ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي!

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

نواب ولي محمد لڳ ڀنڊن جي ڳوٺ تي ھٿياربند ڪاھه وسيلي بيگناهھ ماڻھن جي خون کان پو آصف زرداري سياسي طور ھميشه واسطي لولو لنگڙو ٿي چڪو آهي.
ڪجھه مھينا اڳ جڏهن زرداري ھن ٻني تي قبضو ڪرڻ لاءِ پوليس چڙهائي ذريعي ڳوٺاڻن کي گھرن مان زوريءَ لڏائي ڇڏيو هو ته ان مھل به سيد زين شاهه مڙسيءَ سان مظلومن جو ڀرجھلو بڻجي زرداريءَ جي پوليس کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ کيس پھرين ملھه به ماريائين. ڪالهھ ٻي ملھه ۾ به زرداري کي دسي نه رڳو سرخرو ٿيو آهي پر وڏي اھم حقيقت ھي آهي ته زين شاھه سنڌ جي قومي سياست کي سچي مزاحمت وارو دڳ ڏيکاري قومي ٻڌيءَ جي واٽ ھموار ڪري ڇڏي آهي. ان ڳالھه ۾ ھاڻي ڪوبه شڪ ناهي ته زرداري نوابشاهھ ضلعي جي ڪچي ۾ پنهنجي ذاتي ڪيٽي ٺاهڻ لاءِ اڃا ٻين زميندارن، ھارين ۽ ننڍن کاتيدارن سان ڏاڍائي ڪرڻ لاءِ جيڪا سازش ذھن ۾ گھڙي ھئي، في الحال ان کي ڀنڊن جي راگناهھ وھايل رت بريڪ ھڻي ڇڏي آهي. جيئن مٿي لکيو اٿم ته نواب ولي محمد واري قتلام زرداري جي سياست کي لولو لنگڙو ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سچائي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچيءَ کان چترال تائين ثابت ٿي ويندي. ايئن ناهي ته سنڌ تي چوڏھن سالن جي بدترين راڄ جي سزا رڳو پ پ قيادت کي ملندي پر ھاڻوڪي وزير اعظم عمران خان کي پاڪستان جا ووٽر سڀني کان گھڻو ذليل ڪري شڪست ڏيندا.
عمران خان جي باري ۾ ته آچر ڏينهن پنهنجي ڪالم ۾ تفصيل سان لکندس ته کيس قومي اسيمبليءَ مان بي اعتمادي جي رٿ وسيلي ايندڙ 15 مارچ کان اڳ ۾ ڪيئن وزير اعظم جي ڪرسيءَ تان ھٽائي گھر اماڻي ڇڏيندا. کانئس پوءِ جيڪو به گڏيل راءِ سان وقتي اقتدار ماڻيندو، ان کي ٽن چئن مهينن اندر عام چونڊون ڪرائي حڪومت جون واڳون اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت جي اڳواڻ حوالي ڪرڻيون پونديون. پاڻ ڀارتي فلمن ۾ جيئن ھڪڙي ڏينھن جو حاڪم ڏسندا آهيون، ھتي اسان وٽ ته ٽن چئن مهينن لاءِ مزا وٺڻ لاءِ انيڪ اميدوار شيروانيون ٺھرائين پيا پر چونڊون ڪرائڻ وارو حڪمران سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي گڏيل راءِ سان ٿيندو جنهن لاءِ جھانگير ترين ۽ شاھه محمود قريشيءَ جي نالن تي اتفاق ٿي ويو آهي. پر تڏهن به آخري فيصلو جلاوطن مسلم ليگي ليڊر ميان نواز شريف جي مرضيءَ مطابق ٿيندو ڇاڪاڻ ته ان حقيقت ۾ ھاڻي سندس دشمنن کي به شڪ نه آهي ته سڄي ملڪ مان نواز شريف ئي ھر ھنڌان سيٽون کٽي سڀني کان مقبول عوامي اڳواڻ ثابت ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.
پاڻ واپس اچون ٿا نوابشاھه ضلعي جي ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ معصوم انسانن جي ٿيل ظالماڻي قتلام تي جنھن متعلق سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي اصل حڪمران جي ٽن ڏينهن تائين ھن رتوڇاڻ تي سرد مهري، لاتعلقي، لاپرواهي ۽ لاقانونيت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي ادارن کي آواز بلند ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. ھڪڙو ته ھو اھو انٽرنيشنل پريشر ۽ سون تي سهاڳو ثابت ٿيو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سرواڻ سيد زين شاهه پاران قومي شاھراھه تي لڳايل ڌرڻو جنھن ڪراچيءَ کان پشاور تائين ٽريفڪ جام ڪري ملڪي معيشت لاءِ وڏي مالي نقصان جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو. آصف زرداري ته پنھنجن خاص خدمتگارن جا نالا ايف آئي آر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نه هو ۽ نه ئي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس اسيمبلي ميمبرن کي ليکيندو ھو. نيٺ واڳ ڌڻين زرداري کي داٻو ڏنو ته جلد فيصلو ڪر نه ته سنڌ پوليس نوابشاھه ضلعي وارن ٿاڻن کي سنڌ رينجرس حوالي ڪري، اصل قاتلن خلاف ايف آئي آر به ڪاٽي ويندي، ڏوھارين کي گرفتار به ڪيو ويندو ۽ شاھراھن کي کولي ملڪي معيشت کي مڪمل تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ميدان تي اينداسين.
مون وٽ ھن وحشتناڪ ظلم جي بروقت ڪڍيل ھڪ اھم ويڊيو ثبوت طور موجود آهي جنھن ۾ گولين جي برسات ۽ مرندڙ ۽ ڦٽجي پٽ تي ڊھندڙ ھارين جا رتورت ٿيل لاش به ڏسي سگهجن ٿا. جنھن وحشياڻي طريقي سان ڳوٺاڻن تي انڌي فائرنگ ڪئي ويئي، ان تي ڪاوڙجي ھڪڙو پوليس ورديءَ وارو رحمدل شخص ايف آئي آر ۾ مک جوابدار ڄاڻايل محسن زرداري کي دانھن ڪري چوي ٿو ته، “ھاڻي فائرنگ بند ڪريو، بس ڪريو بس، ڇا سمورن ڳوٺاڻن کي ماريندؤ؟”
بھرحال ھي ھڪڙي زمين تي تڪرار ۽ ناجائز قبضي لاءِ ٿيل معصوم انسانن جي خون ناحق خلاف مزاحمت ڪرڻ وارن ھنن ٻنھي تاريخي واقعن کان وڏو اھم ۽ ڀيانڪ واقعو گذريل سال ڇھين جون تي سپر ھاءِ وي لڳ ڳوٺن جي والار خلاف ٿيندڙ احتجاج پڻ ھتي پڙھندڙن کي ياد ڏياريان جنهن جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان. ان پرامن احتجاج ڪرڻ وارن تي ھزارن جي تعداد ۾ سنڌ پوليس مقدما داخل ڪري جوانن توڙي اسي سالن جي ٻڍڙن کي به دھشتگردي جي الزامن ھيٺ جيلن ۾ واڙي ڇڏيو هو. ان احتجاج کي به مون سنڌ جي قومپرست اڳواڻن لاءِ ٽيسٽ ڪيس سمجهي اھو سچ لکيو هو ته گھڻن اڳواڻن کي ته شريڪ ٿيڻ جي دعوت ئي نه ڏني ويئي. ٻيا اھڙا به ليڊر ھئا جن کي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ملي. ھڪ پل واسطي به جيل يا لاڪپ ۾ نه وڌا ويا. فقط زين شاهه اڪيلو ڄڻو ھو جنھن نه رڳو راضي خوشي پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پوليس وٽ پيش ڪيو ته کيس قانون مطابق عدالت آندو ويو. جج صاحب زين شاھه کان پڇيو ته ڪٿي آهي اوهان جي ضمانت واري درخواست؟
ھن يگاني مجاھد وراڻيو ته، “جج صاحب مان ضمانت نه ٿو گھران. مان چاهيان ٿو ته اوهان مون تي ڪيس ھلايو ڇاڪاڻ ته دھشتگردي ڪرڻ جا قلم مون تي لاڳو ڪيا آهن حد جي پوليس، جي ثابت ٿئي ته مان ڪابه دھشتگردي ڪئي آهي ته بيشڪ قانون موجب مون کي سزا ڏيو”
تاريخ ۾ پاڻ سڀني اھڙا مثالي واقعا پڙھيا آھن جن جي ڪري ظلم، دھشت ۽ غلاميءَ ۾ جڪڙيل قومون مارئيءَ وانگر ھڪڙي ڇرڪ سان نو نيئر، ڏهھ ڏاوڻيون ۽ پنڌرهن پيدا ڇني آزاديءَ لاءِ اٿي کڙيون ٿيون آھن. مثال طور، فرانس جي راڻيءَ جو چوڻ ته “جيڪڏهن بازار ۾ اٽو نه ٿو ملي ته ماڻهو بيڪري مان ڪيڪ وٺي کائين” يا تيونس جي پوليس پاران ھڪ غريب جو ريڙھو وچ شھر ۾ اٿلائي سندس گذرسفر جو وسيلو کسڻ وغيره. فرانسيسي انقلاب کان عرب اسپرنگ تائين تاريخ اھڙن واقعن سان ڀريل آهي. ھاڻوڪي سوشل ميڊيا ته سڄي دنيا ۾ ايتري قدر جاڳرتا ۽ انساني آزادي جي تڙپ پيدا ڪئي آهي جو مقدس درسگاهن اندر لڪ ڇپ ۾ ٿيندڙ ڏوھاري حرڪتون به نڪري نروار ٿي ويون آهن. ساڳي ريت ڀنڊ برادري جي ڳوٺ ۽ ٻنين تي سرڪاري سرپرستي ھيٺ ٿيل تازي دھشتگردي سنڌي ماڻهن کي نه رڳو سجاڳ ڪيو آهي پر سنڌ جي ڇڙوڇڙ ٿيل قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي به قومي اشوز تي گڏجي ھڪ ٿيڻ جو تاريخي موقعو عطا ڪيو آهي. فقط انا، خود پرستي ۽ ذاتي شھرت لاءِ منفي طريقا ڪتب آڻڻ بدران سچي نيت سان ايندڙ نسلن جي رھنمائي ڪرڻ کي پنھنجو قومي، سماجي، روحاني ۽ اخلاقي فرض سمجهي، ان آڌار سياست ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button