سنڌي ٻولي جي عظيم ليکڪ سراج الحق ميمڻ ڪٿي لکيو ته، “اسين بنا ڪنهن دليل جي پنهنجو حسب نسب ڌارين قومن سان جوڙي، پڇ ٻڌي پاڻ کي مهري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، بهتر آهي ته اسين ڪنهن ڌاري قوم ۽ ڌارئي تمدن تي فخر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي ملڪ ٻولي ۽ تمدن تي فخر ڪريون.”
ٻئي پاسي اڄ ڪلھه بنا ڪنھن واھر جي بيماري جي بستري تي پنھنجون زندگيءَ جون شايد آخري گھڙيون گذاريندڙ ماڻڪ ملاح اڪثر چوندو آھي ته “سچو قلمڪار ۽ فنڪار پنهنجي ڌرتيءَ جو ٻانهو هوندو آهي، هن کي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ سان ايترو ئي عشق هوندو آهي، جيترو ابهم ٻارڙي جو پنهنجي ماءُ جي ٿڃ سان.”
مونکي پنهنجو ٻاروتڻ ياد ايندو آهي، اهي ڏينهن جڏهن مونکي پنهنجي امڙ يا منهنجو بابا ۽ ٻيا عزيز ٻاتائڻ وارا ٻول ورجائي، وري وري ياد ڪرائيندا هئا. پو ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو پنهنجا ڏينهن وساري ويهي. تنهنڪري يونيورسٽي ۾ رهندي ۽ پروفيشنل تعليم حاصل ڪندي جتي انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهندا رهياسين اتي پنهنجي مادري ٻولي کي ڪڏهن به پوئتي نه رکيوسين. پر وري سوچيان ٿو ته اها ٻولي جيڪا 5 کان 7 هزار سال پراڻي هجي، جنهن کي پنهنجو ادب ۽ پنهنجي الفا بيٽ هجي، جنهن ٻولي جي پنهنجي ثقافت هجي، پنهنجو گرامر هجي ۽ ان جا ڪروڙين ڳالهائيندڙ به هجن اها ڀلا قومي ٻولي ڇو ناهي؟
مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي جو هر سال فيبروري جي 21 تاريخ تي اقوام متحده پاران نئين ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آھي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽا طور ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بنگالي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو ورتو، جنهن دوران ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسائڻ سبب شاگرد شهيد ٿي ويا هئا. ياد رهي ته پنهنجي ٻولي تان قربان ٿيل بنگالي شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ يونيسڪو ان ڏينهن کي “ماءُ ٻولين” جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هاڻي دنيا جون قومون هن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿيون.
اُها ئي ٻولي جيڪا اسان جي ماءُ طرفان اسان ۾ منتقل ٿئي ٿي. جيئن ته هر ٻار جو چهرو عادتون جذبات سندن ئي ماءُ سان مشابهت رکن ٿا، ائين ئي سندن زبان جي ادائگي، لهجي جي به ڀيٽ سندن ماءُ سان آساني سان ڪري سگهجي ٿي. اسان جي چهري، نالي ۽ لباس وانگر ٻولي به اسان جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شناخت ڪرائي ٿي. دنيا ۾ انتهائي اهميت جي حامل مادري ٻولي بابت اسان معمولي سوچ رکي گهڻن ئي موقعن تي پنهنجي ٻولي کي سائيڊ تي ڌڪيندي ٻين ٻولين کي پنهنجو چوائي فخر ٿا محسوس ڪيون جيتوڻيڪ مون کي ته اهو شرم جو مقام ٿو لڳي جو اسان ٻولي جي نالي تي اصل ۾ پنهنجي امڙ جي سڃاڻپ ٻين اڳيان ڪرڻ بجاءِ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري اڻڄاڻائي ۾ بزدلي جو کليل مظاهرو ڪري رهيا هوندا آهيون. مادري ٻولي جي هرگز اها معنى ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي، پر جيڪر هڪ طبقي تي مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسان جي مادري ٻولي سڏائبي، جيڪا اسان کي بنا ڪنهن شرمساري جي بافخر ٿي ڳالهائڻ گهرجي. اسان مان هر ڪو پنهنجي پياري ماءُ ۽ پيءُ سان بي پناھه ۽ غير مشروط محبت ۽ چاهت ڪري ٿو، چاهي اهي ڪهڙي به قد ڪاٺ شڪل صورت رنگ نسل جا ڇو نه هجن، پر فقط اهي ئي اسان کي زندگي ڏيندڙ، پاليندڙ، ڏک سک ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا آهن، پر افسوس صد افسوس اسان مان ئي ڪجهه ماڻهو يا ائين کڻي چئجي اسان پاڻ پنهنجي ماءُ طرفان وراثتي مليل مادري ٻولي کي سڀني سامهون فخريه انداز ۾ ڳالهائڻ بجا الائي ڇو پردن ۾ لڪائي ٻين ٻولين جو سهارو وٺندا آهيون؟
سنڌي اڄ به پاڪستان جي شاهوڪار ترين ٻولي آهي جيتوڻيڪ پاڪستان کان اڳ يا اڄ به پاڪستان ۾ سنڌي واحد زبان آهي، جنهن جي باقاعده صورتخطي، نصاب، ٽائپ رائٽرس، اسڪولي نصاب ۽ اخبارون موجود آهن. سنڌي ٻولي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين نصاب ۾ پڙهائي ٿي وڃي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي جو مستقبل پاڪستان جي ٻين ٻولين کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ آهي. سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم چئلينج سرڪاري اسڪولن جي بربادي آهي. اٽڪل 49 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 42 لک کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن جو هڪ وڏو انگ ٻهراڙين ۾ آهي، جتي سياسي ۽ انتظامي ڪرپشن سبب اُستاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ تعليم واري وزارت جي پنهنجي اعتراف موجب، 11 هزار اسڪول بند آهن. نتيجي ۾ لکين ٻار بنيادي سنڌي سِکڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. هيٺئين وچولي طبقي جا شهري به هاڻي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي پڙهائي نه ٿي وڃي. جيڪڏهن لکين ٻار پنهنجي مادري زبان پڙهڻ کان سواءِ وڏا ٿيندا، ته اهي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان ڇِنل رهندا ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ئي سماجَ ۾ اوپرا رهندا. قومي جڙاوت جو بنيادي ايڪو ٻولي آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. جتي سنڌي سافٽ ويئر ۽ سنڌي ميڊيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي سگهه آهن، اُتي تيزيءَ سان ناڪاره ٿيندڙ سرڪاري تعليمي سرشتو سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا لاءِ وڏي لَلڪار آهي. حڪومتي سرپرستيءَ تي ان ڪري نه ٿو ڀاڙي سگهجي، جو ان جون اوليتون ڪجهه ٻيون آهن. تعليم جو سُڌارو يا ٻوليءَ جي بقا رڳو بجيٽن ۽ اعلانن جو نه، پر هڪ گهري قومي غيرت ۽ ڪمٽمينٽ جو معاملو آهي، جنهن کي ڪرپشن جو مانگر مڇ ڳڙڪائي چڪو آهي.
مون کي ياد ٿو اچي ته الطاف شيخ جِن جي ڪنهن سفرنامي (شايد اي روڊ ٽو مدينه) ۾ پڙهيو هئم ته سائين جن کي ڪنهن اردو ۾ ڳالهائيندي ڏِسي اچي چيو ته هي هندي ۾ لکيل خط پڙهي ٻڌايو، سائين جڏهن عاجزي ڏيکاري ته هُن کي حيرت ٿي ته جيڪا ٻولي ڳالهائي سگهجي ٿي اُها لکي ڇو نه ٿي سگهجي؟ پر جيئن ته هندي ۽ اردو ڳالهائڻ ۾ ڪافي هڪ جهڙيون آهن پر لکڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي پر ڏسجي ته ٻنهي ٻولين جا رکوالا پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪن ٿا. آئون نه ٿو سمجهان ته ٻنهي ٻولين جي رکوالن جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻولي کي مطابقت لاءِ گڏ گڏ نه رکيو هُجي. ٽائپنگ ۾ به اسان کان گهڻو اڳي هو ڪم ڪري چُڪا آهن.
سنڌ واسين کي متحرڪ قوم طور ان صورتحال جو ماضيءَ جيان پاڻ ئي مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن سرڪار، سماجَ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي نيت ۽ اهليت وڃائي ويهي، ته پوءِ سماج جي سِياڻن ماڻهن کي متبادل ادارا قائم ڪرڻا پوندا. سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ مطالبن کان اڳتي وڌي قومي عمل جي گُهرج آهي. خصوصي طور تي اسان استادن جو اهو فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي قديم سنڌي ٻولي بابت مڪمل ڄاڻ ڏيئي کانئن وچن وٺون ته توهان پنهنجي مادري ٻولي ۽ ثقافت جا امين رهندو. توهان سنڌي ٻوليءَ جا حقيقي وارث آهيو ۽ توهان کي ئي سندس ترويج لاءِ پنهنجي خصوصي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻو آهي ڇو ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي.