پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول جو هڪ بيان سوشل ميڊيا تي گهڻو گردش ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ پيرن ۽ وڏيرن جي نه پر نوجوان شاگردن جي پارٽي آهي. ان کان سواءِ هن اهو به چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي پيرن ۽ وڏيرن جي ضرورت ناهي پر پيرن ۽ وڏيرن کي پيپلز پارٽيءَ جي ضرورت آهي. هونءَ ته بلاول کان جيڪي بيان ڏياريا ويندا آهن، انهن کي نه صرف پاڪستان جا پر سنڌ جا ماڻهو به سنجيدگيءَ سان نه وٺندا آهن. پر هاڻي هو وڏو ٿي ويو آهي. هاڻي سياست ۾ به هن کي ڪافي تجربو حاصل ٿيو آهي. هاڻي ته کيس اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جن کي ٻڌي ۽ پڙهي ماڻهو انهن تي اهڙو ردعمل ڏين، جهڙو لطيفن تي ڏبو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ اهم اشو اهو آهي ته بلاول سنڌ حڪومت کي جهڙي ريت پاڪستان جي مثالي صوبائي حڪومت قرار ڏيندو آهي، ان جي اهڙي موقف جي اصل حقيقت ته سنڌ جي ماڻهن ۽ اسان جي سامهون آهي. سنڌ ۾ جيتري ڪرپشن ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، ايتري پاڪستان جي ڪنهن ٻي صوبي ۾ مشڪل هجي. ڇا ان جي ذميواري پيپلز پارٽيءَ جي مٿان نه ٿي اچي؟ ڪارڪردگي اها هوندي آهي، جيڪا ٻڌائي نه وڃي اکين سان نظر اچي. ان کان سواءِ تعريف اها هجڻ گهرجي، جيڪا ٻيا ڪن. پنهنجي وات سان پاڻ کي پاڻ ميان مٺو چوڻ ڪنهن به طور تي درست نه هوندو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي تعريف پيپلز پارٽي پاڻ ڪندي ته اها تعريف ڪڏهن به اعتبار ڪرڻ جي لائق نه هوندي. تعريف جي به هڪ الڳ وصف ۽ ان جي الڳ اخلاقيات هوندي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جو سياسي سفر عروج کان زوال جي طرف ٿيندڙ سفر آهي. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن پوري ملڪ ۾ پيپلز پارٽي نه صرف مقبول هوندي هئي پر ماڻهو ان سان پيار ڪندا هئا. ان تي اعتبار ڪندا هئا. ان جي سياسي ڪردار جي ساراهه ڪندا هئا. هن وقت پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ڇڏي ٻين صوبن مان ته مناسب اميدوار به نه ٿا ملن. اها هڪ افسوسناڪ صورتحال آهي. اها صورتحال ان ڪري پيش آئي آهي جو پيپلز پارٽي هڪ ميچوئر ۽ سمجهدار قيادت کان محروم ٿي وئي آهي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽيءَ جو ٻيو افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ان ۾ هاڻي اهو نوجوان نه رهيو آهي، جنهن ۾ تبديلي آڻڻ جو تمام وڏو جذبو هو. ان جذبي جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جي ورڪر کي جيالي جي نالي سان پڪاريو ويو. اڄ پيپلز پارٽيءَ جي حالت ڪهڙي آهي؟ اڄ پيپلز پارٽيءَ ۾ هر قسم جا وڏيرا ۽ ٻه نمبري ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود آهن. جنهن وٽ پئسو ناهي، ان جي پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪا حيثيت ناهي. پيپلز پارٽيءَ جو سياسي ڪردار بنهه ختم ٿي چڪو آهي. اها پارٽي هن مهل مڪمل طور تي هڪ ڪاروبار بڻجي چڪي آهي. ان ڪاروبار جو بنيادي اصول ئي اهو آهي ته “مال لاهه ۽ مال ٺاهه” هڪ وقت اهڙو هو جڏهن پيپلز پارٽيءَ ۾ دانشور، اديب ۽ صحافي قسم جا ماڻهو عام جام هوندا هئا ۽ هاڻي اهڙا ڪردار پارٽيءَ کي چوڌاري ورائي ويا آهن، جن جو ڪردار پنهنجي حلقي ۾ تمام گهڻي تنقيد جو نشانو بڻجي ٿو. انهن جي هوندي پيپلز پارٽي اڳتي ڪيئن وڌندي؟
بلاول صاحب جو اهو موقف ڪنهن به طرح سان درست قرار ڏئي نه ٿو سگهجي ته پيپلز پارٽي وڏيرن ۽ پيرن جي نه پر نوجوان شاگردن جي پارٽي آهي. ڇا بلاول هڪ به اهڙو مثال پيش ڪري سگهي ٿو، جنهن جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي سلسلي ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي سگهي ته ان پارٽيءَ ۾ نوجوان شاگرد آهن؟ پيپلز پارٽيءَ جي اهم عهدن تي هر قسم جا وڏيرا ويٺل آهن ۽ انهن جو هن پارٽيءَ جي مٿان مڪمل قبضو آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه غريب نواجون نالي ماتر پارٽيءَ ۾ آهن به ته اهي وڏيرن جي ماتحت آهن ۽ انهن ۾ اها سياسي سگهه بنهه ناهي، جيڪا ڪنهن دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي جيالي جي سڃاڻ هوندي هئي. اها سياسي سگهه ۽ اها سياسي جذبات واري ڀرپور روش هن مهل پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪنهن به طرح سان تلاش ڪرڻ تي به نه ملي سگهندي. بلاول جو اهو بيان ٻڌڻ جي حد تائين ته ٺيڪ آهي پر ان جي اصل حقيقت الڳ آهي. اهو بيان جنهن ۾ هن چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي پيرن ۽ وڏيرن جي ڪا ضرورت ڪانهي پر پيرن ۽ وڏيرن کي پيپلز پارٽيءَ جي ضرورت آهي.
پيپلز پارٽي ۽ وڏيرا لازم ملزوم ٿي ويا آهن. ان کان سواءِ اها به حقيقت آهي ته ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي وڏيرن جي ضرورت ناهي ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي وڏيري کي پارٽيءَ ۾ ڇا لاءِ ٿو شامل ڪيو وڃي؟ جڏهن هڪ شيءَ جي ضرورت ئي ناهي ته پوءِ ان کي پارٽيءَ ۾ جڳهه ڇو ٿي ڏني وڃي؟ جيڪا شيءَ غيرضروري آهي، ان کي قبول ڪرڻ جو ڪو به منطق سمجهه ۾ نه ٿو اچي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي وڏيرن جي ڪا ضرورت ئي ناهي ته پوءِ انهن کي وڏا عهدا ۽ اليڪشن ۾ ٽڪيٽون ڇو ٿيون ڏنيون وڃن؟ بلاول اهو تسليم ڪيو آهي ته وڏيرن کي پيپلز پارٽيءَ جي ضرورت آهي. هاڻي جيڪڏهن ان نقطي تي غور ڪيو وڃي ته ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي. وڏيرن ۽ پيرن کي ان پارٽيءَ جي ضرورت ڇو هوندي؟ جنهن جو سياسي ڪردار انهن جي مفاد ۾ نه هوندو؟ هر ماڻهو اها شيءَ وٺندو آهي، جنهن جي هن کي ضرورت هوندي آهي. هن وقت جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي وڏيرا پنهنجي ضرورت ٿا سمجهن ته ان مان به پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ڪردار جو پتو پوي ٿو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جو ڪردار وڏيرن جي مفاد ۾ نه هجي ها ته وڏيرا ان جي ويجهو به نه وڃن ها.
پيپلز پارٽيءَ ۾ وڏيرن جي موجودگي ان حقيقت جو ثبوت آهي ته پيپلز پارٽيءَ جون موجوده پاليسيون وڏيرن کي وڻن ٿيون. جيڪڏهن اهي وڏيرن کي نه وڻنديون هجن ها ته وڏيرا پيپلز پارٽيءَ ۾ ڇو اچن ها؟ وڏيرن جي مفادن کي پيپلز پارٽي پورو نه ڪري ها ته وڏيرا پيپلز پارٽيءَ جي پاسي مان به نه لنگهن ها. سياست محبت جو مسئلو ناهي. سياست مفادن جو معاملو آهي. جيڪا به سياسي پارٽي جنهن طبقي جي مفادن جي نگهباني ڪندي، اهو طبقو ان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندو يا ان جي حمايت ڪندو. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن هارين ۽ مزدورن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي وڏي مقبوليت هوندي هئي پر هاڻي انهن جي جاءِ سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي پارٽيءَ مٿان گهري ڇاپ آهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته وڏيرن جا مسئلا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
پيپلز پارٽي جون پاليسيون هن مهل جهڙي طرح عوام جي مجموعي حق ۾ ناهن. ان ڪري عوام پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجو حقيقي سياسي نمائندو نه ٿو سمجهي ۽ اها ڳالهه تمام افسوسناڪ آهي. پيپلز پارٽي ان پيچري تي هلندي پنهنجي ساک کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ اها اڃان پنهنجي ساک کي متاثر ڪندي. پيپلز پارٽيءَ جي انهن پاليسين سبب هن جي سياسي مستقبل جي مٿان سواليا نشان اچي ويو آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ پنهنجي پاڻ ۾ هر طرح جي بهتري نه آندي ته ان جو حشر تمام برو ٿيندو. ڇو ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ماڻهو هاڻي سوشل ميڊيا سبب گهڻو ڪجهه سمجهڻ لڳا آهن ۽ انهن کي معلوم آهي ته ڪنهن جي لفظن ۾ ڪيتري سچائي آهي؟ هاڻي اهو دور اچي ويو آهي جو ماڻهن کي بيوقوف بڻائي نه ٿو سگهجي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن اجايو سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن جلوس ڪڍندي ۽ ڪڏهن جلسا ڪندي ته ان سان هن پارٽيءَ جي سياسي مستقبل جي مٿان ڪو مثبت اثر نه پوندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي هڪ تباهيءَ واري آئيندي کان تحفظ چاهي ٿي ته هن کي پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ هن کي پنهنجين پاليسين توڙي ماپن ۽ معيارن ۾ بنيادي قسم جون تبديليون آڻڻيون پونديون. ان کان سواءِ پيپلز پارٽيءَ جي سياسي جياپي جي ٻي ڪا به راهه نه آهي. پيپلز پارٽي پاڻ کي گهڻي وقت کان وٺي نقصان پهچائيندي آهي. جڏهن ته هن وقت اهو عمل تمام گهڻو تيز ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي سياسي ڪردار ۽ پنهنجي مجموعي جوڙجڪ جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻو پوندو.