ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول اگهن ۾ واڌ، عوام تي مالي بار

Editorial

هي ملڪي تاريخ جي پهرين حڪومت آهي، جيڪا مهانگائيءَ جون فضيلتون بيان ڪندي آهي. مهانگائي کي جائز قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ حڪومت هڪ ڀيرو وري پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. جهڙي رفتار سان پيٽرول مهانگو ڪيو پيو وڃي، ان کان پوءِ لڳي ٿو ته پيٽرول جو في ليٽر 200 روپين تائين وڃي پهچندو ۽ ماڻهو پوءِ گاڏيون استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. ڇاڪاڻ ته پيٽرول ماڻهن جي پهچ کان پري ٿيندو پيو وڃي. پر عجيب ڳالهه آهي ته پيٽرول هيترو مهانگو ڪيو ويو آهي، ان کان پوءِ به حڪومت کي عوام جو ڪو احساس ناهي. ڪالهه شبلي فرار اهو به چئي ڇڏيو ته عوام پيٽرول جو استعمال گهٽائي ڇڏي. جڏهن ته کيس خبر آهي ته ملڪ جو سڄو ڪاروهنوار پيٽرول تي هلندو آهي. ان کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ آيل واڌ عام واهپي جي شين تي اثرانداز ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام ڀوڳيندو آهي پر اهو پريشانين کي پڻ منهن ڏيندو آهي. پيٽرول تي اجايا ٽيڪس مڙهي عوام جي کيسي تي بار وڌايو ويندو آهي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ ڪونه هو ته هو پنهنجي هر تقرير ۾ اهو چوندو ته جڏهن هو اقتدار ۾ ايندو ته تيل ۽ بجليءَ جون قيمتون ڪونه وڌائيندو پر هن ان جي ابتڙ ڪري ڏيکاريو آهي. نواز شريف جي حڪومت ۾ جڏهن پيٽرول جي اگهن ۾ پنج روپيا واڌ ٿيندي هئي ته سڄي پي ٽي آءِ احتجاج شروع ڪري ڏيندي هئي. ان کانسواءِ اها وزير اعظم نواز شريف کي چور پڻ چوندي هئي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب وفاقي حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان پيٽرول ملڪي تاريخ جي سڀ کان بلند سطح 159 رپيا 86 پئسا في لٽر تي پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول 12 رپيا 3 پئسا في ليٽر تي مهانگو ٿيڻ بعد 159 رپيا 86 پئسا ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 53 پئسا في ليٽر اضافي کانپو ان جي نئين قيمت 154 پريا 15 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 8 پئسا في ليٽر واڌارو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي نئين قيمت 126 رپيا 56 پئسا في ليٽر هوندي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت 9 رپيا 43 پئسن جو اضافو ٿيڻ سان ان جي نئين قيمت 123 رپيا 97 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق نيون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن لا لاڳو ٿي ويون آهن. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پيٽروليم اسمن تي پي ڊي ايل ۽ ٻيا ٽيڪس گهٽائڻ سان حڪومت کي ماهوار 70 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هاڻ جڏهن عوام حڪومت کان پڇي ٿو ته پيٽرول ايترو مهانگو ڇو ڪيو ويو آهي ته جواب ڏنو ٿو وڃي ته ملڪ ۾ پيٽرول جا کوهه ڪونه آهن. حڪومت کي ٻڌائيندا هلون ته نواز شريف جي دور ۾ به پيٽرول جا کوهه ڪونه هئا پر تنهن هوندي به پيٽرول سستو ملندو هو. جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول بنهه گهڻو سستو ملي رهيو هو ان وقت به حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي هئي. جيڪڏهن هاڻ پيٽرول جا کوهه نه آهن ته پوءِ نواز شريف جي دور ۾ اها واويلا ڇو ڪئي ويندي هئي ته هو پيٽرول مهانگو ڪري رهيو آهي. ان وقت به پيٽرول مهانگو ٿيڻ جائز هجڻ گهرجي ها.
هاڻوڪي حڪومت کي عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو پروگرام ناهي. حڪومت گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ مرحليوار مهانگائي ڪئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي بيڪار ڪارڪردگي قرار ڏئي ٿو پر ان سان گڏ هو اهو پڻ چوي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت عوام کي مارڻ جو پروگرام تيار ڪيو آهي. عمران خان هڪ پاسي ته اها دعويٰ ڪري ٿو ته ملڪ ۾ غربت گهٽجي وئي آهي پر ٻئي پاسي جيڪو مهانگائيءَ جو طوفان آهي، ڇا ان وسيلي غربت گهٽائي سگهجي ٿي؟ حڪومت هر حوالي سان غلط بيانيون ڪندي رهندي آهي، جنهن ڪري عوام تائين حقيقي ڳالهيون پهچن نٿيون پر ائين ناهي ته انهن ڳالهين کي لڪائي هاڻوڪي حڪومت پنهنجو ڪم جاري رکندي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حڪومت جو هي فيصلو نه رڳو عوام دشمن آهي پر اهو عوام جي مالي حالت کي وڌيڪ ڪمزور ڪندو. ان کانسواءِ اپوزيشن جماعتن کي رڳو ان فيصلي کي عوام تي ظلم نه قرار ڏيڻ گهرجي پر روڊن تي نڪري احتحاج ڪرڻ گهرجي، عوام کي حڪومت خلاف ميدان ۾ لاهڻ گهرجي ته جيئن عوام جي اهنجن جو احساس حڪومت کي ڏياري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button