان گذري ٻئي فيز ۾ حقيقت جو روپ ڌارڻ وارا آهن، انهن ۾ گوادر ۾ ايندڙ ٽن سالن اندر قائم ٿيندڙ اسٽيل اينڊ ميٽل ري سائيڪلنگ پلانٽ سر فهرست آهي. 450 ارب ڊالر جي ان منصوبي سان روزگار جا چاليهه هزار موقعا پيدا ٿيندا.
پر انهن روزگاري موقعن سان مقامي ماڻهن کي ڪيترو فائدو ٿيندو، ان باري ۾ خالد منصور جو چوڻ آهي ته چين گوادر ۾ هڪ جديد تربيتي مرڪز قائم ڪيو آهي. جنهن ۾ صنعتي ضرورتن ۽ گهرجن مطابق مقامي نوجوانن کي تربيت ڏني ويندي ته جيئن اهي بهتر نموني ڪم ڪن. خبر ته گهڻي سٺي آهي، پر اهڙو ڪو تربيتي مرڪز جيڪڏهن سي پيڪ جو پهريون مرحلو شروع ٿيڻ سان ئي ڪم شروع ڪري ڇڏي ها ته ڇا ٿئي ها؟ هاڻي جيڪڏهن ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ کان پو هي تربيتي مرڪز فعال ٿي ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ هتي ڪيترا تربيتي يافته نوجوان نڪري ايندا.
وزيراعظم جي خاص معاون اهو به ٻڌايو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي گيس ذخيرو ڪرڻ جو منصوبو چيني ڪمپنين جي سرمائيڪاريءَ سان مڪمل ٿيندو. جڏهن ته لاهور جي ڀرپاسي ۾ ٽيڪسٽائيل جي شين ۾ جدت ڪاريءَ جو منصوبو به مڪمل ٿيندو. طبي اوزارن جي مقامي تياريءَ جي شعبي ۾ 200 ملين ڊالر سرمائيڪاريءَ جي خاطري ڪرائي وئي آهي ۽ آپٽيڪل فائيبر وڇائڻ جي رٿائن ۾ 2 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري ٿيندي. هڪ چيني ڪمپني آٽو سيڪٽر ۾ 50 ملين ڊالر جي سرمائيڪاريءَ تي تيار آهي.
خاص مشير هڪ اهم ڳالهه ٻڌائي آهي ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي جي سرمائيڪاريءَ جو حجم 53 بلين ڊالر هو. ان مان فقط 25 بلين ڊالر جي سرمائيڪاري ٿي ۽ باقي 28 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري غور هيٺ آهي. ان جو مطلب ٿيو ته غور هيٺ ايندڙ سرمائيڪاريءَ جو حجم ٿيندڙ سرمائيڪاري کان وڌيڪ آهي. هاڻي جڏهن ٻئي مرحلي جو اعلان ٿي چڪو آهي ته ڇا پهرين مرحلي جي انهي غور هيٺ 28 ارب ڊالر جا منصوبا ٻئي مرحلي جو حصو ٿي سگهندا. اها به خبر نه پئي پوي ته جيڪي ڪمپنيون ايتري وڏي سرمائيڪاري فيز ون گذرڻ کانپو به ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن ته ان جي پويان دستاويزي يا زميني رنڊڪون آهن ۽ اهي ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ڪيون وينديون. چيو پيو وڃي ته فيز ٽو، فيز ون کان 37 سيڪڙو وڏو ٿيندو. پر حقيقي سرمائيڪاري ڪيتري ٿيندي، اها خبر 2030ع تائين پوندي. فيز ون جو هڪ منصوبو ڪراچيءَ کان پشاور تائين ايم ايل ون ريلوي لائين کي جديد ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جو به هو ۽ ان جي 2027ع تائين تڪميل جو اشارو ڏنو ويو هو. هيستائين هي منصوبو زمين تي ڇو ناهي لٿو؟ اها وضاحت به گهرجي.
وچ ۾ اهو تاثر وڌڻ لڳو ته امن امان، علائقائي ۽ سياسي بي چيني، دهشتگردي، سي پيڪ جي تجويز ڪيل رفتار ۽ سرمائيڪارن جي اعتماد تي سوار ٿي رهي آهي. ان مسئلي تي سياسي ۽ غير سياسي طريقن وسيلي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ته جاري رهي پر ان ۾ به اڻتڻ، بي دلي ۽ غير روايتي طريقا آزمائڻ جي جرئت جي کوٽ نظر آئي. ائين نه هجي ها ته فيز ون ۾ 53 ملين ڊالر جي تجويز ڪيل سرمائيڪاريءَ مان اڌ کان وڌيڪ هيستائين سوچ ويچار جي تار سان نه لڙڪيل هجي ها. وزيراعظم عمران خان ڪئين ڀيرا چئي چڪو آهي ته سي پيڪ ۾ ڪو ٽيون ملڪ شامل ٿيڻ چاهي ته ڀليڪار ڪيو ويندو. آثار اهي آهن ته وزيراعظم ترت روس جو دورو ڪندو، روسي ڪمپنيون شايد ان شراڪت تي راضي ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته هن وقت روس ۽ چين ۾ ان کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، جيتري مائوزيتنگ ۽ اسٽالن جي دور ۾ هئي.
چين ايران کي به روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي ۾ شامل ڪيو آهي ۽ هو اتان کان ايندڙ 25 سالن ۾ 400 ملين ڊالر سرمائيڪاريءَ جو وعدو ڪري چڪو آهي. گڏوگڏ گوادر کان ڪجهه پريان ايراني بندرگاهه چاهه بهار جي توسيع ۽ ساحلي صنعتي منصوبن ۾ ڀارت جي ڀيٽ ۾ چين کي وڌيڪ گنجائش ملي وئي آهي. چين تيل ۽ گيس جي ايراني ذخيرن جي ترقيءَ ۾ به گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. ڇا ان سڄي معاملي جو فائدو پاڪ-ايران لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ۽ گڏيل اعتماد ۾ واڌ جي شڪل ۾ سامهون ايندو. انتظار باقي آهي.
افغانستان به روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي جو حصو ٿيڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ ائين ٿئي ٿو ته جتي افغانستان جي معدني دولت ۾ چيني سرمائيڪاري وڌندي، اتي وچ ايشيائي رياستن جي اضافي بجلي ۽ گئس پائيپ لائين سان پاڪستان جو ڀلو ٿي سگهي ٿو. پر افغانستان اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي باري ۾ ڪابه اڳڪٿي ڪرڻ وڏو رسڪ آهي. اڃا به طالبان حڪومت کي عالمي سطح تي قبول ڪرڻ جو مرحلو پيو آهي. جڏهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جو دورو ڪيو هو ته ان کان پو گوادر ۾ پيٽرول ڪيميڪل شعبي ۾ 20 ملين ڊالر جي سعودي سرمائيڪاريءَ جو به اعلان ٿيو هو. اڄ ٻن سالن کان پو اعلان فقط دل خوش پيو ڪري.
ٻئي پاسي اولهه جا ملڪ ۽ امريڪا سي پيڪ جي تعلق سان پاڪستان جي لا وڏا فڪرمند آهن. انهن جو خيال آهي ته پاڪستان قرض جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي، جنهن مان نڪرڻ ڏکيو آهي. پر اولهه جي ملڪن جو اهو گوڙ ته “مينهن توکي چور کڻي ويا”، مينهن به پويان مڙي اهو ئي چيو هو ته “تون به کير جي بدلي ۾ گاهه ئي ڏيندو هئين، اڳيون ماڻهو به بکيو ته ڪونه ماريندو.” رهي ڳالهه ڀارت ۽ سي پيڪ جي ته بقول جون ايليا؛
ڪيا تڪلف ڪرين يه ڪهني مين
جو به خوش هي، هم اس سي جلتي هين