ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي ماڻهن جو ماتم

Editorial-Article- Iqbal Jakhro

پُراڻي نوابشاھه ۽ نئين شھيد بينظير آباد ضلعي ۾ 3 ڏينھن کان قاضي احمد جي روڊ تي پنج پورھيتن جا لاش پيل آهن پر حڪمران منصف ۽ قلم ماٺ ۾ آهن. پنج ڪُٽنبن جي گهرن ۾ ڪَهرام متل آهي پر اقتداري ايوانن ۾ ويٺل حُڪمرانن جي منهن ۾ گُهنج به نه پئجي سگهيو آهي. ڪن مائرن جون جُهوليون خالي ٿي ويون، ڪِن سُهاڳڻين جا سُهاڳ اُجڙي ويا پر سِر جُهڪائي ثنا خُواني ڪندڙ درٻاري قلم کي جُنبش ئي نه آئي آهي.
نواب ولي محمد جي واقعي، حڪمران ڌُر جي وَحشي چهري جو نقاب لاٿو آهي جتي اِقتداري ڌر جا جَلاد عناصر نشي ۾ ماڻهو مارڻ کان به نٿا مُڙن. هُونئن ته پيپلز پارٽي ٻيٽن جي معاملن، ساحلي ۽ ڪُوهستاني پٽي جي زمينن جي بندر بانٽ جي الزامن هيٺ سنڌ ۾ آهستي آهستي پنهنجي ساک وڃائي رهي آهي پر هن وقت جَمهوريت جي نعري هيٺ جِيئندڙ پارٽيءَ جي پنهنجي ئي اڳواڻ توڙي اسميبلي ميمبرن پاران ڌرتي ڌڻين کي تڙي زمينن تي قبضن ڪاڻ پنهنجن ئي ماڻهن مٿان قهر بڻجي ڪڙڪڻ واري عمل آمريت جي سفاڪين جون به حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. رياستي ۽ حِڪومتي مَشينري کي پنهنجن خسيس مفادن لاءِ استعمال ڪري مِسڪين ماڻهو ڪُهڻ ڀلا ڪٿان جي جمهوريت آهي؟
سدائين سنڌ ڪارڊ تي اِقتدار ماڻيندڙ هي ڀُوتارڪي ذَهنيت رکندڙ چُونڊيل نمائندا ۽ سندن اولاد جا سنڌ جي اجتماعي مسئلن، ناڻي، پاڻيءَ ۽ وسيلن جي ورڇ تي چَپ سُبيل ملندا. ڌارين آبادڪاري تي ڪنڌ نِمائندڙ هي ميمبر مِسڪينن مٿان ظلم لاءِ مُڙس ماڻهو هوندا.

خداونده تيري ساده دل بندي کدهر جائين
کڪ درويشي بهي عياري که سلطاني بهي عياري
سنڌ ۾ زمينن جي والار وڏي وقت کان جاري آھي، جنھن ۾ حڪومتي ڌر مارو ماڻھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪندي وڃي اتي ئي وسيلن جي بندرباٽ ڪئي ٿي وڃي.

ساڳئي وقت چَٽا ڀيٽي اِمتحانن ذريعي واڳ ڌڻي بڻجندڙ گَهڻ پڙهيي ڪامورڪي طبقي جي به اڪثر سُوچ ڀُوتارڪي ئي ملندي، جيڪي عام ماڻهن جي اَهنجن جي اَزالي بدران ڀُوتارن جي ڪَمداري ڪندي ئي نظر ايندا آهن. عوام جي ووٽن تي ايندڙ حڪمران پنهنجي مَفادن لاءِ عوامي ٽيڪس لُٽيندڙ ڪَمدار ڪامورن کي مُسلط ڪرائيندا آهن نتيجن رَعيت مَقبوضيت جهڙا عَذاب سهڻ تي مجبور هوندي آهي. ترقي جي ڄارن جون دعوائون ڪندڙ حُڪمرانن اصل ۾ سنڌ کي مَسئلن جي هڪ اهڙي ڄار ۾ ڦاسايو آهي جيڪو ڌٻڻ جيان سنڌ جي ماڻهن کي ڳهيندو وڃي، هڪ مسئلي تان ڌيان هٽرائڻ لاءِ ٻيا مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا. ڪڏهن سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنايو وڃي ٿو ته ڪڏهن پنهنجي ڌرتيءَ سان غَداري ڪَندڙ ڌارين کي شهريت ڏيڻ جي وڏي واقعي ڳالهھ ڪجي ٿي ڪڏهن ٻيٽ نيلام ٿين ٿا ته ڪڏهن ساحلن تي سخاوت ڪجي ٿي، ڪڏهن مَذهبي اِنتهاپسندي کي هَوا ڏجي ٿي ته ڪڏھن لَساني فَسادن جي راھه هَموار ڪجي ٿي، ڪڏهن سنڌ وِرهائڻ جو راڳ ٿو آلاپجي ته ڪڏهن دهشتگردي ۽ بدامني جي باھه ڀَڙڪائي وڃي ٿي، ڪڏهن تعليمي ادارن ۾ نِياڻين جون عَصمتون پائمال ڪري کين ڪُٺو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڌرتي ڌَڻين کي بيدخل ڪرڻ لاءِ سندن ڪَکن کي ساڙي ٻَچن کي ذبح ڪيو ٿو وڃي.

اب تو گهبرا ڪي کهتي هين که مرجائين گي
مر ڪي بهي چين نا پايا تو کدهر جائين گي

آخر سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي ڏوھه جي سزا ڏني وڃي ٿي، هي اٻوجھه ماڻهو ته هزار رَهزنين باوجود به بِجان تير بجان تي ئي جهمريون هڻڻ ٿا. پ پ گذريل 13 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رھي آھي، سندن غلط طرز حڪمراني ۽ بربريت جي راڄ سبب سنڌ ۾ حڪمرانن لاءِ نفرت وڌي رھي آھي، اھو ئي سبب آھي سڄي سنڌ ھاڻي سراپا احتجاج بڻيل آھي. حڪومتي ڌر جي غلط فيصلن سبب ٻيٽن تي قبضي خلاف وڏي پئماني تي جدوجھد ھلي ۽ عوامي طاقت سبب نيٺ حڪمرانن کي پوئتي ھٽڻو پئجي ويو ۽ پ پ حڪومت ٻيٽن جي ڏنل اين او سي تان ھٿ کڻي وئي ۽ صدارتي آرڊيننس به پاڻمرادو ختم ٿي ويو. جنھن بعد ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاھي بلڊوز ڪري آسائشي اسڪيمن جو آغاز ڪري ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، نتيجي ۾ عوامي جدوجھد شروع ٿي حڪومت خلاف وڏو محاذ کڙو ڪيو ويو ۽ سرمائيدار کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ماڻھن تي اي ٽي سي جا ڪيس داخل ڪري وڏي وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي. آھستي آھستي حڪمرانن جي پَت وائکي ٿيندي وئي ۽ ايئن ئي حڪمرانن جي ذھنيت تجارت ۾ تبديل ٿي پئي ۽ ھڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي پيو. زمينن تي والار وڌي وڻ ٿيندي وڃي پر ھنن جا ڀڀ نٿا ڀرجن ۽ ايئن ئي معصومن کي رت سان وھنجاري گھر اجاڙيا پيا وڃن. ولي محمد واري واقعي ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته رئيس وڏي کي ڀنڊن واري زمين شڪار گاھه لاءِ محفوظ پناھه طور ٿي کپي، جنھن لاءِ ھي سڄي رت جي راند کيڏي وئي. ان ڀنڀائي ديھه ۾ ڀنڊن سميت ٻين برادرين ۽ قبيلن جا قديمي ڳوٺ ۽ وسنديون آھن. جن جو ذريعه معاش زراعت ئي آھي. ھاڻي حڪمرانن کي جيڪا زمين وڻي اتي جي انتظاميه اتي جي رھواسين کي جبري طور بيدخل ڪري سرڪاري سطح تي قانوني راھموار ڪري اصل مالڪن کي ڪوڙو ۽ قبضا گير قرار ڏئي ڪمدار ڪامورن ذريعي لڏائڻ جا جتن ڪيا ٿا وڃن، جيڪو مزاحمت ڪري ٿو، ان کي موت جي ننڊ سمھاريو ٿو وڃي ھي جيڪا راند رچائي پئي وڃي ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. زمين تي والار لاءِ ھي جيڪا ماڻھو مار مھم شروع ٿي آھي اھا ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪري رھي آھي، متاثر پنھنجا ٻچا کڻي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. قاضي احمد واري ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ جا قومپرست، ترقي پسند، انقلابي وطن دوست ۽ عام ماڻھن وڏي پئماني تي شريڪ ٿي متاثر ڌر سان ھمدردي جو اظھار ڪندي احتجاج جو سلسلو وڌائڻ سان گڏ اڄ ھڙتال جو سڏ به ڏنو آھي. متاثر ڌر ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ حقيقي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو آھي. ھن سڄي معاملي ۾ انتظاميه بيوس نظر آئي آھي ۽ ونگار وارو ڪم ڪيو آھي. جڏھن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به واقعي جو نمائشي نوٽيس وٺندي وڏي وزير کان رپورٽ طلب ڪئي آھي.
اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾ دَهشت ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪندڙن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته عوامي طاقت آمرن جي فُولادن ۽ اوچن ڪوٽن کي به ڏاري وجهندي آهي ظلم ۽ بربريت جي به نيٺ پڄاڻي ٿيڻي آهي.

جب تاج اچهالي جائين گي
جب تخت گرائي جائين گي

پ پ پ جي مرڪزي قيادت کي هاڻ اهو واضح ڪرڻ گهرجي ته هن بَربريت سان آخر سنڌ کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button