ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي اڪيلائپ

Editorial-Article- Allahbux Rathore

پ پ کان پوءِ ھاڻ باضابطه طور عمران خان جي حڪومت جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو آھي. ايترو ئي نه ٿي رھيو آھي، پر ھڪ طرف حڪومت ۾ شامل اتحادين سان اک ٽيٽ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، ته ٻئي پاسي وري حڪومتي اتحادين به هاڪاري اشارا ڏيڻ شروع ڪيا آھن، جنھن مان ھي سمجھيو پيو وڃي ته ھو عمران خان خلاف سمورا ھڪ پيج تي آھن. عمران خان جي اتحادين سان ڪيل واعدا پورا نه ٿيڻ سان گڏ اسٽيبلشمينٽ کان فون ڪال يا اشارا نه ملڻ کان پوءِ انھن کي نئين سيٽ اپ جي حمايت لاءِ چيو ويو آھي. عمران خان جي سياسي مائوٿ پيس شيخ رشيد پاران حڪومت لاءِ 50 ڏينھن اھم قرار ڏيڻ کان پوءِ سمجھيو پيو وڃي ته جيڪڏھن انھن ڏينھن اندر صورتحال بھتر نه ٿي ته عمران خان کي خلائي مخلوق به بچائي نه سگھندي. جڏھن کان اھم اداري جي سربراھ کي پنھنجي عھدي تان ھٽائي پشاور موڪليو ويو آھي، ان ڏينھن کان زمين عمران خان جي پيرن ھيٺان نڪري رھي آھي. حڪومت کي ملندڙ ھڪٻئي پٺيان مات کان پوءِ سمجھيو پيو وڃي ته واڳ ڌڻي نيوٽرل ٿي ويا آھن. اھا ڳالھ ته شيخ رشيد به مڃي ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي وئي آھي، پر ان اٺ سان گڏ ٻلي به ٻڌي ڇڏي ته نيوٽرل ھجڻ باوجود واڳ ڌڻي عمران خان سان گڏ آھن. ان جو مطلب ھي ٿيو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ناھي. پر ڪجھ ٻيا اھڙا اشارا سامھون اچي رھيا آھن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ته بقول چوڌري پرويز الاھي جي ته ڪِچن ۾ سامان گڏ ٿي رھيو آھي، پر اڃان ڪجھ پچڻ شروع نه ٿيو آھي، جنھن وقت بچندو ته ھو کائيندا. ھاڻ ڳالھ ان کان اڳتي وڌي وئي آھي. بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جي سينيٽرز پھريون ڀيرو ساڍن ٽن سالن ۾ سينيٽ جي اجلاس مان واڪ ڪيو ۽ چيو ته حڪومت جيڪي واعدا ڪيا، اھي وفا نه ٿيا. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم ۽ (ق) ليگ جا اشارا به اھم آھن، پر فيصلي ڪندڙ قوت، ترين سمجھيو وڃي پيو. ان خطري کي ٽارڻ لاءِ عمران خان ترين کي جيل جي ھوا کارائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ساڳي ريت شھباز شريف ۽ ٻين کي به جيل حوالي ڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن، ھي سڀ ان ڪري ڪيو پيو وڃي، ته جيئن مخالف ڌر تي سياسي شيلنگ ڪري ان جي صفن ۾ ڦڙڦوٽ پيدا ڪئي وڃي ته ھو حڪومت کي لوڏي به نٿي سگھي. ان سان گڏ ڪجھ ٻيا اشارا به سامھون آيا آھن، جن مان محسوس ٿئي ٿو ته عمران خان بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ مخالف ڌر تي ھوائي فائرنگ ڪرڻ گھري ٿو.
مخالف ڌر، جنھن کي ڪمزور ظاھر ڪيو پيو وڃي ۽ اھو چيو پيو وڃي ته حڪومتي اتحادين رڳو اشارا ڏنا آھن، پر انھن کي جيڪي اشارا ملڻا آھن،اھي اڃان باقي آھن. حڪومتي اتحادي کلي عام چون ٿا ته انھن جو اتحاد، عمران خان جي حڪومت سان نه پر رياست سان آھي، ٻين لفظن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان آھي. ان ڪري ھو ان جي فون جو انتظار ڪري رھيا آھن، جنھن کان پوءِ پنھنجي حڪمت عملي جو اعلان ڪندا. حڪومت جون جيڪي به اتحادي پارٽيون آھن، اھي به بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ وکري سگھن ٿيون. انھن پارٽين ۾ به ھڪ حصو حڪومت ۽ ٻيو مخالف ڌر سان گڏ بيھڻ گھري ٿو، جيڪي مخالف ڌر سان بيھڻ گھرن ٿا، اھي به مستقبل جون ضمانتون گھرن ٿا. جيڪڏھن انھن جي سياسي مستقبل کي يقيني بڻايو وڃي ته اھي ڪو فيصلو ڪري سگھن ٿا. باپ جھڙي پارٽي، جيڪا بلوچستان جي باوردي شخصيت رات پيٽ ۾ قائم ڪرائي ھئي، اھي به چون ٿا ته انھن کي ھاڻ اشارا ملڻ بند ٿي ويا آھن، ان ڪري ھو پنھنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪري سگھن ٿا. جيتوڻيڪ ھو ڪنھن به فيصلي ڪرڻ لاءِ آزاد ناھن، پر ان جي باوجود سوديبازيءَ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنھن کي ايم ڪيو ايم جي خبر آھي، انھن جي سياسي ڪيمسٽري کان واقف سموريون ڌريون سمجھن ٿيون ته ھو ڪيترا بليڪ ميلر آھن، ھو وڌيڪ حصي پتي ملڻ جي صورت ۾ ئي ڪو فيصلو ڪندا. (ق) ليگ پنجاب ۾ اھم عھدو گھري رھي آھي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي پ پ سان ڳالھائڻو آھي. اھي ٻئي جماعتون سنڌ ۾ بلڪل ھڪٻئي جي ابتڙ سفر ڪن ٿيون. پ پ نٿي چاھي ته متحده ھڪ ڀيرو ٻيھر سگھاري ٿئي ۽ انھن لاءِ مٿي جو سور ٿئي. ساڳي ريت متحده پنھنجي سياسي ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ لاھور ياترا به ڪئي. چوڌري ڀائرن سان ملاقات، ان سان گڏ (ن) ليگ جي صدر شھباز شريف سان Un scheduled ملاقات، ٻڌائي ٿي ته متحده کي ڪيئن نه ڪارنر ڪيو ويو آھي. پ پ ۽ متحده ھڪٻئي جي دُن کان واقف آھن، ان ڪري انھن جو ميلاپ ممڪن نظر نٿو اچي. اھو ممڪن آھي ته متحده کي (ن) ليگ خاطري ڪرائي ته اھا اقتدار ۾ اچڻ جي صورت ۾ ھڪ کان وڌيڪ وزارتون ڏئي. ان سان گڏ سنڌ ۾ اسپيس پيدا ڪري ته جيئن اھا ايندڙ چونڊن ۾ جن سيٽن تي پي ٽي آءِ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، انھن مان ڪجھ متحده کي واپس ملي وڃن.
اھا ڳالھ به واضح ٿي رھي آھي ته ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا اھڙا نه ھوندا، جھڙا ماضي ۾ ايندا رھيا آھن. پي ٽي آءِ جي ناڪامي کان پوءِ ڪراچي مان ان جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز آڱرين تي رھڻ جيترا بچي سگھن ٿا. ان سان گڏ ڪجھ نيون ڌريون به سامھون اچي سگھن ٿيون. ڪراچي ۽ حيدرآباد ھڪ ڀيرو ٻيھر ايم ڪيو ايم جي چنبي ۾ وڃي نٿا سگھن. ان حوالي سان حڪمت عملي سامھون اچڻي آھي. ان سان گڏ ھي به چيو پيو وڃي ته جيڪڏھن مخالف ڌر جي خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ٿئي يا انھن جا ڪجھ ميمبر چوري به ٿي وڃن، ان جي باوجود ويئر ھائوس ۾ ايترو اسٽاڪ موجود ھجي، جنھن سان عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري سگھجي ٿو. ان حوالي سان ترين جو گروپ وڌيڪ ڪمائتو ٿي سگھي ٿو. ھي گروپ ھڪ ئي وقت پ پ توڙي (ن) ليگ ٻنھي سان ويجھڙائپ رکي ٿو.
مخالف ڌر، بي اعتماديءَ جي رٿ تي متفق ٿيڻ کانپوءِ سياسي ۽ سفارتي ڪوششون تيز ڪيون آھن ۽ ان کي جواب پازيٽو ملي رھيو آھي. مولانا فضل الرحمان جيڪو پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري کان گھڻو ناراض ھو، ان بابت پي ڊي ايم جي اجلاس کان پوءِ صحافي جي سوال تي شھباز شريف جواب ڏنو ته مولانا ۽ زرداري جا واسطا (ن) ليگ جي قيادت کان پراڻا ۽ وڌيڪ ويجھڙائپ وارا آھن. ان ڪري انھن جي ويجھي اچڻ ۾ گھڻي دير نه لڳندي ۽ ائين ئي ٿيو. فون ته آصف زرداري کي ڪرڻ کپندي ھئي، پر مولانا ، آصف زرداري کي فون ڪري شڪوه شڪايتون به ڪيون ۽ مستقبل ۾ گڏجي ھلڻ ۽ عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙوڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. مولانا، زرداري کي داد ڏنو ته ھن جيڪا ڳالھ ڪيترائي مھينا اڳ ڪئي، ھو ان کي سمجھي نه سگھيا ۽ ھاڻ زميني حقيقتون تبديل ٿي ويون آھن. ان ڳالھ تي به حيرت جو اظھار ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي اجلاس دوران نوازشريف جو پ پ قيادت ڏانھن نرم گوشو، مولانا کان به وڌيڪ ھو. ان ڳالھ اتحاد ۾ شامل ڪيترين ئي پارٽين کي حيران به ڪيو. ڪجھ اڳواڻن ته ميان نوازشريف کي چئي به ڇڏيو ته جيڪڏھن پ پ مستقبل ۾ ڪا ڳڙٻڙ ڪري ٿي ته ان جو ذميوار ميان نوازشريف ھوندو.
حڪومت سمجھي ٿي ته اھا طاقتور آھي ۽ مخالف ڌر کي 172 نمبر پورا ڪرڻ نه ڏيندي، ان حوالي سان سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کان مدد به گھري وئي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته عمران خان کي ڪا سٺي موٽ نه ملي. موجود اھم شخصيت، ايف آءِ اي ۽ نيب ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته ھاڻ جيڪو ڪجھ ڪرڻو آھي، اھي ئي ڪندا. اسان کي معافي ڏيو. جنھن تي عمران خان جو منھن لھي ويو. ان ڪري چيو پيو وڃي ته جن عمران خان جي مٿي تي ھٿ رکيو ھو، انھن ھاڻ توبھ ڪري ڇڏي آھي، انھن کي احساس آھي ته ھو عمران خان جي صورت ۾ جيڪو نئون تجربو ڪري ويٺا، اھو ناڪام ٿيو ۽ کين پنھنجون توانائيون ضايع ڪرڻيون پيون. ان ڪري ھو ماضي جي حڪمرانن ذريعي پنھنجوڪم ھلائي سگھن ٿا. هو سمجهن ٿا ته جھڙو معيشت جو ٻيڙو موجوده حڪمرانن ٻوڙيو آھي، ان جي ڪنھن کي اميد ڪانه ھئي. اسٽيبلشمينٽ ته انتھائي خطرناڪ حد تائين پھچي وئي ۽ انھن کي سعودي عرب ۽ آءِ ايم ايف اڳيان ھٿ ڊگھيڙڻو پيو. ان ڪري ھو سمجھي ويا ته عمران خان مان کين ڪنھن به قسم جي اميد ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button