ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام مخالف ايجنڊا

Editorial

پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هر شي جي قيمت کي باهه لڳي وئي آهي، في ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 80 رپيا وڌائڻ جو خدشو آهي. جڏهن ته فلور ملز به اٽي جي قيمت وڌائڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. گيهه ۽ فلوز ملز جي مالڪن حڪومت کي قيمتن ۾ واڌ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، گيهه ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان گرائنڊنگ چارجز ۽ ٽرانسپورٽ چارجز وڌيا آهن. ذريعن موجب سندن چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پام آئل جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي نه ٿي ته کوٽ ۽ قيمت ٻيڻي ٿي ويندي.
هڪڙا حڪمران جيڪي ايجنڊا ئي عوام جي معاشي چيلهه ڀڃڻ واري کڻي آيا هجن، اهي آخر واپارين جي اهڙين تجويزن تي عمل ڇو ڪندا جنهن سان عوام کي ٿورو به رليف ملڻ جو امڪان پيدا ٿيندو هجي. هنن جي عوام دشمني جو هڪ ثبوت خميس تي سينيٽ ۾ بلن جي منظوري به آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت طرفان پيش ڪيل 3 بل منظور ٿي ويا آهن، منظور ڪيل بلن تحت اوگرا هاڻي گئس جي اگهن جي مقرري جي حوالي سان خودمختيار بڻجي وئي آهي ۽ اها اگهه بنا ڪنهن عوامي شنوائي جي مقرر ڪري سگهندي. رپورٽ مطابق ايوان ۾ اهم قانون سازي دوران اپوزيشن پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، حڪومت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ٻيو ترميمي بل، اقرا الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز سميت 3 اهم بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. اوگرا ترميمي بل تي دلاور خان گروپ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ بل جي منظوري تي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو. اوگرا ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ آيو ته چيئرمين کيس چيو ته توهان هليا وڃو، بل منظور ٿي چڪو آهي، توهان سدائين جيان اڄ به دير سان آيا آهيو. سينيٽ ۾ اوگرا ترميمي بل کانسواءِ الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪونسلز بل به منظور ٿيو، سينيٽ چيئرمين جي ووٽ هڪ ڀيرو ٻيهر فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪائونسلز بل پيش ڪرڻ جي رٿ تي ووٽ 29-29 سان برابر ٿيا ته سينيٽ چيئرمين پنهنجو ووٽ حڪومتي بئنچ کي ڏنو. سينيٽ چيئرمين اوگرا ترميمي بل جي منظوري اڳ ۾ پوئتي ڪئي ۽ ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت ٿيندي ئي بل منظوري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. اوگرا ترميمي بل موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت اوگرا جي تجويز ڪيل قيمت 40 ڏينهن ۾ نوٽيفاءِ نه ڪندي اوگرا پاڻ نوٽيفاءِ ڪندي. اوگرا کي عوامي شنوائي بنا آر ايل اين جي، ايل اين جي جو اگهه طئي ڪرڻ جو اختيار هوندو. سينيٽ چيئرمين اوگرا ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪري وئي ۽ دلاور خان گروپ هن ڀيري به حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن کانپوءِ بل منظور ٿي ويو. هوڏانهن اوگرا جي منظور ڪيل ترميمي بل تحت وفاقي حڪومت يقيني بڻائيندي ته اوگرا طرفان لڳايل ڪاٿو قدرتي گئس جي ڪاٿي کان گهٽ نه هجي، حڪومت اوگرا جي تجويز ڪيل قيمت کي 40 ڏينهن تائين نوٽيفا نه ڪري ته اوگرا نوٽيفا ڪري ڇڏيندي. ٻئي ترميمي بل مطابق ايل اين جي ۽ آر ايل اين جي جي لائنسنگ ۽ قيمت کي ريگوليٽري فريم ورڪ ۾ شامل ڪيو ويندو، اوگرا کي آر ايل اين جي ۽ ايل اين جي جي قيمت طئه ڪرڻ جو اختيار هوندو. ٻئي اوگرا ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته اوگرا کي بنا ڪنهن پبلڪ هيئرنگ جي امپورٽڊ گئس ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جي قيمت ۾ اضافي جو اختيار هوندو.
حڪمرانن جي نيت جي ته اهڙن قدمن مان به خبر پوي ٿي ته هو ڪيترا عوام دوست آهن. هونئن ته هر ڀيري پنهنجن عوام مخالف قدمن ۽ فيصلن سان انهن پنهنجي نيت ظاهر ڪئي آهي پر ان جي تازي جهلڪ اوگرا کي اگهه وڌائڻ جا اختيار ڏيڻ واري ڄاڻايل بل جي منظوري مان به پسي سگهجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button