ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هاري، نيوٽريشن ۽ ماحول

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان نا مناسب حالتن ۾ رهندي به هاري هن ملڪ جي شهرين کي ڏڪاري حالتن کان بچائي ويٺل آهي. ملڪ جي هاريءَ جي سماجي ۽ اقتصادي صورتحال ته ڏينهون ڏينهن ابتر ٿي رهي آهي. پر ماحولياتي ۽ غذائي کوٽ واري صورتحال کان پوءِ هاري ٽائيم بم تي ويٺل نظر اچي ٿو. هاريءَ جو گهر عام طور تي هڪڙي ڪمري وارو هوندو آهي. جيڪو هڪ ئي وقت رڌڻو، سمهڻ ۽ اسٽور طور استعمال ۾ ايندو آهي. انگن اکر موجب اسان جو ملڪ ساليانو 108 ملين ڊالرز جي زرعي دوائن جي مارڪيٽ وارو ملڪ آهي. زرعي دوائن جي نقصان جي ڄاڻ زرعي ماهرن کي وڌيڪ آهي، پر زرعي دوائن جو واهپو ڄاڻايل ڪمپنين جي خرچ تي وڌايو ويو هو، پر نقصان جي آگاهي وارو خرچ ڪير ڀري؟ ان ڪري زرعي دوائن جي مارڪيٽ ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو. 2023 ۾ 127 ملين ڊالرز جي زرعي دوا جي وڪامڻ جو ڪاٿو آهي. هاري عام طور تي زرعي دوا گهر ۾ رکي ٿو. بچي پيل دوا به گهر جي جاري يا ڇپر ۾ ٽنگي ڇڏي ٿو. هڪ سروي موجب گهر ۾ رکيل زرعي دوا اٽي، کير ۽ ٻئي رڌ پچاءَ جي سامان ۾ ملندي رهندي آهي. ٻارڙا به انهيءَ ساڳي ڪمري ۾ راند رهندي متاثر ٿيندا رهن ٿا، جتي دوا پيل هوندي آهي. عام طور تي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جهيڙي دوران سولي پهچ ۾ پيل زرعي دوا عام طور تي زال استعمال ڪري خودڪشي ڪري وٺي ٿي. هاري دوا جي اسپري دوران پيرن ۽ پٺن اگهاڙو هئڻ ڪري گرمين ۾ تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو. اسپتالن ۾ اڃان تائين ڊاڪٽرن کي زرعي دوا جي طرياق جي آگاهي نه آهي. ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل جي شاگردن کي انهيءَ زهر جي طرياق واري تعليم ئي نٿي ڏني وڃي. ان ڪري اسپري دوران بي هوش ٿيندڙ هاري يا مري وڃن ٿا، يا وري سڄي زندگي لاءِ مفلوج بنجي وڃن ٿا. هاريءَ جي اولاد جي تعليم، هيلٿ ۽ ٻئي سماجي صورتحال تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي. هاري جيڪو سڄي ملڪ جي لاءِ اناج اپائي ٿو، ان جو سڄو ڪٽنب سخت غذائي کوٽ جو شڪار رهي ٿو. غذائي کوٽ سبب هن ملڪ جا 40 سيڪڙو ٻار سٽنٽنگ (عمر جي لحاظ سان قد ۽ وزن نه وڌڻ) جو شڪار آهن. ان ڪري اهڙا ٻار ذهني نشونما وڃائي ويهن ٿا. ان ڪري نسلي طور تي هاڻ هاريءَ جو اولاد سخت خطري واري ذمري ۾ آيل بنجي ويو آهي.
خبر ناهي ته هاري اهڙين حالتن ۾ رهندي ڪيستائين سروائيو ڪري سگهي ٿو؟ ان ڪري سماج جي معاملن تي گهري نظر رکندڙن چتاءُ ڏيندي چيو آهي، ته هيءُ ٽائيم بم ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿو.”
جهڙي ريت پاڪستان جو وزير اعظم عمران خان پاڙيسري ملڪ افغانستان جي ماڻهن جي صورتحال بابت دنيا کي خبردار ڪندو رهيو آهي. اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ هڪ پاڙيسري ملڪ هئڻ جي ناتي هن شديد سرد موسم ۾ اتي جا رهواسي هڪ ڏکي حالتن مان گذري رهيا آهن. پر اهو ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها، ته ملڪ جي وزير اعظم کي ائين پنهنجي ملڪ جي هارين بابت به ڪا سڌ پئجي سگهي ها؟ ڇو ته انهن هارين بابت ته هو پاڻ فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. هن ملڪ جا هڏ ڏوکي سماجي ۽ اقتصادي ماهر ملڪ جي هارين بابت هر فورم تي ماحوليات ۽ غذائي کوٽ واري صورتحال کان آگاهي ڏيندا رهيا آهن. پر اهي ڳالهيون ٻڌي ڪير؟
غذائي کوٽ جي صورتحال
غذائي اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 7 ڪروڙ 90 لک ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن. هيومن ڊولپمينٽ پروگرام جي ماهرن موجب سٽنٽنگ رڳو غذائي کوٽ جو مسئلو ناهي، پر هي معاشي مسئلو به آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار سٽنٽنگ جو شڪار آهي، ته ان ٻار جي ذهني نشونما، قابليت ۽ سکڻ جي صلاحت به گهٽجي وڃي ٿي. جنهن ملڪ ۾ نوڪرين جا محدود موقعا ميسر هجن، اتي اهڙا ٻارڙا جوان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪٽنب ۽ معاشري لاءِ ڪيترو لاڀائتا بنجي سگهن ٿا؟ نيشنل نيوٽريشن سروي 2011 موجب پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جتي بدترين غذائي قلت موجود آهي. جنهن جي ڪري ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ خطرو پيدا ٿي ويو آهي. انهيءَ سروي موجب پنج سالن جي ڄمار تائين جي 64 سيڪڙو ٻار آئرن جي کوٽ جو شڪار آهن. 54 سيڪڙو ٻار وٽامن اي ۽ جي ۽40 سيڪڙو ٻار وٽامن ڊي جو شڪار آهن. 51 سيڪڙو عورتون انيميا جو شڪار آهن. جڏهن ته 37 سيڪڙو حمل واريون عورتون آئرن جي کوٽ جو شڪار آهن. 46 سيڪڙو عورتون وٽامن اي ۽ 69 في صد عورتون وٽامن ڊي جي کوٽ جو شڪار آهن. پاڪستان ۾ نيوٽريشن جي ماهرن ٻارڙن ۽ عورتن ۾ غذائي کوٽ جي پورائي لاءِ فورٽي فڪيشن جي پروگرام تي زور ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ اڃان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون آهي. پر اڃان اسان جي پارليامينٽرين کي اهڙي اهم معاملي تي سوچڻ جو ٽائيم نه ملي سگهيو آهي.

فوڊ سڪيورٽي جي لحاظ سان سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ سارين جي فصل کي وڏي اهميت حاصل آهي. بصر، ٽماٽا، مرچ سبزيون ۽ ٻيا تيلي ٻج به ڏسي سگهجن ٿا. پر هنن سٽن لکڻ دوران سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ سارين جي فصل جي زرعي اگهن جي مختصر صورتحال ڏسي سگهون ٿا. زرعي مند جي حوالي سان سنڌ ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ مهيني کان ڏيڍ مهينو آڳاٽي مند وارو پرڳڻو آهي. فطري طور تي انهيءَ آڳاٽيءَ مند جو فائدو زرعي جنسن جي اگهن جي حوالي سان هن وقت تائين سنڌ کي حاصل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي آڳاٽي لهندڙ بصر ۽ ٽماٽي جي صورتحال سنڌ ۾ هر هنڌ آساني سان ڏسي سگهجي ٿي.
ڪڻڪ
ڪڻڪ جي حوالي سان هن سال وفاقي حڪومت 1950 رپيا امدادي اگهه مقرر ڪيو آهي. سنڌ جي حڪومت ڪڻڪن ۾ لابارو شروع ٿيڻ تائين امدادي اگهه مقرر نه ڪيو آهي. حالانڪه امدادي اگهه فصل جي پوکي کان اڳ طئه ڪيو ويندو آهي، ته جيئن آبادگار انهيءَ اگهه جي روشني ۾ وڌيڪ ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهي.
هن وقت سڀ کان خراب صورتحال ڪڻڪ جي فصل جي اگهه جي سنڌ ۾ ٿيڻ واري آهي. جڏهن سنڌ ۾ فروري جي پڇاڙي واري هفتي ۾ لابارا شروع ٿي چڪا آهن، ته ان آڳاٽي ڪڻڪ جي اگهه جو سنڌ جي آبادگار کي فائدو ملڻ واري مند ۾ وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جا 6 جهاز ٻاهرين ملڪ مان گهرايا ويا آهن. جيڪي پهچڻ وارا آهن. اها ڪڻڪ ڊالر جي عيوض خريد ڪري آندي وئي آهي. سنڌ جي آبادگار سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي اها آهي ته هڪ طرف سرڪاري طور تي صوبائي حڪومت ڪڻڪ جو اگهه ئي مقرر نه ڪيو آهي، ٻئي طرف سرڪاري طور تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ واري ڪا پاليسي به ظاهر نه ڪئي وئي آهي. هن سال ڪڻڪ جي پوکي دوران يوريا جي اصل قيمت 1760 جي بدران 3000 ۾ وڪاڻو ۽ ڊي اي پي اصلي قيمت 5000 جي بدران ساڍا 9 هزار ۾ بليڪ تي وڪاڻو آهي. جنهن سبب اٽڪل اٺ ارب رپين جو رڳو سنڌ جي آبادگارن کي نقصان ڏنو ويو آهي. مجموعي طور 74 ارب رپيا هٿرادو طور ڀاڻ مهانگو ڪري ڪمايا ويا. ان دوران 14 ارب رپين جو ڀاڻ ٻاهران گهرايو ويو. وقت سر ڀاڻ نه ملڻ جي صورت ۾ جيڪا ڪڻڪ گهٽ لهندي، ان جو مجموعي ڪاٿو 360 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي ريت مجموعي طور ملڪ ۾ رڳو ڪڻڪ جي فصل جي حوالي سان 448 ارب رپين جو آبادگارن کي نقصان ڏنو ويو آهي.”

” گذريل سال سنڌ ۾ 40 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پيدا ٿي، جنهن مان 14 لک ٻوريون خريد ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ فيبروري جي پڇاڙي واري هفتي ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ شروع ٿي ويو. پر سنڌ ۾ اپريل تائين به ڪڻڪ جي خريداري وارا مرڪز نه کلي سگهيا هئا. اوستائين 90 سيڪڙو فصل لهي چڪو هوندو آهي. سنڌ جي حڪومت 2000 هزار رپيا في مڻ وارو امدادي اگهه مقرر ڪيو هو. ڪڻڪ جي خريداري وارا سينٽر نه کلڻ ۽ آبادگارن کي وقت سر بارداڻو نه ملڻ سبب آبادگارن مجبورن 17 سئو تائين پنهنجي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪي. جنهن جي ڪري سنڌ جي آبادگار کي اٽڪل ٻه ارب رپين جو نقصان پهتو. گذريل سال سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل پنهنجي مقرر ڪيل حدف 12 لک هيڪٽرز کان به وڌيڪ 12 لک ٻه هزار هيڪٽرز تي ڪڻڪ پوکي وئي. جنهن جي پيداوار جو مقرر حدف 40 لک ميٽرڪ ٽن کان به وڌيڪ 40 لک 43 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿي آهي. حالانڪه ٻاهريان ايندڙ ڪڻڪ به ڪراچي ۾ لهي ٿي. ان جي باوجود حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سڄي ملڪ کان مهانگو اٽو سنڌ ۾ وڪامي رهيو آهي.
ساريون
ساريون گذريل سال 17سئو کان 18 سئو رپيا في مڻ وڪيون ويون. گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال مارڪيٽ جا اگهه 150 سيڪڙو وڌيڪ وڌيا آهن. ان جي باوجود هن سال ساريون 13سئو کان 14 سئو تائين وڪامي سگهيون آهن. هن سال دادو، سانگهڙ ۽ اڪرم واهه جي ٽن سب ڊويزنن ۾ هڪ لک ايڪڙن تي سارين جي پوکي تي جبري طور تي پابندي وڌي وئي هئي. سارين جو ڪوبه امدادي اگهه مقرر نٿو ڪيو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ هن سال 2000 جو امدادي اگهه هئڻ گهربو هو. پهرين جنوري 2021 تي ڊي اي پي 3950 في ٻوري هئي ۽ ان جي مقابلي ۾ پهرين جنوري 2022 ۾ هڪ سال دوران ڊي اي پي ساڍا 9 هزار ۾ وڪاڻو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button