ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ جا واقعا

عامر انصاري
ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ موت جي اھڙي ته ھوا هُلي آهي جو ھر آئي ڏينهن ڪا نه ڪا حوا ڄائي وحشت جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿي. اهي ڇوڪريون پنھنجي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ مٽن مائٽن کان پري رھي تعليم پرائڻ لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين ڏانهن منهن ڪنديون آهن ۽ پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ پڙھي لکي پنھنجي مائٽن جي خوشين ۽ خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات اوجاڳا ڪري ڊاڪٽر، انجينئر، وڪيل ۽ استاد جھڙن عھدن تي پهچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪنديون آهن، پر اڄڪلھه پڙھائي ته ٺھيو پر ھتي انساني جانيون به محفوظ ناهن. جيڪي درس گاهون ۽ تعليمي ادارا علم جو مرڪز رهيا آهن، اڄ اُھي تعليمي ادارا شاگردياڻين کي موت جو شڪار ڪندي نظر اچي رھيا آھن. ھاڻي ته سڄي ملڪ ۾ نياڻين سان جنسي زيادتين ۽ حراسان ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول ٿي ويا آهن.
ھر ننڍي توڙي وڏي شھر مان نياڻين کي حراسان ڪرڻ واريون خبرون سامهون اچي رهيون آهن. ايتري حد تائين جو اُنھن وحشين جو اثر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر اچڻ لڳو آهي، جيڪي روزانو ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن حوا ڄائيءَ کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائي ڇڏين ٿا. ھاڻي ته سڄي ملڪ ۾ اھڙي ته قھري صورتحال قائم ٿي وئي آهي جو نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻا خراب اثر پئجي رھيا آھن جنھن سبب ھزارين ٻارڙن ۽ نياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل نظر اچي رهيو آھي، جيڪي والدين نياڻين کي درسگاهن ۾ تعليم لاءِ موڪليندا هئا، اڄ اُنھن تعليمي ادارن ۾ موت جو اھڙو ته راڪاس گهمي ويو آهي جنھن کي منھن ڏيڻ انسان جي وس کان ٻاھر ٿيندو پيو وڃي. اهڙن واقعن خلاف ڪئين ڀيرا سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه وند ڌرين احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ڌرڻا به هنيا آھن پر تنھن هوندي به مسئلو ٿي ناھي سگھيو آهي.
سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ نياڻين سان جنسي ڏاڍاين جا ڪيئي واقعا مسلسل اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته ڪجھه عرصي تائين سنڌ اھڙن انسانيت سوز واقعن کان ڪنهن حد تائين محفوظ هئي. ڪجهه واقعا ضرور ٿيندا هئا پر اُنهن ۾ ايترو تسلسل ۽ تيزي نه هوندي ھئي، ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا ٿيندا هئا پر افسوس جو ھاڻي اُن کان وڌيڪ صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آهي. جيئن گذريل ٻن مهينن کان سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي ڏاڍائي، حراسان ڪرڻ، تشدد ۽ اُنهن جي قتل وارن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي. ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي زيادتيون ۽ اُنهن جي المناڪ قتل کان پوءِ جهڙوڪ سماج ۾ ڪيئي سوال پيدا ٿي پيا آهن. جيڪي سڄي سماج کان جواب طلب ڪري رهيا آھن. معصوم نياڻين جي قتل کان پوءِ سڄي ملڪ جي ساڃاهه وندن ۾ سماج ۾ پيدا ٿيل اهڙي لاڙي تي پڻ انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. اُهو سوال به اڀري سامهون آيو آهي ته ملڪ ۾ معصوم ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪي حفاظتي اپاءَ ڇو نه پيا ورتا وڃن. سماج جا اخلاقي معيار ايترا ڪري ڇو پيا آهن. سرڪار معصوم ٻارڙن/ٻارڙين خاص ڪري نياڻين خلاف اهڙين ڪاررواين کي روڪرائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي آهي. اهڙن المناڪ واقعن ۾ ملوث ذميوارن کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اُنهن کي سزا ڏئي سماج لاءِ ڪو مثال قائم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال آهن جيڪي سماج ۾ هر وقت گردش ڪندا رهن ٿا ۽ اَسان جي غيرت کي للڪاري رهيا آهن، جيڪي ھر وقت جواب جا منتظر رهن ٿا. چوطرف نظر ڦيرائي ڏسبو ته سنڌ جو ڪو علائقو محفوظ ناھي، يونيورسٽيون نياڻين جي رَتُ جون اڃايل لڳيون پيون آهن. جيئن ڪجهه وقت اڳ لاڙڪاڻي يونيورسٽي مان نوشين شاهه ۽ نمرتا ڪماري سميت ڪيترن ئي نياڻين کي جنسي زيادتين جو شڪار بڻائي ڪوڙو ڊرامو رچائي نياڻين جي ۾ ڳلي ۾ ڦاھو وجهي پکي ۾ ٽنگي خودڪشي جو روپ ڏنو پيو وڃي.
گذريل سال کھڙا شھر سان تعلق رکندڙ روبينه جيڪا پنھنجي ڪراڙي امڙ سان درگاھه ڪٽڪپال وئي هئي، جنھن کي رات جي وڳڙي ۾ وحشي درندن جنسي ڏاڍائي کان پوءِ قتل ڪري لاش کي روھڙي ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو هو. سندس ڀاءُ مبين اڄڻ سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو مسلسل ڀيڻ جي انصاف لاءِ جدوجهد ڪندي نظر اچي رهيو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن وقت تائين نه ڀيڻ جا قاتل گرفتار ٿي سگھيا آهن ۽ نه ئي وري ڊي اين اي رپورٽ ظاهر ٿي سگھي آهي.
جڏهن ته ادارا معصوم نياڻين جون ڊي اين اي رپورٽ تبديل ڪري قاتلن جي پٺڀرائي ۾ پورا آهن، جيئن هن ئي مهيني جي گذريل ڏينهن پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار وومين نوابشاهه ۾ پڙھندڙ آخري سال جي شاگردياڻي ۽ اسپتال ۾ ھائوس جاب ڪندڙ دادو جي رھواسڻ ڊاڪٽر پروين رند کي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت حراسان ڪرڻ ۽ ھاسٽل جي وارڊن پاران تشدد ڪرڻ جو واقعو پيش آيو جنھن خلاف شاگردياڻين يونيورسٽيءَ جي گيٽ آڏو احتجاج ڪري ڪيترائي ڪلاڪ لڙڪ لاڙيندي رھي پر يونيورسٽي انتظاميه اکيون ٻوٽي ڇڏيون. جڏهن ته آخري سال ۾ پڙھندڙ شاگردياڻي پروين رند جو چوڻ آهي ته جڏهن مان ھاسٽل جي ڪمري ۾ موجود ھيم ته ھاسٽل وارڊن فرين ۽ آرتيڪا منھنجي ڪمري اچي مون کي بند ڪري ڇڏيو ۽ بناجواز تشدد جو نشانو بڻائي گھٽا ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن مان اُنھن کان پنھنجو ڏوھه پڇيو ته چيو ويو تون غلام مصطفيٰ راجپوت جو چوڻ نٿي ڪرين. پروين رند ميڊيا سان ڳالهائيندي ته چيو جڏهن مان پنھنجي جان ڇڏائي ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھنن مون کي ڀٽ ۾ ٽڪر ھڻي منھنجي موبائل ڦري ورتي. اَسان شاگردياڻين الائي ڪيترا ڀيرا ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خلاف انتظاميه کي درخواستون ڏنيون آهن پر ھن وقت تائين ڪوبه عمل ناھي ٿيو. انتظاميا اھڙن ماڻھن سان ملي تعليمي ادارن ۾ نياڻين سان جنسي زيادتين ۽ قتل جا واقعا ڪرائي پِنھنجا عھدا برقرار رکڻ ٿا چاھين. جڏهن ته پروين رند جي ميڊيڪل رپورٽ به سامھون آئي آهي جنھن ۾ ھن جي ٻانھن تي زخمن جا نشان ۽ ڳلي تي گھٽن جا نشان آهن. ان مان صاف ظاهر تعليمي ادارا رت پياڪ بڻجي چڪا آھن، جن ڪيترن ئي نياڻين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي. پروين رند چيو آهي ته اَسان شاگردياڻيون خودڪشي ناھن ڪنديون، اَسان کي ماريو ويندو آهي پوءِ خودڪشيءَ جو رنگ ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ حراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ جھڙو حشر رھيو ته ڪير پنهنجا ٻچا پڙھائيندو. اَسان جي سماج ۾ ته استاد کي پيءُ ۽ ماءُ سمجھيو ويندو آهي. يقينن اھڙن واقعن کي ڏسندي والدين پنهنجا ٻچا پڙھائڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي، جنهن تي سول سوسائٽي تمام گهڻو سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ ڪيئي ڏينهن تائين سوشل ميڊيا ۽ روڊن رستن تي شديد تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتي حلقن تي پڻ تمام گهُڻو اثر ٿيو ۽ سنڌ جي حڪومتي حلقن اُن سلسلي ۾ پاڻ هرتا قدم کڻي اهڙي احتجاج کي روڪرائڻ جون ڪوشش ڪيون پر سول سوسائٽيءَ جي سرگرم ڪردار کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي سرگرميءَ جو مظاهرو ڪري شاگردياڻيون فرين، آرتيڪا ۽ استاد جي روپ ۾ لڪل وحشي رھزن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو وڃي جنھن استاد جھڙي مھذب نالي کي لڄايو آهي. اُنھن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن وري ڪا شاگردياڻي، شاگرد ۽ استاد اھڙو ڪڌو ڪم نه ڪن.
اُنهن کان سواءِ به معصوم نياڻين سان جنسي زيادتين جي ڪوششن جا ڪيئي ڪيس الڳ آهن. اَسان اُهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته سنڌي سماج ۾ معصوم نياڻين سان هي جيڪي قهري ڪارروايون شروع ٿيون آهن، اُنهن جا سبب ڪهڙا آهن؟ ڇا سماج جا اخلاقي معيار پست ٿي ويا آهن، ڇا سماج ۾ ڪا جنسي بي چيني واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي، ڇا سماج جنسي طور تي ڪنهن نفسياتي مونجهاري جو شڪار آهي. نيٺ مسئلو ڪهڙو آهي؟ اُن جي خبر لهڻ ضروري آهي. دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ جڏهن اهڙيون ڪارروايون ٿينديون آهن يا ڪي به منفي لاڙا جنم وٺندا آهن ته سڀ کان پهرين اُن سماج جا ساڃاهه وند ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڌيان ڏيندا آهن ۽ اهڙن ناڪاري عملن جو جائزو وٺي سرڪار کي صلاح ڏيندا آهن يا سرڪار مٿان دٻاءُ وجهندا آهن ته سرڪار اُن مامري کي روڪڻ/ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪي قدم کڻي، سماجي سڌارا آڻي اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪري ۽ اُنهن کي سماج ۾ لاڳو ڪري پر ھتي اسان جي ملڪ ۾ لاقانونيت جنم وٺي رھي آھي پر افسوس جو سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪوبه لاڙو نظر نه پيو اچي نه سماجي سطح تي ۽ نه ئي حڪومتي سطح تي، سنڌ ۾ ته بدقسمتي اُها آهي جو اُنهن مسئلن کي جهڙوڪ مسئلو سمجهيو ئي نه ٿو وڃي. اهڙن سنگين معاملن کي فقط هڪ ڏوهه چئي اُنهن کي رد ڪيو پيو وڃي. ان ڪري اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ بروقت نوٽيس وٺي سماج ۾ لڪيل وحشي درندن جو جلد خاتمو ڪري تعليمي ادارن ۽ مان خوف وارو ماحول ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button