نواب ولي محمد سانحي جتي پوري سنڌ کي ڌوڏي وڌو ۽ ڪيترن ئي سوالن سان گڏوگڏ محرومين جي ڪيفيتن کي به اڀاريو، انهيءَ سانحي سنڌ جي عوام ۾ هڪ وڌيڪ اتساھه ۽ جرئت به پيدا ڪئي آهي. ڀنڊ برادريءَ جي هارين ۽ ڪمزور ماڻهن سان زرداري ٽولي جيڪو ڪيس ۽ ظلم ڪيو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪو نئون ته نه ٿو چئي سگھجي پر ڪي سوال تڏهن اڀري سنڌ جي عوام کي پريشان ۽ طيش ۾ آڻي رهيا هئا ته سنڌ ۾ سياست تي غالب پ پ پ ۽ پ پ پ تي غالب زرداري پنهنجي دولت جي حوس ۾ ۽ قبضا گيرين ۾ اهي لڪيرون به پار ڪندو، جيڪي لڪيرون پار ڪرڻ سان هڪ طاقتور عوامي مزاحمت پيدا ٿيندڙن جو خوف هوندو آهي.
اقتدار جي نشي ۾ غرق ٽولو جڏهن ان جي پرواھه نه ڪندو آهي تڏهن تاريخ پنهنجي بچاءَ ۾ اهڙا اڀار ۽ تحريڪون اڀاريندي آهي، جن جو پهريان امڪان حڪمران ٽولي کي ڪڏهن به ناهي هوندو. اهو عمل ۽ تاريخ جي ارتقائي ڌارا پوري دنيا جي اندر تحرڪ ۾ ۽ عمل ۾ نظر اچي پئي جبر پنهنجي حد درجي جي پيڙاھه ۾ گذرندي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪندو آهي جتي ننڍا ننڍا چڻنگون بڻجي وڏا ڀنڀٽ بڻجي ويندا آهن پر انهيءَ جي لا لازم آهي ته انهن تضادن ۽ ٽڪرائن جي لاءِ شعور، جذبو ۽ تنظيم جو هجي. سنڌ ۾ برادرين جي اندر ملڪيتن ۽ سماجي روين ۽ ٻين ٽڪرائن جي بنيادن تي هزارين زندگيون قتل ٿيون آهن. ڪيتريون ئي زمينون غير آباد ۽ ڪيتريون قبضي هيٺ اچي ويون آهن، ڪيترائي آباد ۽ وسندڙ ڳوٺ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويا آهن، انهن جهيڙن ۾ اهم ڪردار ذات ۽ برادريءَ جي اڳواڻي ڪندڙ نام نهاد چڱن مڙسن جو رهيو آهي ۽ انهن جي واٺن جن کي پاڻ ڏوهاري يا ڪرائي جا بدمعاش چئون، انهن پورو هڪ ڪاروبار ڪري برادري جي جھيڙن کي اڳي وڌايو آهي، جنهن مان هڪ طرف نام نهاد چڱن مڙسن، ڀوتارن ۽ سردارن کي سياسي فائدا مليا آهن ته ٻئي طرف انهن جي دهشت ۽ وحشت مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن کي دٻاءَ ۾ آڻي هيستائي ڇڏيو آهي.
سنڌ ۾ چوري کان ملڪيتن جي تنازعن تائين ۽ بيهودن الزامن جن کي ڪارنهن جي نالن سان پيش ڪيو ويندو آهي، انهن سبب آئي ڏينهن جهيڙا ٿيندا رهن ٿا. حڪمران طبقي جي سياست ڪندڙ ٽولي هڪ وقت اڀري ايندڙ جهيڙن کي فيصلن جي نالن سان وقتي ٺاپر آڻي خون بها ۾ پاڙي رياست جي اندر هڪ رياست قائم ڪري رکي آهي. اهوئي سبب آهي جو انهن بيهودن تضادن عوام دشمن ۽ قوم دشمن روين ۾ جڏهن شدت ايندي آهي تڏهن سنڌ جا عوام دوست ۽ قوم پرست سياستدان سخت پيڙاھه محسوس ڪندي، انهن جي هڪ طرف مذمت ڪندا آهن ته ٻئي طرف ميڙ منٿ قافلا ڪري جھيڙيندڙ ڌرين وٽ ميڙ ٿي انهن کي قائل ڪندا آهن ته هو فيصلا ڪري معاملو ختم ڪن.
سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪي به نام نهاد فيصلا ۽ جرڳا ٿيا آهن انهن ۾ هڪ به اهڙو فيصلو ناهي ٿيو جو ڏوهاري ڌر کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ ان مٿان قانوني چارا جوئي ڪرائي وئي هجي. انهيءَ جي ابتڙ چڱن مڙسن جا فيصلا اهي ٿيا آهن ته هر جارحيت جي سزا ڏنڊ جي صورت ۾ يعني پيسن جي صورت ۾ مقرر ڪئي وئي آهي پوءِ معاوضو ڪٿي گھٽ ته ڪٿي وڌيڪ پر ڪٿي به قانوني ۽ سماجي سزا جو فيصلو ناهي ٿيو. انهيءَ ڪري اها ڌر جيڪا پيسا ڀري سگھي ٿي ان وٽ جهيڙي ۽ جارحيت لاءِ هر وقت تڪبر ۽ بي خوفي رهي آهي ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ڪيترا به ماڻهو مرندا ته انهيءَ جو ازالو ڪجھه نوٽن جي ٿهين سان ڪيو ويندو پر هاڻي معاملو ان انداز سان به گنجرايو ويو آهي ته جهيڙن کي وڌائي هٿيارن ۽ عيوضن جي نالي تي برادريءَ جي ماڻهن کان ۽ علائقي ۾ رهندڙ غير برادرين جي ماڻهن کان به ڪروڙين روپين جا چندا وصول ڪيا ويندا آهن. پاڻ جيڪڏهن صاف ۽ چٽن لفظن ۾ ان پوري واردات کي بيان ڪريون ته اهي چندن جي نالي تي درحقيقت ڀتار ورتا ويندا آهن ۽ غريب ماڻهو يا امن پسند ماڻهو اهو ڀتو ڀرڻ جي لاءِ مجبور هوندو آهي، اهوئي سبب آهي جو پارٽين جي اندر خاص ڪري سنڌ ۾ وفاقي پارٽين يا پ پ پ جي اندر اهڙن جھيڙن ڪندڙن ٽولن جي هڪ خاص حيثيت آهي. ڇو ته هاڻي اهي علائقي جي اندر دهشت جي بنيادن تي قابض ناهن پر انهيءَ سان گڏوگڏ هو سياسي بنيادن تي به پنهنجي مضبوط گرفت رکن ٿا، ڪنهن ۾ اها جرئت نٿي ٿئي ته هو پنهنجي پولنگ اسٽيشنن تان قابض ڌر کي يا طاقتور ڌر کي هارائي، هارائڻ جي نتيجي ۾ هنن جي زندگي ته جھنم ٿي ويندي پر انهن جون ملڪيتون به قبضو ڪيون وينديون آهن. پنهنجن ماڻهن کي ۽ پنهنجن گروهن کي هر سطح تي تحفظ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نالي ماتر ايف آءِ آرون اهڙيون ڪٽيون وينديون آهن جن ۾ نه پير نظر ايندو آهي نه کر. جيئن اردو جو هي شعر آهي ته “تم قتل ڪري هو يا ڪرامات ڪري هو”.
پنهنجو هر وقت قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست کان اهوئي مطالبو ۽ گھر هئي ته هو تضادن جي سماجي جبر ۽ سياسي مفادن جو ٺيڪ طرح سان تجزيو ڪري پنهجو ڪردار ادا ڪري. سنڌ جو اهو عوامي سياست ڪندڙ گروھه جيڪو قوم پرست ڌارا ۾ آهي يا کاٻي ڌر ۾ توڙي ان جو تعلق ڪنهن مذهبي جماعت سان آهي يعني اهي تمام جو تمام قوم پرست کاٻي ڌر ۽ مذهبي جماعتون جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي همدردي رکن ٿيون ۽ پاڻ کي جاگيرداري، سرداري نظام جي خلاف سمجھن ٿيون، اهي ان پوري صورتحال جو حل رڳو افهام تفهيم ڪرائڻ ۾ نٿيون سلجھائي سگھن. انهن کي ٺيڪ طرح سان پهريان ئي اهو ڪرڻ گھربو هو ته هر سماجي جبر، غنڊا گردي، جهيڙي جي معلومات وٺي ڪمزور ڌر جي ٻانهن ٻيلي ٿي ۽ جارح ڌر کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور سياسي ۽ سماجي تحريڪ جو دٻاءَ وجھي نتيجا حاصل ڪن. جيئن هن سانحي نواب ولي محمد ۾ ٿيو. ڀنڊ برادري جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف طاقت جو استعمال ڪندي زرداري ٽولي جيڪو ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ ۾ پهرين مزاحمت قوم پرست جماعتن، ۽ خاص ڪري ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھه ڪندي روايتي طرح ڳالهھ مڃي، مير منظور پنهور جي سرپينچي ۾ فيصلو ٿيو پر فتويٰ ان ڪري رڪي ته ڀنڊ برداريءَ سان سنڌ جي عوامي طاقت گڏ ٿي چڪي هئي، هنن فيصلي ۾ ڪو به دٻاءُ ۽ لالچ بيڪار سمجھي، تڏهن هنن جارحانه طريقي سان حملو ڪري زمين تي قبضو ڪيو. جنهن ۾ هڪ پوليس سب انسپيڪٽر ۽ پنج ڀند برادريءَ جا هاري قتل ڪيا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. ٻڌايو ٿو وڃي ته زخمين ۾ هڪ عورت به شامل هئي، جنهن کان پوءِ سنڌ جو شعور قوم پرستن جا سڀئي ڌڙا ايس يو پي سان گڏ ٿي هڪ مثالي ۽ تاريخي ڌرڻو هنيو. جنهن ۾ زمين ڀنڊ برادري کي ملي ۽ قتل جون ايف آءِ آرون ڪٽرايون ويون، اهو عمل جيڪڏهن قوم پرست سياست ۽ عوام دوست ڌرين جاري رکيو، عوام جي حقن ۽ مظلومن سان ٻانهن ٻيلي ٿي راڄوڻا فيصلا ۽ جرڳا بي اثر ڪري رياست جي ڪردار کي تحرڪ ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو ويو ته مظلوم ۽ خون فيصلن ۾ نه لڙهندا ۽ نه وري ڀوتارڪي مافيا سياست تي قابض رهي سگھندي، سنڌ جي عوام کي هڪ عوامي سياسي سگھه ۽ سهاري جي تمام گھڻي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهو عمل هاڻي شروع ٿيو، جنهن ۾ تمام ڌرين عوام سان گڏجي ڪري پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته هڪ ٿوري عرصي جي اندر سنڌ تان سياسي پنجوڙ ٽٽي پوندا. مثال ميهڙ جي سانحي ۾ ام رباب جيترو مستقل مزاجيءَ سان پنهنجو ڪيس وڙهيو آهي سول سوسائٽي ۽ ڪجھه سياسي فردن هن جو ساٿ ڏنو آهي اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ بهترين جرئت آميز مثال آهي يا ان کان پهريان ٽنڊي بهاول جي سانحي ۾ مائي جندو جرئت جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. انهن سڀني واقعن ۾ جيڪڏهن سنڌ جي عوام دوست سياست مڪمل طور تي انقلابي ڪردار ادا ڪندي اڳتي وڌي ته سنڌ ۾ نام نهاد برادري جھيڙا، ڀوتارڪيون سازشون ۽ ڏوهارين جا نو گو ايريا ختم ٿي ويندا. سنڌ کي عوام دوست سياست ۽ عوامي طاقت سان ئي بچائي سگھجي ٿو، هن وقت هڪ اميد ضرور پيدا ٿي آهي پر اها اميد ڪنهن به ڪمپرومائز يا بيدليءَ جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي. سنڌ جو عوام پنهنجي مزاج ۾ ۽ شعور ۾ هڪ الڳ ڪيفيت رکي ٿو. انهيءَ کي گڏ ڪري اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اهائي موجوده دور ۾ سياسي جدليات جي تقاضا به آهي ته حڪمتِ عملي به جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي توڙي جو ماضيءَ ۾ قوم پرست ۽ عوام دوست سياست مظلومن جي ساٿ ۾ ساٿ ڏنو آهي پر هاڻي جيئن قيادت ڪردار ادا ڪيو آهي انهيءَ ڌارا کي مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.