ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جو حال

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

مون سوچيو ته اھو ھو ته نئون ڪوٽ جي ٻن نياڻين سان اڄوڪن چونڊيل ٽالپورن ۽ سندن مرضيءَ سان مقرر ڪيل پوليس آفيسرن ۽ سندن ٽنگڙي قبيلي وارن گلزار ٽنگڙي جھڙن نفيس آباد جي پوليس چوڪي انچارج جي راڄ ۾ سنڌين کي لڄائيندڙ ھي جيڪو قھر ۽ اذيتناڪ جبر ٿيو آهي، ان جي ٻي قسط لکي، اصل ڏوھارين کي ظاھر ڪندس جن جو ڌنڌو ئي اھو آهي ته غريب مسڪين ۽ بي پھچ ماڻھن کي ھتان ڀڄائي، سندن سورھن ايڪڙن تي به قبضو ڪريو. سنڌ کي ھڪ ڀيرو وري ميرن ۽ زردارين جي بادشاهيءَ ۾ قيد ڪريو.

سنڌ جا ماڻهو اڳي انگريزن جي گورن چٽن فوجين جا غلام ھئا، 1947 جي ورهاڱي کان پوءِ ڪارن جا غلام ٿي ويا. بنگالين، بلوچن، پٺاڻن جيان پر ھنن چئني قومن جي جوانن توڙي ٻڍڙن جا حوصلا ستن آسمانن کان به وڌيڪ گھڻن ئي آسمانن کان بلند ھوندا ھئا. انگريزن جي ڇانوڻين ۾ ورھاڱي بعد رڳو چوڪيدارن جي چھرن جو رنگ اڇي مان سانورو ٿي ويو ھو. ڪروڙين محنت ڪش ھارين ۽ مزدورن پنهنجي پنهنجي ديس جي آزاديءَ لاءِ سالن جا سال جيڪا جاکوڙ ۽ نسل در نسل جدوجهد ڪندي، ھزارين جانيون قربان ڪيون، انھن کي آزادي کان به بدترين غلامي نصيب ٿي جا اسان جھڙن مرڻ ڪنڌيءَ تي لڙڪيل چوٿين پيڙهيءَ کان پوءِ، ايندڙ نسلن کي گذريل پنجھتر سالن ۾ انگريز سامراج کان به وڏي ظالماڻي ۽ بدمعاشي واري نظام حوالي ڪرڻ واري آهي.

اسان کان اڳ ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي سماجي، معاشي ۽ روحاني خوشيءَ لاءِ جن سچن وطن دوست سياسي اڳواڻن جوڳون ڪيون، تن ۾ خان ولي خان جو باوقار ۽ اصول پرست والد عبدالغفار خان، پنجاب مان ڀڳت سنگهه، سورھيه بادشاھه پير پاڳارو صبغت الله راشدي شهيد، الله بخش سومرو شهيد، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، شيخ اياز، شھيد فاضل راهو، نظير عباسي شھيد ۽ حيدر بخش جتوئي جنهن ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي کي لت ھڻي، ھرھڪ ڊڪٽيٽرشپ خلاف مرڻ گهڙيءَ تائين وڏي بي مثال سچائي سان پاڻ کي مظلوم ۽ محڪوم طبقي سان سلهاڙي سڄي ڄمار جيل جون اذيتون ڀوڳيون.

جتوئي صاحب کي سلام آهي ته سدائين ھارين نارين ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ لڙندو رهيو. سائين جي ايم سيد وانگر سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هڻي، جنرل يحيٰ خان جي پاڪستان واري 1970 جي عام چونڊن ۾ حصو نه ورتائين. آدرشي انسان کي اقتدار جي لالچ ئي نه ھوندي ھئي. ھو پنھنجن عظيم آدرشن کي توڙ تائين نڀائيندو رهيو.

اڄ اھڙن پورھيت دوست ۽ وطن پرستن جي جاءِ پاڪستاني رياست جي سياست ڪندڙ بي اصول ۽ ڌن دولت جي لالچي لولو لنگڙو اقتدار چاھيندڙ سياسي مھرن سنڀالي ورتي آهي. امن ۽ سلامتيءَ جي ڌرتي سنڌ جو ھنن عوام دشمن حاڪمن جي راڄ ۾ جيڪو غريب مسڪين ماڻهن جو بڇڙو حال ٿيو آهي ان لاءِ مان ڪجھه به نه ٿو لکان. اڄوڪي يعني ڇنڇر واري پنھنجي اخبار سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيل خبرن جي ھيڊنگ اوهان کي پڙهائڻ چاهيان ٿو ته جيئن پاڻ سمجھو ۽ سوچيو ته سنڌ جا حڪمران گذريل 14 سالن اندر شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جو امن ۽ سک شانتي ڪھڙي نه منظم طريقي سان ڦٽائي چڪا آھن:

*ماڻهن جي صحت لاءِ ھاڃيڪار پيئڻ جو پاڻي ڪراچيءَ ۾93 سيڪڙو انسان، حيدرآباد ۾ 80 سيڪڙو ۽ سکر ۾67 سيڪڙو ماڻهو واپرائين ٿا.

*بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي چانڊڪا ۾ پراسرار نموني موت جو شڪار ٿيل نياڻين نمرتا چنداڻي ۽ نوشين شاھه جي جسم مان مليل مرداڻي رت جي جزن ۾ ھڪجھڙائي!

*نوشين جي ڪپڙن ۽ ڦاهيءَ واري رسي جي فرانزڪ رپورٽ مان حاصل ٿيل ڊي اين اي بلڪل ساڳي آهي.

*ٻنهي نياڻين جي ڪپڙن مان مليل اسپرم جا جزا ھڪڙي ئي شخص جا آهن.

*لمس يونيورسٽي جي رپورٽ ۾ نمرتا چنداڻي جي جنسي جزن سان ڪيل ھٿ چراند غير قانوني آهي. وي سي انيلا عطا جو بيان.

*نمرتا کي ماريندڙ قاتل ئي منھنجي ڌيءَ نوشين کي قتل ڪيو آهي. (ھدايت علي شاهه)

*بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نمرتا ۽ نوشين شاھه جي قتل باوجود ھاسٽل جي نگران پرووسٽ عدنان وھاب قريشي کي (جيڪو ليڪچرار آهي ۽ انتظامي آفيسر مقرر ڪرڻ غير قانوني آهي) وي سي انيلا عطا اڃا نه ٿي ھٽائي. نمرتا جي قتل کانپوءِ عدنان قريشيءَ کي ھڪ وڌيڪ ڊپارٽمينٽ ٽرانسپورٽ جو به انچارج ڪري ڇڏيائين. (شاگردياڻين جو احتجاج)

انيلا عطا کي وائيس چانسلر مقرر ٿئي سال ڏيڍ مس ٿيو آهي پر انھيءَ ٿورڙي وقت اندر بينظير ڀٽو يونيورسٽي مان ٻن نياڻين جا لاش مليا آهن. مقتول شاگردياڻين تي آپگھات جو ڍڪ رکندڙ انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار جي چھرن تان انسانيت جو ماسڪ لھي چڪو آهي. (ميڊم غنويٰ ڀٽو)

*پروين رند سان پيپلز يونيورسٽي نوابشاھه ۾ ٿيل ڏاڍائيءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا. نوابشاھه ۾ نڪتل جلوس جي اڳواڻي شهيد تانيه خاصخيلي ۽ پروين رند جي مائرن ڪئي.

سنڌ جي مقدس درسگاهن ۾ پڙهندڙ نياڻيون محفوظ نه آهن. (سنڌي شاگرد تحريڪ)

سنڌ حڪومت جي نا اهلي سبب تعليمي ادارا قتل گاهه بڻجي چڪا آهن. درسگاهن کي وحشي ۽ ڪرپٽ آفيسرن ۽ استادن حوالي ڪيو ويو آهي. (سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ)

ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته اعليٰ تعليم جا ادارا بگھڙن حوالي ڪري ڇڏيا آهن سنڌ حڪومت. (ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن)

سنڌ جا تعليمي ادارا نياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويا آهن. (جماعت اسلامي سنڌ)

نئون ڪوٽ ۾ ٻن نياڻين سان ٿيل جنسي ڏاڍائيءَ جو مک جوابدار چوڪي انچارج گلزار ٽنگڙي اڃا تائين گرفتارنه ٿيو آهي. مير واھه گورچاڻي، ماتلي، نئون ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ظلم خلاف ميڙاڪا.

جوھي پوليس جي هٿرادو مقابلي ۾ بيگناهھ مارجي ويل پيرسن جو لاش رکي انڊس ھائي وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ جام ڪئي ويئي.

واٽ ويندڙ ماءُ جي هنج مان کسجي اغوا ٿي ويل 9 مھينن جي معصوم ٻار جو لاش پير وسڻ لڳ شاخ مان ھٿ آيو.

سجاول جوڻيجو پوليس جي گوليءَ سان ڦٽيل ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو. وارثن لاش کي روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

ٺاروشاھه ۾ زال جي آپگھات کي مائٽن قتل قرار ڏيئي ڇڏيو. نوشھرو فيروز پريس ڪلب آڏو وارثن جو سخت احتجاج.

منهنجو ڪالم پڙهندڙ دوستن کي سچ ٻڌايان ٿو ته ھي چند خبرون سنڌ اندر ٿيندڙ ظلم، قتل، زوريءَ زنا، ڦرين ۽ ڌاڙن جي ھڪ ڏينھن ۾ ٿيل وارداتن جو فقط پنج سيڪڙو آهن. سنڌ جھڙي امن امان واري سکين ستابن سنڌين جي وطن ۾ ايتري ته خوشحالي ھوندي ھئي جو ڪنھن به ننڍي يا وڏي شهر ۾ جيڪڏھن قتل جي ڪا واردات ٿيندي ھئي ته سڄي شهر ۾ ڄڻ ٿرٿلو اچي ويندو ھو. آئون ڏهن ٻارهن سالن کان ھروڀرو ته نه پيو لکان ته جڏهن حڪمران پاڻ ڏوھن ۽ ڏوھارين جو بچاءُ ڪندا رھندا ته عام ماڻهو به انصاف نه ملڻ عيوض ھٿيار کڻندا. ڇا ڌاڙيل ماءُ جي پيٽان ڄمندو آهي؟

عام ماڻهن کي ڇڏيو اھي غريب ته آهن ئي عذابن جي ور چڙهيل، پر اعليٰ تعليمي ادارن ۽ مقدس درسگاهن ۾ ٿيندڙ ظلم جبر ۽ قتل ڇا سنڌ جي نياڻين جو مستقبل اونداهو نه ڪندا. اڄ مظلوم شاگردياڻين جا وارث اعلان ڪري رهيا آهن ته اسان سنڌ يونيورسٽي جي مارئي ھاسٽل ۾ ٿيندڙ غنڊاگردي کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته نياڻين جي پڙھائي کي بند ڪري ڇڏيون. مارئي ھاسٽل مان 2019 ۾ نائيلا رند جي پکي ۾ لٽڪيل لاش کان وٺي اڄ تائين انھيءَ ھاسٽل جي تڪراري انچارج عورت کي نه ھٽائڻ جو سبب پڇي سگهون ٿا؟ خود وائيس چانسلر شاگردياڻين جي ھاسٽل ٻاھران چؤطرف سي سي ٽي وي ڪئميرائون آخر ڪھڙي دٻاءُ تحت نه ٿو ھڻائي؟ جيڪڏهن ڪئميرائون لڳل ھجن ھا ته ٽن موٽر سائيڪلن تي الماس ڀان شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ لاءِ آيل بدمعاش ۽ سندن حفاظت ڪرڻ وارا ھٿ ظاھر ٿي وڃن ها.

انھن بگ ڏوھارين کي گرفتاري کان بچائڻ وارا حڪمرانن جا بڇيل اصل ڏوھي به سوشل ميڊيا جي اڄوڪي جديد دؤر ۾ گھڻي عرصي تائين عوام کان ڳجھا نه رهندا.

پڇاڙڪا لفظ:

اجھو ھينئر شام 5 وڳي نيوز بليٽن ۾ سمورن ٽي وي چئنلز تان حڪمرانن جي کليل بدمعاشي سبب سڪرنڊ ويجهو ٻنيءَ جي تڪرار تان نوابشاھه جي هٿياربند پوليس پنجن ھارين کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي ۽ ڏھن ڦٽيل ڳوٺاڻن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ھي اھا ئي زمين آھي جيڪا ايس يو پي جي اڳواڻ سيد زين شاهه جي ڌرڻي کانپوءِ قابض پوليس وارن خالي ڪئي ھئي. اڄ حڪمران ڌر جي پاران پوليس چڙهائي ڪري صدين کان وٺي رھندڙ ڳوٺاڻن خلاف دھشتگردي جو نئون ڪارنامو ڪيو آهي جيڪو پ پ جي زوال جو باعث ضرور ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button