شوبز

شوبز دنيا جون مختصر ۽ اهم خبرون

زالي سرحدي کي خوف ناهي

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا زالي سرحدي کي خوف ناهي ٿيندو، هن تازي تصوير شيئر ڪري ان جي ڪيپشن مشهور چوڻي ۾ ترميم ڪئي تھ، بيخوفي ايجاد جي امڙ آهي.

جمائما جي آمريڪا تي تنقيد

برطانوي فلم ميڪر جمائما گولڊ سمٿ

لنڊن: برطانوي فلم ميڪر ۽ وزيراعظم جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ آمريڪا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي تھ افغانستان جا پيسا وارهائي غلط ڪيو ويو آهي.

لتا نورجهان آڏو شرمائي وئي

راڳ جي دنيا جون ليجنڊ نورجهان ۽ لتا منگيشڪر (يادگار فوٽو)

لاهور: پاڪستان جي ليجنڊ ڳائڻي نورجهان جي نياڻي نازيا اعجاز انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس امڙ جي آڏو لتا منگيشڪر اي دل نادان جهونگاريندي شرمائيندي رهي آهي.

شلپا شيٽي عدالت طلب

بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جو وڻندڙ انداز

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي کي سندس امڙ ۽ ڀيڻ سميت عدالت لکين رپين جي رهت ادا نھ ڪرڻ تي طلب ڪيو آهي. هڪ واپاري مٿن 21 لک نھ ڏيڻ جو الزام هنيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button