پاڪستان ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي جو مڪمل حق ڪڏهن به ملي نه سگهيو آهي. عام ماڻهو کان وٺي سياسي ڪارڪنن تائين يا وري صحافين ۽ انساني حقن جي پانڌيئڙن تائين ڪنهن کي به اڄ ڏينهن تائين اها آزادي نه ملي سگهي آهي، ته اهي پنهنجي فڪر جي آزاديءَ جو پنهنجي ضمير مطابق اظهار ڪري سگهن. تازو پاڪستان جي صدر جيڪو پيڪا آرڊيننس جاري ڪيو آهي، تنهن جو پڻ بنيادي مقصد اهو نظر اچي ٿو ته ماڻهن کي ۽ خاص طور تي صحافين کي فيڪ نيوز جي آڙ ۾ دٻائي سگهجي، هيسائي سگهجي ۽ انهن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ نه ڏجي.
هي آرڊيننس جيتوڻيڪ اليڪٽرانڪ ڪرائمز جي حوالي سان آهي، پر ان ۾ خدشو اهو پڻ آهي ته پرنٽ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين کي پڻ رڳڙو ڏنو ويندو. هن آرڊيننس ۾ اهو به واضح نه ڪيو ويو آهي ته حڪومتي نظر ۾ فيڪ نيوز ڇا آهي؟ گهڻو ڪري وقت جي حڪومت ۽ ان جي ادارن بابت اهڙي خبر ڇپي ويندي يا نشر ڪئي ويندي، جيڪا حڪومت ۽ ان جي ادارن کي خراب لڳندي، ته ان کي فيڪ نيوز قرار ڏنو ويندو. هي آرڊيننس ان ڪري به ڊراڪولائي آهي، جو هن ۾ بنا وارنٽ جي گرفتاري ممڪن ٿي سگهندي ۽ حڪومت جا ادارا ڪنهن کي گرفتاري ڪري سگهندا ۽ جنهن تي اهو الزام لڳندو، تنهن جي ضمانت پڻ نه ٿي سگهندي. جيتوڻيڪ قتل جي ڪيس ۾ پڻ ضمانتون ٿين ٿيون ۽ اغوا جهڙن سنگين معاملن ۾ پڻ ضمانتون ڏنيون وينديون آهن، پر هن معاملي کي انهن کان به خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.
اسين ان راءِ جا آهيون ته جمهوريت جو حسن ئي اختلاف راءِ آهي. اختلاف کي دشمني سمجهڻ ۽ ان بنياد تي سزا ڏيڻ واري جمهوري حڪومت قرار نٿي ڏئي سگهجي. اختلاف کي تضاد سمجهڻ به ٺيڪ آهي پر ان کي رنگا رنگي سمجهڻ گهرجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. هڪڙا ماڻهو هڪڙن خيالن جا هوندا ۽ ٻيا وري ٻين خيالن جا هوندا آهن. انهن خيالن ۾ ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ هڪڙو بهتر رستو نڪرندو آهي. اهو سمجهڻ گهرجي ته انسان هن وقت تائين جيتري به فڪري ترقي ڪئي آهي، ان جو بنياد سوال پڇڻ ۽ شڪ ڪرڻ آهي. بهتر سوال کي هر سماج ۽ معاشري ۾ همٿايو ويندو آهي. بهتر سوال جو مطلب اهو ناهي ته سوال اهڙو هجي، جيڪو وقت جي حڪمرانن جي مرضي ۽ منشا مطابق هجي. سوال سٺو هوندو ئي اهو آهي، جيڪو حڪمرانن جي ڪڌن ڪمن کي وائکو ڪري.
پيڪا آرڊيننس ۽ ساڳئي وقت اليڪشن ايڪٽ کي پاڪستان جي مخالف ڌر جي سمورين پارٽين، انساني حقن جي تنظيمن ۽ وڪيلن جي نمائنده تنظيمن مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هي آرڊيننس بنيادي انساني حقن جي لتاڙ پڻ آهن، ڇو ته جنهن معاشري ۾ ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پنهنجي راءِ پڌري ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، اتي انساني حقن جو تحفظ ممڪن ئي نه هوندو آهي. اسان کي خدشو اهو آهي ته هن آرڊيننس جي ڇٽي هيٺ ميڊيا کي وڌيڪ قيد ڪيو ويندو، جيڪا پهرين ئي پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ رڌل آهي. ميڊيا جي نڙيءَ تي هر دور ۾ ننهن ڏنا ويندا رهيا آهن ۽ هاڻي ان جو ساهه منجهي رهيو آهي. جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه اڃا وڌيڪ شديد ٿيو، ته ميڊيا جو ساهه گهٽجي ويندو ۽ اها پنهنجو وجود وڃائي ويهندي. شايد موجوده حڪمران اهو ئي چاهين ٿا.
ان جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته موجوده حڪمرانن هن ملڪ جي عوام سان جيڪي وعدا ڪيا انهن تي پورا نه لهي سگهيا. وزير اعظم عمران خان پارليامينٽ ۾ قسم کڻڻ شرط هڪ سئو ڏينهن جيڪي قدم کڻڻ جا اعلان ڪيا هئا، انهن اعلانن تي عمل نه ڪيو ويو. ڇا اسان اهو پڇي سگهون ٿا ته وزير اعظم جا اهي اعلان فيڪ نيوز هئا؟ خدشو اهو آهي ته هاڻي ته ڪنهن به ماڻهو جي ڪنهن به بيان کي ۽ ڪنهن به قسم جي رپورٽ کي فيڪ نيوز قرار ڏئي، ميڊيا ۽ بيان جاري ڪندڙ جي خلاف وڌيڪ سختي ڪئي ويندي.