شوبز

ماورا حسين امير گيلاني سان شادي جي ڳاليهن تي کلي ڏنو

پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين ساٿي اداڪار امير گيلاني سان شادي ڪرڻ وارين پکڙيل ڳاليهن جي ترديد يا تصديق ڪرڻ بدرا انهن تي کلي ڏنو آهي، جنهن کي مداحن اڻسڌري ريت تصديق قرار ڏنو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ماورا حسين جو چوڻ هو تھ امير گيلاني ۽ مون کي گڏ ڏسڻ جي خواهش مداحن جي پيار جو ثبوت آهي. هن جو چوڻ هو تھ منهنجي خيال ۾ مداحن جا تبصرا اسان ٻنهي جي تعريف جي دائري ۾ آهن. هن ٻڌايو تھ امير گيلاني ۽ مان زبردست ۽ ويجها دوست آهيون، جيڪڏهن ٻھ دوست شادي ڪرڻ گهرن تھ ڪري سگهن ٿا ۽ اسان شادي ڪرڻ چاهي تھ ڪنداسين. هن چيو تھ في الحال مداح اسان جي ايندڙ ڊرامن ۾ ڪردارن کي غور سان ڏسن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button