ملڪ ۾ ڪابه حڪومت ڀلي ووٽن وسيلي ايندي هجي، ان جي وڃڻ جون ڳالهيون پهرين ڏينهن کان شروع ٿي وينديون آهن. حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ ڇا ڪندي ان کان به گهڻي بحث هيٺ ايندڙ ڳالهه اها هوندي آهي ته حڪومت گهر ڀيڙي ڪڏهن ٿيندي؟ پوءِ جيترا وات اوتريون ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن. 2018ع کان اقتدار ۾ آيل پي ٽي آءِ حڪومت جا وزير توڙي وزير اعظم عمران خان نيازي اهو چوندا رهيا آهن ته اهي ڏهن سالن لاءِ آيا آهن. بلڪل اهڙي ريت جيئن پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ڏهن سالن تائين نواز ليگ کي اقتدار کان پاسيرو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو پر هو به نواز ليگ کي ڏهن سالن تائين سياست کان پري نه رکي سگهيو ۽ پاڻ ئي اقتدار وڃائي ويٺو. هر حڪمران جي هڪ اهڙي غلطي ضرور هوندي آهي، جيڪا اقتدار وڃائڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. عمران خان نيازي به هن وقت جر ڦوٽي وانگر ڦونڊيل آهي. کيس اها غلط فهمي آهي ته هو ئي ملڪ جو اڪيلو سياستدان آهي، جنهن کان سواءِ نه ملڪ هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي ”ڪمپني بهادر“ وٽ ڪو ٻيو آپشن آهي. پر هر حاڪم کي سدائين اقتدار وڃائڻ جو ڊپ رهندو آهي. ان ڪري هو قانوني توڙي غير قانوني ڪم ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائيندو آهي. اهڙي ريت عمران خان نيازي به ميڪاويليءَ جو پرنس ٿيڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي.
مخالف ڌر پارٽيون حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رث آڻڻ لاءِ جوڙ ٽوڙ ڪري رهيون آهن، پر ملڪي تاريخ ۾ ائين گهٽ ٿيو آهي جو ڪنهن به حڪمران کي عدم اعتماد وسيلي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هجي. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن به ملڪ ۾ ڪنهن چونڊيل وزير اعظم کي ٻيو ڀيرو اقتدار مليو به آهي ته اهو پنهنجو مدو پورو ناهي ڪري سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو بنهه گهڻو عوامي اڳواڻ هو پر جڏهن هو ٻيو ڀيرو اقتدار ۾ آيو ته هن سان اهڙو حشر ڪيو ويو جو نيٺ هو تخت کان تختي حوالي ٿي ويو. ظاهر آهي سندس اهڙو انجام ٿيڻ هڪ سازش ته هئي پر سندس غلطيون پڻ هيون. جيڪڏهن اپوزيشن پارٽين جي نيت صاف هجي ها ۽ ان ۾ دم هجي ها ته هن وقت تائين عمران خان نيازيءَ جي حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچي وڃن ها يا ته سندس اقتدار به هليو ويو هجي ها پر اپوزيشن پارٽيون پاڻ به بدنيت آهن. انهن جي ايجنڊا تي عوام نه بلڪه ايندڙ حڪومت ڪيئن ٺاهجي وارو معاملو آهي. تنهنڪري اپوزيشن مان اڃا به عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کي ڪو خطرو ناهي.
عدم اعتماد واري معاملي تي مخالف ڌر پارٽين جو سڄو زور جهانگير ترين گروپ تي آهي. هو ماضي ۾ عمران خان نيازيءَ جو دوست ۽ سندس اي ٽي ايم رهيو آهي. پر جڏهن کنڊ وارو اسڪينڊل سامهون آيو ته سندس عمران خان نيازيءَ کان رستا ڌار ٿي ويا. ٻي ڳالهه ته عمران خان نيازي پنهنجي مزاج ۾ اهڙو ماڻهو آهي جو جڏهن سندس ڪم ٿي ويندو آهي ته پوءِ هو ان ماڻهو جي سار ئي ڪانه لهندو آهي. تنهنڪري اهو اوس ٿيڻو هو ته عمران خان نيازي ڪنهن به ريت جهانگير ترين جا ٿورا نه مڃيندو پر هو کيس اڃا به سياسي طور نقصان ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ته جهانگير ترين کي نا اهل ئي ان ڪري ڪيو ويو هو جو عمران خان نيازيءَ کي اهل قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙي ريت هو ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ جي قابل ٿي ويو.
جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ جي حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب به ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ايندڙ حڪومت وٽ ايتري سياسي حڪمت هوندي جو اها ملڪ جا معاشي مسئلا حل ڪري سگهي، عوام کي روزگار فراهم ڪري سگهي ۽ ان کان سواءِ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ايترو ته نقصان ٿي چڪو آهي جو ان جو ازالو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. ان سڄي نقصان جي ذميوار ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ آهي. جيڪا سياسي تجربا ڪرڻ کان اڃا تائين به نٿي ڪيٻائي. جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان نيازيءَ جهڙو ماڻهو اقتدار ۾ آيو ۽ جنهن لاءِ هر رنڊڪ کي قانوني توڙي غير قانوني طريقي سان ختم ڪيو ويو. پر تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ضمانت نه ملي سگهي ته هو ملڪ جي سڀني مسئلن کي حل ڪري سگهندو. اهو بحران جنهن جو ذڪر نه رڳو ”ڪمپني بهادر“ ڪندي رهندي هئي پر پي ٽي آءِ به ان جو ذڪر هر پريس ڪانفرنس ۾ ڪندي هئي. اهو به حل نه ٿي سگهيو. نواز شريف جي دور ۾ فوج کي ملڪي معيشت تي ڳڻتي هوندي هئي. پر اڄ جيڪا معيشت جي صورتحال آهي، ڇا ان تي فوج کي ڪا ڳڻتي آهي.
ان سڄي صورتحال ۾ هڪ اهم ترين معاملو نئين آرمي چيف جي مقرري پڻ آهي. جيتوڻيڪ هاڻوڪو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ ايڪسٽينشن اڃا به وٺي سگهي ٿو پر اهو مرحلو تڏهن ايندو جڏهن سندس ريٽائر ٿيڻ جو وقت ويجهو ايندو. هن سال سندس ملازمت جو مدو پورو ٿي ويندو. اهي خبرون به گردش ۾ آهن ته نواز ليگ ۽ اپوزيشن پارٽيون اهو ٿيون چاهين ته عمران خان نيازيءَ کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي ۽ کيس اڳواٽ ئي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ته جيئن هاڻوڪي آرمي چيف کي به ملازمت ۾ واڌ ڏئي سگهجي ۽ ان کان سواءِ نئون آرمي چيف به مقرر ڪري سگهجي. پر ڇا اهو سڀ ايترو سولو آهي؟ ڇاڪاڻ ته جتي اپوزيشن جي مُک پارٽين (پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ) ۾ به ٺاهه نه هجي ۽ اهي رڳو هڪٻئي ته الزام بازي ڪنديون رهن ته اهڙي صورت ۾ عمران خان نيازي خلاف ڪو محاذ کڙو ڪرڻ ايترو سولو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ماضي ۾ به اهڙيون ڪوششُون ٿينديون رهيون آهن.
عمران خان نيازي وٽ وڃائڻ لاءِ اقتدار آهي ۽ وري هو ڪڏهن به اقتدار ۾ اچي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي تجربي کان پوءِ ”ڪمپني بهادر“ کي به اها خبر پئجي وئي آهي ته هو ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. هڪ تاثر اهو ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي ته اسٽيبلشمينٽ هاڻ حڪومت جي پاسي ناهي پر اها اهڙي حڪومت جي پاسي ڇو نه هوندي، جيڪا سندس هر فرمائش پوري ڪندي هجي. هاڻوڪي حڪومت جي وزيرن کان ته ڪو جوڪر به وڌيڪ عقلمند هوندو. تنهنڪري پي ٽي آءِ کي خطرو پي ٽي آءِ مان ته ٿي سگهي ٿو پر ان کي ڪنهن ٻاهرين ڌر کان ڪوبه خطرو ناهي. اهو خطرو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن مخالف ڌر جون پارٽيون ايتريون منظم هجن جو انهن جي پنهنجي اتحاد ۾ ڪو ڏار نه پوي، پر هتي ته صورتحال اها آهي جو اپوزيشن پارٽيون حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڪنهن به هڪ حڪمت عمليءَ تي متفق نه آهن.
تازو ئي وزير اعظم عمران خان نيازي پنهنجن وزيرن جي ڪارڪردگي ڏسندي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا هئا. جنهن لاءِ سينيئر صحافي محسن بيگ جو چوڻ هو ته انعام راند ختم ٿيڻ کان پوءِ ڏنو ويندو آهي ته ڇا واقعي به عمران خان ۽ ڪمپنيءَ جي راند هاڻي ختم ٿي چڪي آهي؟ مراد سعيد جي حوالي سان ڪيل هڪ ڳالهه سبب محسن بيگ کي هٿڪڙيون پڻ لڳايون ويون آهن، پر حڪومت اپوزيشن پارٽين ۽ سڀني صحافين کي جيلن ۾ واڙي سگهي پر تنهن هوندي به اها پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نٿي بنائي سگهي، ڇاڪاڻ ته هڪ هائبرڊ نظام وسيلي آيل حڪومت ڪنهن به ريت ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل نه هوندي آهي.