شوبز

شوبز جي دنيا جون اهم ترين خبرون

هانيا جي چشمن بابت اڳڪٿي

هانيا عامر جو چشمو

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر چيو آهي تھ جهڙي طرح هڪ مياڻ ۾ ٻھ تلوارون گڏ نٿيون رکي سگهجن، اهڙي نموني سان ٻن چشمن وارا گڏ نٿا رهي سگهن. اهڙي اڳڪٿي هن نئين ڊرامي جي ڪردار بابت ڪئي آهي.

هاجرا يامين جي شارٽ فلم

هاجرا يامين (فائيل فوٽو)

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور اداڪارا هاجرا يامين جي منفرد موضوع واري شارٽ فلم مڪمل ٿي وئي آهي، جيڪا شادي بعد جوڙن جي ٻار ٿيڻ جي خواهش واري ڪهاڻي تي فوڪس ڪيل آهي، هاجرا ان جو پوسٽر شيئر ڪيو آهي.

آريان جي بالي ووڊ ۾ انٽري

بالي ووڊ جو آريان خان (فائيل فوٽو)

ممبئي: بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان جلد ئي ويب سيريز ذريعي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏئي رهيو آهي. تازو منشيات ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ آريان اداڪاري بدران ويب سيريز جي ليکڪ طور تيار آهي.

عروا جو بد ذات بھ تيار

پاڪستاني اداڪارا عروا حسين

اسلام آباد: پاڪستاني اداڪارا عروا حسين جو نئون ڊرامو بد ذات تيار ٿي ويو آهي، جيڪو جلد آن ايئر ڪيو ويندو. عروا حسين ڊرامي جي ڪردارن کي پڻ شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ عمران اشرف، علي عباس ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button