ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هيسيل هيانءُ ۽ بااثر بگهڙ

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

سنڌ ۾ پورو سماج هڪ هيجاني ڪيفيت مان گذري رهيو آهي ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ عورتن سان جيڪي ظلم، ڏاڍايون، ناانصافيون ۽ وحشت جون وارداتون ٿين ٿيون، اهي بيان ڪندي به انتهائي سخت اذيت محسوس ٿي ٿئي. هونئن ته سنڌ جو پورو سماج بدترين حالتن مان گذري پيو، يعني سماج جو مظلوم طبقو بي پهچ ماڻهو ۽ بي اثر اهڙين تڪليفن مان گذري ٿو جو انهن سان ٿيل وارداتن کي ٻڌڻ کان پوءِ يقين ئي نه ايندو ته هڪ انساني سماج ۾ اهڙيون وارداتون به ٿي سگھن ٿيون ۽ ان وقت وڌيڪ پيڙاھه ٿي محسوس ٿئي، جڏهن انهن وارداتن ڪندڙن جو تعلق سڌي طرح بااثر بنگلن سان، سياسي پارٽِين سان ۽ طاقتور گروهن سان هجي ٿو. تڏهن ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ اسان جنهن دور مان گذرون پيا، انهيءَ ۾ رياست ۽ حڪومت جو عوام جي لاءِ ڪو به ڪردار ناهي، ان جي وڌيڪ چٽي تصوير سنڌ جي مادر علمين ۾ شاگردياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍاين، تشدد، بليڪ ميلنگ، هراسمينٽ جي واقعن ۾ نظر اچي ٿي، جيڪي بند ڪمرن جي اونداهين مان ٻاهر نڪري ٿا اچن يا خوف جي هٿ کي پري ڪري ڪو آواز بلند ٿو ٿئي.
تعليمي ادارا هڪ طرف احترام جو درجو رکندا آهن ته ٻئي طرف انهن جي اندر تهذيب، ڊسپلين تمام گھڻو مثالي هوندو آهي. ڇو ته تعليمي ادارا صرف شعوري تعليم ۽ علم ناهن ڏيندا پر شاگرد جي اخلاقي ۽ تهذيبي تربيت به ڪئي ويندي آهي. تنهن ڪري انهن جو مثال هر سماج ۾ منفرد ۽ مٿانهون هوندو آهي. دنيا جو ڪيترو به ترقي يافتا معاشرو ڇو نه هجي پر انهن جا تعليمي ادارا پوري سماج کان مٿين سطح تي بيٺل نظر ايندا ۽ بلڪل ايئن ئي اهڙي طرح پوئتي پيل معاشرن ۾ جتي سماجي حالتون بد کان بدتر هونديون آهن، اتي تعليمي ادارن جي اندر ڊسپلين ۽ تهذيب جو ڏيک منفرد نظر ايندو. جڏهن مادر علمين ۾ ٻاهريون ڪو به ماڻهو داخل ٿيندو (جنهن جو پهريون مشاهدو ٿيل ناهي هوندو) ته انهيءَ جي حيرت جي حد نه رهندي.
پوئتي پيل معاشرن ۾ به تعليمي ادارن جي اندر ۽ خاص ڪري مادر علمين جي دنيا پنهنجي سماجن کان گھڻي اڳتي وڌيل ۽ اڳتي نظر ايندي ۽ انهن مادر علمين جي ڏيک کي ڏسڻ کان پوءِ سماجي ارتقائن جي يا پنهنجي قوم جي مستقبل کي سمجھڻ جو موقعو ملندو آهي. اسان آسانيءَ سان هي چوندا آهيون ته يونيورسٽيون رڳو پڙهائينديون ناهن پر يونيورسٽين جي اندر آئڊياز يعني نظريا بحث مباحثي ۾ ايندا آهن ۽ انهن تجزيا ڪيا ويندا آهن. اهوئي سبب آهي جو يونيورسٽي جي انظاميا کي گھڻي ڀاڱي اٽانمس باڊي يعني خود مختيار اٿارٽي سان هلايو ويندو آهي.
اعليٰ تعليم جي پوري نگهباني اعليٰ تعليمي ادارا ڪندا آهن، حڪومتن جي انتظامي مداخلت ناهي ڪئي ويندي پر جڏهن حڪومتون پنهنجي انتظامي سهڪار کان وڌي ڪري مداخلت جو ڪردار ادا ڪنديون آهن ته پوءِ پوري تعليمي ادارن جو ڏيک ۽ عمل بد کان بدتر ٿيندو ويندو آهي، هن ملڪ ۾ بري ۽ بيڪار سياست هجڻ جي باوجود ڪجھه عرصي تائين تعليمي ادارن جي تقدس جو احترام رکيو ويو پر مارشل لائن جي مسلسل دهشتن کان پوءِ نام نهاد يا نالي ماتر جمهوري حڪومتون جيڪي به آيون، انهن اها حرڪت پنهنجي سياسي مفادن ۽ اقربا پروري جي بنيادن تي رکندي، انهن جي مداخلت کي به نظر انداز ڪيو، جن جا مفاد تعليمي عالم پيدا ڪرڻ جي بجاءِ لالا جا چوها پيدا ڪرڻ هوندو آهي. اها مداخلت وڌندي پهريان تعليمي ادارن جي اندر بد کان بدتر ڀرتيون يعني نوڪرين جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ پوءِ بدتر طريقي سان معاشي ڪرپشن جا وڏا وڏا داستان جنم وٺڻ لڳا ۽ هاڻي اها گندگي وڌي ڪري ان حد تائين پهتي آهي جو انهن مادر علمين جي اندر خاص ڪري شاگردياڻيون تشدد ۽ هراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون. نمرتا چنداڻي جو سانحو، ڊاڪٽر نوشين شاھه جو دردناڪ موت ان جو مثال آهي. ٻنهي جو موت هاسٽل جي اندر ٿيو، موت جو ظاهري ڏيک خودڪشي ڏيکاري وئي يا ٻڌائي وئي پر تازين رپورٽن کان پوءِ لون به ڪانڊارجي ٿي وڃي ته انهي ٻنهي شاگردياڻين جي جسم ۽ ڪپڙن مان مليل جزا هڪڙي ئي مرد جا رپورٽ ٿيا آهن.
لمس ڄام شوري جي فارنزڪ اينڊ ماليڪولر ليبارٽري جي پروفيسرن اهو انڪشاف ڪيو آهي ته هنن انتظاميه کان هاسٽل ۾ ايندڙ ويندڙ لاڳاپيل مردن جي ڊي اين ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ۽ رت جا سمپل وٺڻ جي لاءِ انتظاميه کان گھر ڪئي آهي ته هو اهڙو بندوبست ڪن، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رند ڇوڪري جي خودڪشي کان هاڻي معصوم ۽ غريب الماس جنهن دردناڪ دانهيو آهي ته هن کي يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهھ شاگرد لوفرن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هن دانهيو ۽ پوءِ هو ڌمڪيون ڏيندي هليا ويا، يونيورسٽي انتظاميه الماس جي الزامن کي رد ڪري ۽ پوءِ نام نهاد مدد ڪرڻ جي لاءِ چيو آهي. رپورٽ ٿيل خبرن ۾ اسان جي اڳيان پمس جي شاگردياڻي پروين رند جيڪا دانهن ڪرڻ کان پوءِ روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺي، انهيءَ کي به نرسنگ اسڪول جي انتظاميه بليڪ ميلنگ سڏيو آهي. دردناڪ واقعا تعليمي ادارن سان ٿيندي رپورٽ ٿي رهيا آهن ته وري نئون ڪوٽ جي شرمناڪ ٻي واردات اسان جي اڳيان اچي وئي، جو ٻن عورتن کي بگھڙن تشدد ۽ حوس جو نشانو بڻائي هڪ ٻي دهشت پکيڙي آهي. اسان جي پوليس ۽ انتظاميا پنهنجي روايتي ڪردارن سان ڪيس داخل ڪندي ۽ وٺ پڪڙ جا مظاهرا ڪندي نظر اچي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي ڪن تي ڪو به آواز ۽ دانهن ڪوڪ اثر نٿي ڪري.
سنڌ جون قوم پرست ۽ ٻيون جماعتون احتجاجن ۾ مظلوم ۽ هيسيل هيائن سان گڏ آهن. انتظاميا وڌ کان وڌ پنهنجي چهبڪ دستي ڏيکاريندي اهوئي ٿي چئي ته متاثرن کي انصاف ڏيارينداسين ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪنداسين. اسان کي خبر آهي ته ڪهڙيون گرفتاريون ٿينديون ۽ انهن کي سزا ايندي به يا نه، ڇو ته سنڌ جي اندر تعليمي ادارن يا تعليمي ادارن کان ٻاهر جيڪي به رهزن ۽ بگھڙ آهن، اهي سڀ جو سڀ بااثر ڪردارن سان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جڙيل آهن. اسان کي هي به ياد آهي ته سنڌ جي وزير اعليٰ جي تڪ جي تانيه خاصخيلي جنهن کي کلي عام کلي دهشت سان انهيءَ ڪري قتل ڪيو ويو ته هن رهزن قاتل سان شاديءَ کان انڪار ڪيو پر انهيءَ جي قاتل کي ڪيترائي ڏينهن پوليس گرفتار نه ڪيو هو. سوشل ميڊيا تي هاءِ گھوڙا ٿيڻ کان پوءِ گرفتاري ٿي. تانيه جو خاندان خوفزده رهندي ڪراچي لڏي ويو. مختلف ماڻهن کان تحفظ جي لاءِ اپيل ڪندو رهيو، ڇا ٿيو؟ سنڌ واسين کي هن وقت اهو شايد ياد به ناهي.
اهي وارداتون هر روز سرد لاشن جيان لڙهندي نظر ٿيون اچن. سنڌ جو ڪو به اهڙو ڏينهن ناهي گذريو جنهن ۾ عورتن سان هراسمينٽ يا بليڪ ميلنگ نه ٿيندي هجي. تشدد ته اسان وٽ هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي. رياست جا ادارا صرف انهن جا مددگار بڻجن ٿا جيڪي طاقتور آهن يا جيڪي ڪيس هاءِ پروفائل ٿين ٿا پر هتي لکن جي تعداد ۾ ڇوڪريون ۽ عورتون وحشي بگھڙن جي هراسمينٽ جو شڪار بڻيل آهن ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون انهن وحشين ۽ بدمعاشن جي حرڪتن سان بليڪ ميل ٿيل آهن.
لاڙڪاڻي جي ٻن ڇوڪرين ڪجھه عرصو اڳ ميڊيا ۾ دانهيو هو ۽ ڪيس به داخل ڪيو هو جن کي ٻن سپاهين بليڪ ميل ڪري انهن جي معرفت ڪيترن ڇوڪرين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو، اهڙو ئي رهزني جو ڪيس خيرپور ۾ به رپورٽ ٿيو هيو پر جيڪڏهن رپورٽ ٿيڻ شروع ٿين ته سنڌ جو شايد ڪو به پاڙو اهڙو ناهي جتي اهڙي قسم جي وارداتي رهزنيت نه ٿيندي هجي. رياست ۽ حڪومت جي ادارن کي اهو ٺيڪ طرح سان معلوم آهي پر هن وقت تائين عام ماڻهن جي مدد جي لاءِ خاص ڪري ڇوڪرين جي مدد لاءِ ڪا به اهڙي هيلپ لائن ناهي جتي هو دانهن ڏين ۽ اها هيلپ لائن انتهائي رازداريءَ سان انهن جي مدد ڪري ۽ انهن کي بدنامين کان بچائي. حڪومت جو ڪم ته اهو آهي ته هو ماڻهن کي تحفظ ڏيئي پر جڏهن بااثر بگھڙ انهن جا پيارا هوندا ته هيسيل هيانءُ بدناميءَ ۽ نااميدي جو شڪار ئي ٿيندا رهندا. ڀلي اسان ڪيترو به خود اعتماديءَ سان اهو چئون ته بدناميءَ جو خوف عورتن جي لاءِ تمام گھڻو نقصانڪار آهي هو جرئت ڪن ۽ بدنامين جي ڀئو کان ٻاهر نڪرن پر حقيقت انهيءَ کان ڪافي مختلف آهي زميني حقيقتون اسان کي ٻڌائن ٿيون ته جڏهن ڪا عورت بدنامي جي داغن ۾ داغدار ٿي ٿئي ته پوءِ هن جي باقي زندگي ڪيتري ڏکي ٿي گذري. ها ان خوف کي ختم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا ادارا وقت جي حڪومت ۽ سياسي جماعتون مستقل مزاجيءَ سان جيڪڏهن مظلوم عورتن ۽ خاندانن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن ته يقينن هو پاڻ کي اڪيلائپ جي اونداهي ۾ ڪرندي محسوس نه ڪندا پر انهيءَ جي لاءِ خاص ڪري سياسي جماعتون جيڪي پاڻ کي عوامي ۽ انقلابي چون ٿيون، انهن کي وڌ کان وڌ اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button