ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وفاق جي مالي معاملن ۾ سنڌ سان نا انصافي

Editorial

پاڻي ورڇ کان ويندي، بجلي، گيس ۽ مالي معاملن تائين وفاق جو سنڌ سان مسلسل ٻه اکيائي وارو رويو رهيو آهي. تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته “وفاقي سرڪار ٻين صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت پئسا ڏئي ٿي، رڳو سنڌ جا پئسا ڪاٽيا ويا آهن.” وڏي وزير چيو ته “ناڻي جي وزير سڀاڻي تائين پئسن جي ڪٽوتي وارو مسئلو حل نه ڪيو ته معاملو ڪابينا ۾ اُٿاريندس، وفاق کي پئسا ڪٽڻ جو نه، اوڳاڙي جو اختيار آهي. وفاق اين ايف سي جو پيسو صوبن مان گڏ ڪندو آهي، اسانکي 32 ارب رپين جي ڪٽوتي جو صدم کڻڻو پيو، جڏهن ته پنجاب جي حصي ۾ 10 ارب رپيا ۽ خيبر پختونخوا جي فنڊز ۾ 8 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، مون وفاقي ناڻي وزير سان ڳالهه ڪئي ته هو پاڻ حيران ٿي ويو ته رقم مان ڪيئن ڪٽوتي ڪئي وئي، وفاقي ناڻي وزير چيو ته مون مسئلن کي ري ڪائونسل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.” وڏي وزير ايف بي آر خلاف ٻيهر ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته “آفيسرز جي روٽيشن پاليسي تحت بدلين واري معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو اٿئون، عدليه مان انصاف جي اُميد آهي. قانون موجب آفيسر رڳو لاڳاپيل صوبي جي حڪومت اڳيان جوابده آهي، وفاق اُن کي سڌي ريت نوٽيس نٿو اُماڻي سگهي.”
ڪجهه ڏينهن اڳ به سنڌ جي وڏي وزير اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊائريڪٽر نيوز ۽ پرنٽ ميڊيا جي ايڊيٽرز سان ملاقات ملاقات ۾ صحافين کي وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت سان زيادتين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي گذريل 15 ڏينهن جي 35 ارب رپين جي حصي مان 32 ارب رپيا ڪٽي ڇڏيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت 32 ارب جي ڪٽوتي ڪري سنڌ حڪومت کي مالي ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت آئين مطابق ايٽ سورس ڪٽوتي نٿي ڪري سگهي، وفاقي حڪومت سنڌ روينيو بورڊ سان 19/2014 تائين هڪ طرفي معاملن جو بهانو ڪري 32 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو 15 ڏينهن جو شيئر 35 ارب رپيا بڻجي ٿو پر وفاقي حڪومت 32 ارب جي ڪٽوتي کان پوءِ 3 ارب رپيا جاري ڪيا، جڏهن ته وفاق پاران سرڪاري آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي روٽيشن پاليسي هڪ طرفي طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان آفيسرن جي بدلي ڪري سنڌ ۾ انتظامي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيڪي آفيسر سنڌ حڪومت جي هدايت تي رليز ناهن ٿيا، انهن مان ٽن کي زوري رٽائرڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روٽيشن پاليسي ٺاهڻ جي معاملي ۾ وفاق صوبن سان صلاح مشوري جو پابند آهي، وڏي وزير چيو ته سنڌ ملڪ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو، آئين مطابق جيڪا گئس جنهن صوبي مان نڪري ٿي، اتان جي ماڻهن جو ان تي پهريون حق آهي پر وفاقي حڪومت سنڌ جي گئس کڻي سنڌ ۾ صنعت جو ڦيٿو جام ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي مهيا نٿي ڪري، مٺي پاڻي جي کوٽ جي ڪري زرعي معيشت مسئلن جي ور چڙهيل آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي وڏي وزير جنهن صورتحال جي نشاندهي ڪئي آهي، اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. وفاقي سرڪار سدائين سنڌ ڏانهن اهڙو متڀيد تي ٻڌل رويو اختيار ڪيو آهي. مالي معاملن ۾ ته سنڌ سان سدائين ناانصافي ٿيندي رهي آهي. وفاقي سرڪار جيڪڏهن ٻين صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت پئسا ڏئي ٿي، ته پو سنڌ جا پئسا ڇو ڪاٽيا پيا وڃن؟ اها سراسر نا انصافي آهي. پاڻي جي ورڇ جي معاملي ۾ به وفاق جو سنڌ سان اهڙو ئي رويو رهندو آيو آهي. ان باوجود وفاق ۾ ويٺل حڪمران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارو رينگٽ نه پيا ڇڏين. اسان جو وفاقي سرڪار کان مطالبو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جيڪي شڪايتون ڪيون آهن، انهن جو فوري طور ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button