ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غيرمحفوظ پاڻي واپرائڻ تي مجبور ڪيل عوام

Editorial

ملڪ جي وڏن شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي 93 سيڪڙو تائين غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت سينيٽ ۾ ڏنل لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته 2020 ۾ ملڪ جي 29 شهرن مان پيئڻ جي پاڻي جا نمونا ورتا ويا ۽ پاڻي جي نمونن مطابق ملڪ ۾ 61 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي. سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي لکت واري جواب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نوابشاهه مان ورتل پاڻي جا 100 سيڪڙو نمونا غير محفوط هئا. جڏهن ته گلگت ۽ ميرپورخاص جي پاڻي جا سمورا نمونا به 100 سيڪڙو غير محفوظ ڏٺا ويا. وزارت مطابق ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 93 سيڪڙو نمونا غير محفوظ آهن. جڏهن ته سکر ۾ 67، حيدرآباد 80 ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پاڻي جا نمونا غير محفوظ ڏٺا ويا. لکت واري جواب ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 29 سيڪڙو نمونا غير محفوظ هئا. جڏهن ته بهاولپور ۾ 75، ملتان 94، سرگوڌا 83، لاهور 31، قصور 10، مظفرآباد 70 ۽ ڪوئيٽا جي پاڻي جا 65 سيڪڙو نمونا غير محفوط هئا. وزارت مطابق گجرات ۽ سيالڪوٽ مان ورتل پاڻي جا سمورا نمونا محفوظ هئا. شبلي فراز ٻڌايو ته ملڪ مان پاڻي جا نمونا شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن مان ورتا ويا آهن.
يقينن صاف پاڻي جي فراهمي جو مسئلو سڄي ملڪ جو مسئلو آهي پر خاص ڪري سنڌ ۾ ان جي صورتحال گهڻي خراب آهي. ڪجهه عرصو اڳ به سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۾ انساني فضلو موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو هو. اهڙو انڪشاف سنڌ ۾ پيئڻ پاڻيءَ جي معيار بابت پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال واري ڪميشن جي ٽاسڪ فورس طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڪيو ويو هو. ڄاڻايل ضلعن ۾ 83 سيڪڙو پاڻيءَ جا نمونا انساني جانين لاءِ خطرناڪ حد تائين هاڃيڪار ٻڌايا ويا هئا. جن ضلعن جي پاڻيءَ ۾ انساني فضلو شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو هو، انهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٺٽو، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، بدين، ڄامشورو ۽ ٽنڊومحمد خان شامل آهن. سوال اهو آهي ته حڪومت يا انتظاميا ان ڏس ۾ ڇا ڪيو؟ ڄاڻايل ضلعن جا شهري جيڪو پاڻي واپرائي رهيا آهن، ان سندن صحت تي ڪيترا هاڃيڪار اثر ڇڏيا هوندا، ان جو حڪمرانن کي ڪو احساس به آهي؟ ايترو عرصو گذري وڃڻ باوجود حڪمرانن نيٺ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟
ڪٿي زهريلو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي مورڳو پاڻي اڻلڀ آهي. جڏهن ته لاڳاپيل انتظاميا جو عوام دشمن ڪردار به هاڻي سامهون اچي رهيو آهي. جيڪا شهرين جي زندگين سان کيڏڻ جهڙي سنگين ڏوهه جي مرتڪب ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي کي صاف ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي گهربل قدم کڻڻ گهرجن، اهي نه پيا کنيا وڃن. ان لاءِ بجيٽ به اچي ٿي پر اها پاڻي کي صاف ڪرڻ تي خرچ ڪرڻ بدران ڪٿي ٻي هنڌ خرچ ٿي رهي آهي. ڪجهه عرصو اڳ حيدرآباد ۾ واسا طرفان شهرين کي ڪلورين بنا پاڻي فراهم ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو هو، اهڙو انڪشاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حيدرآباد ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي ۾ گٽر جو زهريلو پاڻي مليل هجڻ خلاف داخل ڪيل آئيني پٽيشن جي شنوائي دوران ٿيو هو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران واسا جي پيش ڪيل بجيٽ رڪارڊ موجب سال 2015_2016 ۽ 2017_2018ع کان وٺي پاڻي کي صاف ڪرڻ واري دوا ڪلورين جي هڪ گوري به خريد ڪري پاڻي ۾ ناهي ملائي ويئي. جنهن تي هڪ معزز جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته “ڇو نه ايم ڊي واسا، ايڊشنل ايم ڊي واسا ۽ ٻئي عملي تي ڪرمنل ڪيس داخل ڪيو وڃي.” اها صورتحال رڳو حيدرآباد جي ناهي، سڄي سنڌ ۾ اهڙي ئي صورتحال آهي، سنڌ ۾ ڪو به اهڙو شهر ناهي جتي اهڙو پاڻي فراهم ٿيندو هجي، جيڪو انسانن جي استعمال جوڳو هجي. هي ڪو پهريون انڪشاف به ناهي، اهڙا انڪشاف اڳ ۾ به ٿيندا رهيا آهن ته ڪيئن نه سنڌ جي عوام کي انساني فضلو مليل ۽ زهريلو پاڻي فراهم ڪري، شهرين جي زندگيءَ سان کيڏيو پيو وڃي.
دنيا جي مختلف ملڪن اندر سمنڊ جي پاڻيءَ کي پيئڻ لائق بڻائڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. پر اها وڏي بدقسمتي آهي جو هتان جا حڪمران ٻيو ته ٺهيو پر جر جي پاڻيءَ کي به صاف ڪري پيئڻ لائق بڻائي نه سگهيا آهن. چيو پيو وڃي ته سنڌ جا 414 هنڌ اهڙا آهن، جتان سنڌو درياهه ۽ ان جي ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ اهو پاڻي گٽرن وغيره جو زهريلو پاڻي هوندو آهي. ايڏي خوفناڪ صورتحال هئڻ باوجود حڪمرانن جي اها مجرماڻي ماٺ اهو ئي ثابت ڪري ٿي ته انهن کي عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سنڌ ۽ وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن کي گهرجي ته اهي عام ماڻهن کي محفوظ پاڻي فراهم ڪرڻ لا اپا وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button