ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ قادر سنڌي سان سندس اوطاق تي ملاقات ٿي. ملاقات کان پوءِ ڪچهري جو سلسلو هليو (جنھن ۾ سندس ڀائر ۽ اسان جو پيارو دوست شعيب لاشاري پڻ گڏ هو) ڪچهري ۾ ادب ۽ سياست تي ڪيترائي خيال اسان ھڪ ٻئي ڏي ائين اڏاريا، جيئن مومن خان مومن، لغڙ ۾ خط ٻڌي پنھنجي محبوب ڏانھن اڏاريندو ھو.
نه فقط ادب ۽ سياست تي پر جواني کان وٺي جُھور پوڙھائپ تي به ڪيترين ئي خيالن جي ڪٿي سنگيني سان ڪٿي رنگيني سان گفتگو ٿي گذري. جڏھن شام جي سج کي رات جي پاڇن اچي پنھنجن وانگر پُٺي ۾ تير ھنيو! ته اسان جي ڪچھري جا به اچي پويان پساهه رھيا.
خير نيٺ اسان وري اچڻ جي عرضي مڃي پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن ورڻ جي ٿي ڪئي، ته قادر، مون کي ھٿ ۾ نصير مرزا جو ڪتاب “مان وارن سان ملو.” (جيڪو مختلف اديبن شاعرن جي انٽرويوز تي مشتمل آھي) ڏنو، ۽ ھِنَ اُھا ڳالهھ پڻ ڪئي ته ھن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي علي بابا جي تصوير ڏني وئي آھي. پر ھِنَ ڪتاب ۾ علي بابا جو ڪو به انٽرويو ناھي ڏنو ويو. خير ھِنَ وقت جي نزاڪت کي جاچيندي اُھو چئي اسان کي موڪلاڻي ڪئي ته “ھن ڪتاب کي پڙھجان.” خير جڏھن گھر پھتس ته ساھي کڻي ڪتاب کي ان تصور ۾ آڻي پڙھڻ شروع ڪيو ته ھن ڪتاب ۾ ڏنل منھنجي آئيڊيل ليکڪن يعني آغا سليم، شيخ اياز ۽ علي بابا، جي تصوير ڏني وئي آھي، اُنھن جي خيالن کي پڙھي دماغ کي سندن خيالن سان سرشار ڪجي. مون کان رھيو ڪين ٿيو ۽ مون ڪتاب کي پڙھڻ شروع ڪيو، ڪتاب ۾ مون کي پڙھڻ لاءِ ڪيترن ئي شخصيتن سان گڏ آغا سليم ۽ شيخ اياز جو انٽرويو به مليو، پر وڏي ڳالھه ته مون کي سڄي ڪتاب ۾ علي بابا جو انٽرويو ڪونه مليو ۽ ائين قادر جي ذھانت مٿان شڪ جا ڪبوتر جيڪي گھڻي دير کان چُڳي رھيا ھئا ڀڙڪو کائي اڏامي ويا! ته برابر قادر، تو سچ چيو ھِنَ ڪتاب ۾ ته ڪٿي به علي بابا جو انٽرويو ناھي ڏنو ويو!؟ ھا ڪتاب ۾ وزير اعظم ھائوس ۾ جنم وٺندڙ ته آھي. پر نانگو لائين ۾ جنم وٺندڙ علي بابا ناھي! ھِنَ ڪتاب ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا ليکڪ ته آھن پر، سنڌ جي شھر ڪوٽڙي، جو علي محمد رند (عرف) علي بابا ناھي. قادر، پوءِ ڪيئن چئجي ته مان وارن سان ملو؟ ڇا علي بابا مان وارو نه ھو جو ھن ڪتاب ۾ اسان کي ڪٿي به نه مليو؟
توھان سوچي رھيا ھوندئو اُھو ڪيئن؟ ته سچ آئون به ھنَ وقت اُھو ئي سوچي رھيو آھيان ته ليکڪ نصير مرزا، ائين ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪيو آھي؟
ڇا اُھا پبلشر جي غلطي آھي؟ يا فقط ڪتاب سھيڙيندڙ مرزا صاحب کان غلطي ٿي وئي آھي؟ پر غلطي به ايڏي وڏي! ڳالھه منھنجي سمجھه کان ته گھٽ ۾ گھٽ پري آھي، جو آئون اُھو چوان ته فقط پبلشر کان يا ھن صاحب کان ايڏي وڏي غلطي ٿي ھوندي.
ھتي ھڪڙي ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالھه اُھا به آھي ته علي بابا، جو ذڪر ته ڪونھي پر ان پي ٽي وي جي ڊاريڪٽر ھارون رند، جو انٽرويو ضرور شامل آھي. جنھن کي علي بابا جي ڊرامن ڪٿان کان ڪٿي پھچايو. اُھو سڀ ڪو به خوبي ڄاڻي ٿو.
ھا آئون ھارون رند، جي مان مرتبي جي ڳالھه ڪري رھيو آھيان جنھن کي نصير مرزا به ھنن لفظن سان مان ڏنو آھي.
“ھن جو نالو دنيا جي لکين ڪروڙين نالن مان ڪوبه ٿي سگھي ٿو پر ناٽڪ سڀا جي ٽي وي ڊارمن جي نالن واري اسڪرول جي آخري ٽئلپ لکيل نالو ئي سڄي سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ جو سبب بنجي رھيو آھي. جي ھا! اُھو نالو آھي… ھا-رون-رند! (تاڙيون(
اڳتي ھلي ھي ساڳي انٽرويو ۾ ھارون رند جي اڳيان اُنھن ڊرامن جو ورجا به ڪري ٿو جن ڊرامن ۾ ٻئي نمبر تي ھو علي بابا جو اُھو ڊرامو به ٻڌائي ٿو جنھن ڊرامي کي ميونخ جرمني ۾ ايوارڊ ڏنو ويو ھو! اوھان پاڻ ئي پڙھي ڏسو.
نصير مرزا جو سوال “دنگيءَ منجھه درياهه” ميونخ مان ٽيون انعام کٽي آيو. سنڌي ڊرامي لاءِ ظاھر آھي اُھو وڏو اعزاز آھي. ھن ڊرامي جي سلسلي ۾ ڪو دلچسپ واقعو؟
ھارون رند جو جواب “ھن ڊرامي جي سلسلي ۾ ھڪ دلچسپ ۽ مزيدار ڳالھه ٻُڌ! علي بابا، جو ڊرامائي تشڪيل ڏنل ڊرامو” گُل ڇوڪري” پسند جي لحاظ کان ڏاڍو ٿڌو رھيو ھو ۽ مقبوليت نه ماڻي سگھيو. علي بابا، ان جي ردِعمل ۾ چئلينج سمجھي ھي ڊرامو لکيو ھو ۽ اسڪرپٽ ڏيندي چيائين … ھا وٺ! “علي بابا، وڏو ڊرامو به لکي سگھي ٿو.” “ڊرامي جي ڪاسٽنگ جو مرحلو آيو ته عليءَ مکيه ڪردارن لاءِ قربان جيلاني ۽ پروين اڪبر کي کڻڻ لاءِ سخت ضد ٻڌو. جڏھن ته منھنجو موقف ھو ته اِھي آرٽسٽ بيشڪ سٺا آھن…پر فقط شھري زندگيءَ وارن ڊرامن لاءِ، موٽ ۾ علي بابا، سخت ڪاوڙيو ۽ مون کي ٿرڊ ڪلاس ھدايتڪار جو لقب ڏنائين. بھرحال ڪاسٽنگ وري مون پنھنجي مرضيءَ سان ڪئي ۽ زرينه بلوچ، نور محمد لاشاري، ھن ڊرامي ۾ ڪم ڪيو. سندن ڪم ڏسي پوءِ ساڳي علي بابا، مون کي نه فقط کوڙ واڌايون ڏنيون پر گھڻو خوش به ٿيو.”
آئون مٿي انٽرويو جو ڊگھو اقتباس ڏئي آيو آھيان، جنھن جو مون کي پڻ احساس آھي ته پڙھندڙ جو گھڻو وقت ورتو ويو. پر ھي فقط اُن لاءِ ڏنو ويو جيئن مٿئين ڳالهھ کي وڌيڪ تاريخي روشنيءَ ۾ ڏسي سگھجي.
ھن ڪتاب ۾ نه فقط نصير مرزا علي بابا کي ياد رکيو آھي وڏي ڳالهھ ته سندس ڪُٽنب جي ڀاتي به يعني ھارون رند به علي بابا کي وساري ڇڏيو آھي. توھان سوچيندا ھوندئو ته جيڪڏھن ھارون رند علي بابا، رند کي انٽرويو ۾ وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿيون ذڪر سو ڪيئن؟ سوال واجب آھي، جڏھن اسين سڄي انٽرويو جو تجزيو وٺون ٿا ته ڪٿي به اسان کي اڳ علي بابا جو ذڪر يا سندس محنت ھارون رند کان يا نصير مرزا کان لکندي محسوس ڪانه ٿي ٿيئي. ھي به مٿيون ذڪر انٽرويو جي آخر ۾ (جنھن تي انٽرويو جو اختتام ٿئي ٿو) حادثاتي طور آيل آھي.جيڪو فقط دنگيءَ منجھه درياهه ڊرامي تان ھارون رند توھان اسان اڳيان ڪيو آھي! نه ته سڄي انٽرويو ۾ اڳ علي بابا جو ذڪر نه ته نصير مرزا ڪيو آھي نه ئي ھارون رند جنھن مان واضح ٿئي ٿو ته ٻنھيءَ کي علي بابا جي ڪردار کان تڪليف ھئي.
مثال وٺون ٿا نصير مرزا، ھارون رند کان سوال ڪري ٿو، توھان ٽي ويءَ تائين ڪيئن پھتا؟ ته ان تي ھارون رند جواب ڏي ٿو. “فن جي ميدان ۾ اچڻ سان سڀاويڪ ھو. ڇو ته مون جنھن گھر ۾ اکيون کوليون ھيون، ان ۾ اڳ ئي فن ۽ فنڪار موجود ھئا. ساقي ۽ عبدالڪريم بلوچ منھنجا چاچا آھن ۽ منھنجي فني تربيت ۾ سندس ئي وڏو ھٿ آھي.” توھان ھتي ڏٺو ته ھارون رند فن ۽ فنڪار موجود ھئا جي ڳالهھ ڪئي! جنھن ۾ ھن ساقي ۽ عبدالڪريم بلوچ جي ڳالھه پڻ ڪئي. جڏھن ته ٻئي پاسي ساقي ۽ عبدالڪريم بلوچ علي بابا، جا سڳا سئوٽ ھئا. ھاڻ ڇا علي بابا فن ۽ فڪر جو فنڪار نه ھو؟ جنھن جو ذڪر ڄاڻي واڻي ھارون رند ناھي ڪيو.
اسين مٿي ھارون رند جو ڊگھو اقتباس ڏئي آيا آھيون جنھن ۾ ھِنَ اُھو ٻڌايو آھي، “اسڪرپٽ ڏيندي چيائين “ھا وٺ! علي بابا، وڏو ڊرامو به لکي سگھي ٿو.” ھاڻ ڊراما رائٽر ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا جي ذھانت ڏسي سگھجي ٿي ته ھو پنھنجي فن، فڪر ۽ تخليق مان ڪيترو مطمئن ۽ پُرعزم محسوس ٿئي ٿو. ھي جيڪو دنگيءَ منجھه درياهه ڊرامو لکي ھارون رند کي ڏيندي. چئي ٿو “ھا وٺ! علي بابا، وڏو ڊرامو به لکي سگھي ٿو.” ۽ پو اُھو ڊرامو ميونخ جرمني ۾ ٽيون نمبر ايوراڊ کڻي ٿو. ڇا اُھا ان جي قلم جي طاقت ناھي؟ جي ان جي قلم جي طاقت آھي! ته پوءِ ھتي ھي سوال باقي رھي ٿو ته ايڏي وڏي ماڻھوءَ کي ڪھڙي لحاظ سان ھِنَ ڪتاب ۾ ۽ ھارون رند جي انٽرويو ۾ به نظر انداز ڪيو ويو. جڏھن ته ھارون رند جي مرتبي جي ساک نصير مرزا ھنن لفظن ۾ ساڳي انٽرويو ۾ ھِنَ انداز ۾ ڪري وڃي ٿو. “ناڪيلي، دنگيءَ منجھه درياهه، ڏات جي ڏيھه ۾، جاچ، راڻي جي ڪھاڻي ۽ ٻيا ڪيئي ڊراما ڏسندڙن ۾ سندس مان مٿاھون ڪري چڪا آھن.”
علي بابا جي مشھور ڊرامي دنگيءَ منجھه درياهه جو ذڪر نصير مرزا پاڻ ڪري ويو! ترسو ھي نصير مرزا جا لفظ به پڙھندا ھلو جيڪي ھِنَ علي بابا لاءِ سنڌ لينگويج اٿارٽي پاران، علي بابا، جي تعزيتي ڪانفرنس ۾ چيا ھئا. “علي بابا جي چيل لفظن ۾ ايڏي طاقت آھي جو آسمانن کي لوڏي ٿو وجھي.” ھاڻ سوال اھو آھي ته ڪتاب ۾ تصوير ئي فقط ڇو ڏني وئي ۽ انٽرويو ڇو نه ڏنو ويو؟ ڪٿي اُھا علي بابا جي ايڏي وڏي ڪردار ۽ علي بابا جي چاھيندڙن سان مذاق ته ناهي.