ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي حڪومت جو ريڊ زون ۾ مارچ!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

عمران خان جي حڪومت جي حامين توڙي مخالفن جو ھي خيال آھي تھ حڪومت تيزي سان خطرناڪ چور گپ ۾ ڦاسجندي وڃي پئي، جنھن کي ريسڪيو ڪرڻ ناممڪن ٿيندو وڃي ٿو. ھڪ پيج تي موجود غير سياسي قوت کان وٺي، حڪومتي اتحادين تائين ڪوبھ ان پوزيشن ۾ ناھي تھ اھي حڪومت کي موجوده صورتحال کان ٻاھر ڪڍي سگھن. انڪري جيڪي حڪومت جي صفن ۾ موجود آھن، اھي تھ پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ ھٿ پير بھ ھڻي رھيا آھن، پر اھي اتحادي، جيڪي نواز شريف جي حڪومت جي گھر ڀيڙي ٿيڻ کانپوءِ سويلين ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ھاڻ اهي به حيران ۽ پريشان آهن! انڪري اتحادي بھ نون سياسي گھٽ گھيڙن جي ڳولا ڪري رھيا آھن. ان حوالي سان ھنن ھينئر تائين جيڪي ملاقاتون ڪيون آھن، اھي بھ گھٽ اھميت واريون ناھن، نھ وري ھو ظاھري يا لڪ ڇپ ۾ ميل ملاقاتون ڪري رھيا آھن، اھي بھ گھڻي اھميت رکن ٿيون.
سياسي پنڊتن جو خيال آھي تھ اھي جيڪي عمران خان سان گڏ ھڪ پيج تي ھئا، انھن جي رسي وڃڻ کانپوءِ عمران خان جي حڪومت جي خلاف ايتريون تھ Developments سامھون آيون آھن، جن اڳيان ڪابھ ڪاما يا فل اسٽاپ نه لڳي رهي آھي، انڪري عمران خان جيڪي قدم کڻي رھيو آھي، اھي سمورا بيڪ فائر ثابت ٿي رھيا آھن. عمران خان ڪنھن اناڙي سياستدان جيان، ھڪ ئي وقت سمورا مخالف گس کولي ڇڏيا آھن، جيڪي مٿس حملي آور ٿي رھيا آھن، خراب حڪمراني جا اشوز الڳ آھن، جيڪي ھر پل حڪمرانن جو گھيرو ڪري رھيا آھن،انڪري نھ صرف حڪمراني بھتر ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آھن، پر اھي جيڪي اتحادي ھئا، يا جيڪي حڪومت جي صفن ۾ خاموشي سان ويٺا آھن، انھن جو موڊ ٺيڪ نھ آهي، اھي سڀ فنڪشنل ٿي ويا آھن. انھن سڀني جو نشانو بھ عمران خان آھي، اھڙي صورتحال ۾ حڪومت ڪيئن بچندي، ان حوالي سان ڪو بھ آپشن سامھون نظر نٿو اچي. چوڻ وارا چون ٿا تھ اھي جيڪي عمران خان جي لاءِ Safety valve ھئا، اھي به پاسيرا ٿي ويا آهن، انڪري، انهن ڌرين جي وچ ۾ ڳانڍاپي جا امڪان گھٽجي ويا آھن. اهو ئي سبب آهي جو ھي سموريون ڌريون پنھنجي پنھنجي ٻولي ڳالھائي رھيون آھن.
سياسي پنڊت چون ٿا ته عمران خان جي حڪومت مخالف ڌر جي گروپ فور جي گھيري ۾ آھي ۽ ھي گروپ ڏينھون ڏينھن حڪومت جي ڳيچي ۾ ڦندي کي تيزي سان ڇڪي رھيو آھي ۽ حڪمرانن جون ھڏڪيون پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن. حڪمران ان سرڪڻ جي جواب ۾ جيڪي قدم کڻن پيا، انھن جا ڪي بھ نتيجا سامھون نھ اچي رھيا آھن. جنھن ويل ڪو ماڻھو پريشان ھوندو آھي تھ ھو نھ صرف آپي کان نڪري ويندو آھي، پر ھڪٻئي پٺيان غلطين مٿان غلطيون ڪندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ان جي فيصلي جي سگھه جواب ڏئي ويندي آھي، انڪري ھي سڀ ڪجھه واضح طور نظر اچي رھيو آھي. مخالف ڌر جيئن ئي حڪومت تي وار ڪري ٿي، ان جي موٽ ۾ اها وڌيڪ موثر ۽ اثرائتي ٿيندي پئي وڃي، ان جي نتيجي ۾ عمران خان وڌيڪ پريشاني جي غار ۾ لھندو وڃي ٿو. حڪمرانن شايد سوچيو بھ نھ ھو تھ انھن سان ائين ٿيندو ۽ ھو ھٿوراڻيون ڏيندي، ھٿ مليندي رھجي ويندا!
ھينئر مخالف ڌر پاران پيش ٿيندڙ بي اعتمادي جي رٿ جون ڳالھيون Talk of Town بڻيل آھن. مخالف ڌر جا سمورا اڳواڻ ۽ پارٽيون، ان نقطي تي اتفاق ڪري چڪيون آھن تھ ڪائونٽ ڊائون جيڪو ڪيترن ئي ڏينھن کان جاري آھي، ان کي وڌيڪ تيز ڪجي تھ جيئن حڪومت کي گھر روانو ڪرڻ ۾ گھڻي دير نھ لڳي. مخالفن وٽ ملڪ کي ريسڪيو ڪرڻ جو پلان آھي يا نھ پر حڪومت پنھنجي دفاع جا سمورا ھٿيار ھٿان وڃائي چڪي آھي، پر ان جي نتيجي ۾ بيوسي ۽ نراسائي کانسواءِ ڪجهھ بھ نظر نھ اچي رھيو آھي. بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت کي پذيرائي ملي رھي آھي، مختلف گروپ سامھون اچي رھيا آھن، جيڪي عمران خان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺل آھن. حڪمران آھن، جيڪي ڪنھن بھDamage control لاءِ ڪي بھ قدم کڻڻ جي پوزيشن ۾ ناھن. اھڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جون ھي ڳالھيون ساڀيان لڳي رھيون آھن تھ عمران خان پنھنجو وزن برداشت ڪري نھ رھيو آھي ۽ ان جو وجود، حڪومت لاءِ ٻوجهھ بڻجي ويو آھي.
جن چئن کيڏارين، جو ذڪر ٿي رھيو آھي، جن جي مٺ ۾ گيم پلان آھي ۽ ھو مٺ بند ڪري ويٺا آھن، اھي اشارن ئي اشارن ۾ چئي رھيا آھن تھ عمران خان کي بچائڻ واري ڪابھ قوت نھ بچي آھي. اھي جيڪي اتحادي ھئا ۽ جنھن ڌر جي اشاري تي حڪومتي صفن ۾ شامل ٿيا ھئا، انھن کي بھ لاڳاتار ھڪڙو ئي جواب ملي رھيو آھي تھ “توھان جي گھربل نمبر تان ڪوبھ جواب نھ اچي رھيو آھي”! انڪري ھو بھ پريشان آھن، انھن پنھنجي چوڌاري ڏٺو ۽ کين يقين ھو تھ ڪو نھ ڪو سندن آواز جي جواب ۾ سڏ ورنائيندو پر بلڪل قبرستان جھڙي خاموشي آھي. ڪنھن بھ بندي يا بنديءَ جي ذات جو وجود ڀاسي نھ رھيو آھي. ان تي ھنن کي بھ حيرت آھي تھ ائين کين ڇورو ڇنو ڪري ڦٽو ڪيو ويندو، ان جي کين اميد نھ ھئي. اھي سمورا Electables جيڪي ڪنھن نھ ڪنھن جي ڪلھي تي چڙھي آيا ھئا، ھاڻ انھن جي به ڪو چيچ پڪڙڻ وارو ناھي، انھن جي مارڪيٽ جي طبيلي ۾ ڪا قيمت بھ ناھي، ائين لڳي ٿو ته اهي به پاڪستان جي رپئي جيان ڊي ويليو ٿي ويا آهن ۽ انهن وٽ ايترو ڪجهه به ناهي ته ھو ڀاڙو ڪرايو ڪري پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن روانا ٿي وڃن! ايستائين جو بقول مريم نواز جي تھ حڪومتي صفن ۾ فارورڊ بلاڪ ٺھي رھيا آھن، ھي ڪھڙي تبديلي جو اشارو آھي؟ عمران خان جي حڪومت کي گھر روانو ڪرڻ لاءِ اڌ درجن ايم اين ايز جي ضرورت آھي، پر مخالف ڌر ھي پلان جوڙيو آھي تھ انھن کي چئوڻ تي وڌيڪ چونڊيل نمائندا گھرجن جيئن عمران خان کي گھر موڪلڻ ۾ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي وڃي. انڪري حڪومت جا پنھنجا ميمبر اڏامڻ لاءِ تياريون ڪندي نظر اچي رھيا آھن، انھن کي تھ ھاڻ ڪو روڪڻ ٽوڪڻ وارو بھ ناھي. ڇاڪاڻ تھ ھو جنھن جي اشاري تي حڪومت ۾ شامل ٿيا ھئا، اھي پاڻ غائب آھن.
اھڙي Catch-22 صورتحال مان نڪرڻ لاءِ عمران خان پاڻ کي ريسڪيو ڪري ھا يا حڪومت کي محفوظ بنائڻ لاءِ اھڙا قدم کڻي ھا، جنھن سان مڪمل نھ ئي سھي ڪجھه عرصي لاءِ سندس ٻيڙي لڏڻ کانپوءِ ٻڏڻ جي خطري ھيٺ نھ اچي پر ھو وڌيڪ نقصان وارا قدم کڻي رھيو آھي. ان حوالي سان ميڊيا جي خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون جون تياريون ٿي رھيون آھن ۽ اھي ميڊيا پرسنز يا ھائوسز جيڪي ھن جي دٻاءَ سبب ڪنٽرول ۾ آيا ھئا، اھي مخالف رخ ۾ وڃي رھيا آھن. محسن بيگ کان وٺي يوٽيوبرز تائين اھي سمورا صحافي ۽ بلاگرز ھاڻ عتاب ھيٺ ضرور آھن، پر ھي سڀ حڪومت لاءِ بيڪ فائر ثابت ٿي رھيا آھن. جيڪڏھن حڪومت پنھنجي خلاف اٿندڙ سمورن آوازن کي دٻائي بھ ڇڏي، پر ان باوجود ھن جو بي اعتمادي جي رٿ کان بچڻ ممڪن نظر نٿو اچي. محسن بيگ تي بھ ھي الزام لڳي رھيا آھن، تھ ھو انھن سمورن اليڪٽيبلز، جن کي ھو ريجھائي عمران خان جي درٻار ۾ وٺي ويو ھو، ھاڻ اھي سڀ واپس ان خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تياريون ڪري رھيا آھن. محسن بيگ جو اهو ئي وڏو گناهه سمجهيو وڃي ٿو، هي ڳالهيون به عام آهن ته محسن بيگ جو گناهه رڳو ايترو ناهي ته هن مراد سعيد لاءِ هڪ ٽي وي چينل جي ٽاڪ شو ۾ ريحام خان جي ڪتاب جو حوالو ڏنو، پر هن کي انڪري به خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هو وڌيڪ ڳجهن رازن تان پردو نه کڻي. جنهن ٽي وي چينل تي اهو پروگرام هليو ۽ ٻيا اهي جيڪي عمران خان جا ساٿاري سمجهيا وڃن ٿا، اهي هن خلاف ميدان ۾ نڪتل آهن، جنهن يقين سان حڪمرانن کي گهڻو پريشان ڪيو هوندو.
هي خبرون به آهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ مريم نواز کي به گرفتار ڪرڻ لاءِ هٿ پير ته هنيا ويا آهن، پر ڪو به ادارو رسڪ کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڪنهن کي به خبر ناهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ حڪومت چاهي ٿي ته ان کي عارضي طور ئي سهي ڪٿان ريليف ملي وڃي ته بهتر آهي. جنهن ڌر جي اشاري تي حڪمرانن جو گهيرو ٿي رهيو آهي، پنهنجو حساب ڪتاب پورو ڪرڻ گهرن ٿا، عمران خان سمجهي ٿو ته صدر عارف علوي کي هو جيئن چوندو ائين ٿيندو، انڪري هن ڪجهه اهم قدمن کڻڻ لاءِ سوچيو هو، پر کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو، ائين ڪرڻ سان عمران خان کي واڳ ڌڻي عبرت جو نشان بڻائي سگهيا پئي. هينئر توڙي جو عمران خان عوام جي عدالت سان رابطو ڪيو آهي، پر چون ٿا ته هاڻ گهڻي دير ٿي وئي آهي، انڪري ڪوبه کڙ تيل نڪرڻ وارو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button