شوبز

ڪنگنا جو دپيڪا تي وار، فلم گهرائيان ڪچري جو ڍير قرار

بالي ووڊ جي تڪرارن کي جنم ڏيڻ جي ماهر اداڪارا ڪنگنا رناوت دپيڪا پڊوڪون جي فلم گهرائيان تي ڇتي تنقيد ڪندي ان کي ڪچري جو ڍير قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪنگنا رناوت کان اڳ بھ فلم تي مختلف شعبن جا ماڻهو تنقيد ڪري چڪا آهن. جڏهن تھ بالي ووڊ ۾ ڪوئين سڏي ويندڙ ڪنگنا فلم انڊسٽري جي پدماوتي راڻي کي نشانو بڻائيندي مٿس ڇتي تنقيد جا تير اڇليا آهن. ڪنگنا رناوت جو چوڻ آهي تھ مهرباني ڪري نئين دور يا شهري فلم جي نالي ۾ ڪچرو نھ وڪڻو، ڇوتھ ڪنهن خراب فلم کي جسم جي نمائش يا بولڊ منظرن ذريعي بچائي نٿو سگهجي. هن چيو تھ فلم ۾ گهرائيان واري ڪابھ ڳالهه ناهي ۽ اهو وڏو سچ آهي، جيڪو قبول ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button