ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ

Editorial

      سنڌ جو عوام گذريل ٽن ڏهاڪن کان پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف دانهيندو پيو اچي. سنڌ جون سياسي ۽ سماجي ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ جو پاڻي پنجاب چوري ڪري پنهنجون ٻنيون آباد ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ سنڌو درياهه تي غير قانوني ڊيم ۽ ڪئنال اڏي رهيو آهي. جڏهن سنڌ انهن سڀني رٿائن کي رد ڪندي اعتراض واري ٿي ته انهن سڀني اعتراضن کي رد ڪيو ويندو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ جي پاڻيءَ جي چوري جاري آهي پر وفاق ۽ پنجاب ان سلسلي کي بند ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ ڪالاباغ ديم کي هر فورم تي رد ڪيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ به ان خلاف ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي پر تنهن هوندي به جيڪا به حڪومت وفاق ۾ ايندي آهي ته اها وري ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي ڳالهه ڪندي آهي. جڏهن ته سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ سان سنڌو درياهه جي جيڪا حالت ٿي آهي، اها سڀني جي آڏو آهي. هڪ ڀيرو وري عمران خان به ڪالاباغ ديم جي اڏاوت جا فائدا ٻڌائي رهيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ان جي ٺهڻ سان سنڌ کي فائدو ٿيندو.

وزيراعظم عمران خان جو هائيڊرو پاور ڊولپمينٽ بابت ڪوٺايل بين الاقوامي سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم سٺي سائٽ آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڀائرن کي ڪالاڊغ ڊيم تي قائل ڪنداسين ته ملڪ مخالف قوتون کين استعمال ڪنديون، پاڪستان مخالف قوتون انهن کي چونديون ته توهان جو پاڻي چوري ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ مهم هلائڻي پوندي، کين سائنٽفڪ طريقي سان ٻڌائڻو پوندو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان کين نقصان نه فائدو ٿيندو، ماڻهن کي قائل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪالاباغ ڊيم شروع ڪنداسين ته ڏڦير پيدا ڪندڙ کين استعمال ڪندا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته چين 5000 ڊيم ٺاهي چڪو آهي، اسان فيول تي بجلي ٺاهيندا آهيون، فيول جي قيمت وڌندي آهي ته بجليءَ جا اگهه به وڌي وڃن ٿا، جيڪڏهن پاڻيءَ سان بجلي ٺاهيون ها ته اسان کي بجلي مهانگي نه ڪرڻي پوي ها. سندس چوڻ هو ته ڊي آءِ جي خان ۾ زمين پئي آهي، پر پاڻي ناهي. بلوچستان ۾ لکين ايڪڙ زمين موجود آهي، جيڪڏهن پاڻي ملي وڃي ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري سگھون ٿا. بدقسمتي سان اسان پاڻي ذخيرو ناهي ڪيو، پاڻيءَ سان بجلي ٺاهيون ٿا ته ڪلائميٽ چينج جو مسئلو به گھٽ ٿي وڃي ٿو. عمران خان چيو ته ٽنل ٽيڪنالاجي ڊيم لاءِ گھڻو ضروري آهي ۽ ٽنل ٽيڪنالاجي سياحت لاءِ گھڻي ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته مونس الاهي سٺي ڳالهه ڪئي ته پي ٽي آءِ کي ملاقاتن سان گھٻرائڻ نه گھرجي. پي ٽي آءِ جي 25 سال ۾ اهڙي ٽريننگ ڪرائي آهي جو هو مضبوط ٿي وئي آهي. ان موقعي تي اپوزيشن اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪي گھٻرايل آهن، انهن کي به چوڌري صاحب (چوڌري شجاعت حسين) جي صحت جو خيال اچي ويو آهي، چوڌري ڀائرن جي ڪٽنب تي مڪمل اعتماد آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته چوڌري صاحب وٽ جيڪا سياسي مهارت آهي، اها شايد ئي ڪنهن ٻئي وٽ هجي. گھٻرايل ماڻهو 20 سال اڳ ڪارڪنن ۽ ايم پي ايز جي فوتگيءَ تي به تعزيت لاءِ وڃي رهيا آهن.

وزير اعظم صاحب ماحوليات جي بهتريءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڇا کيس خبر آهي ته سنڌو درياهه کي سُڪائڻ به ماحوليات جي تباهي آهي. اسين کيس عرض ڪريون ٿا ته هو هڪ ڀيرو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان وٺي کارو ڇاڻ جو دورو ڪري اچي. کيس اندازو ٿي ويندو ته اتي جيڪا بنجر ٿيل زمين نظر اچي رهي آهي، سا بنجر ڪيئن ٿي آهي. سمنڊ جو پاڻي درياهه اندر وهي رهيو آهي، اهو ڇو وهي رهيو آهي. تمر جا ٻيلا مڪمل ختم ٿي ويا ۽ جهينگي جو نسل به اتي نٿو ٿئي ته ڇو نٿو ٿئي. انهن سڀني سوالن جا جواب کيس اتي وڃي ملي سگهن ٿا. ان کان سواءِ دنيا هن وقت ڊيمن کي ختم ڪري درياهن جا فطري لنگهه بحال ڪري رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جو به سڄو زور ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي لڳو پيو آهي. ان ڪري سنڌي قوم کي قائل ڪرڻ بدران پنجاب کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ماحوليات ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو دشمن هو پاڻ آهي. ملڪ جا پاڻي ماهر پڻ اهو چئي چڪا آهن ته ملڪ لاءِ وڏا ڊيم هاڃيڪار آهن. ڇا اهي سڀ ملڪ دشمن آهن. تنهنڪري ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ بند ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جون زمينون ڀڙڀانگ ٿيڻ بدران آباد ٿي سگهن ۽ سنڌو درياهه کي جيئڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button