ڪلهه 21 فيبروري تي پوري دنيان ۾ ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو ۽ اسان سنڌ واسي به پنھنجي ٻولي سان محبت جو اظھار ڪندي بار بار جيان ھن دفعي به رياست کان اھو مطالبو ڪيو ته اسان جي جيجل جي جھولي واري ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ڇو ته انگريز جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو مليل ھو ۽ 1972 ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ وارو بل پاس ٿيل آھي. پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي جيڪا سنڌي قوم سان ناانصافي جي انتھا آھي. ڇو ته پاڪستان جي قانون موجب جنھن به صوبائي اسيمبلي مان پاس ٿيل بل 14 سالن کان پوءِ پاڻ مرادو لاڳو ٿي ويندو آھي. پر سنڌ اندر ھن وقت تائين وفاق يا وري سنڌ حڪومت ان بل تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ تيار ناھن. 1972 ۾ به سنڌ اندر پ پ جي حڪومت ھئي ۽ قانون جو وزير قائم علي شاھه ھو، جنھن سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو پر اڄ سنڌ مٿان 14 سالن کان لاڳيتو اقتدار تي ويٺل پ پ جي سرڪار به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياري ناھي سگھي. جڏھن ته برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن پاڪستان اندر ٻولين جو مسئلو اڀريو ته انهيءَ عرصي ۾ ڀارتي اديب تعليمي ماهر، شاعر، ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ اٿي پيا، تڏهن ڪجهه ڪانگريسي اڳواڻ ۽ اديب سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي لپيءَ بدران ان کي ديوناگري روپ ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهي رهيا. جڏهن اهڙي خبر بهاري لال ڇاٻيا کي پئي ته هو سنڌ جي نامور اديب گوبند مالهيءَ سان گڏ بمبيءَ ۾ رٿيل ميٽنگ ۾ وڃي پهتو. اتي هنن لاءِ هي آواز آيو ته هنن ٻنهي شرارتي نوجوانن کي ڪنهن گهرايو آهي؟ ان تي مالهيءَ به اجلاس ۾ موجود يارنهن ڄڻن کي چئي ڏنو ته يارنهن ڄڻن کي تيرنهن لک سنڌين جي ٻولي بدلائڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟! 1949ع جنوري ۾ ادبي ڪلاسن کي جماعتي روپ ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن ۽ اديبن “نئون ساهٿ منڊل” جوڙي منگهارام ملڪاڻي کي صدر ۽ گوبند مالهي کي سيڪريٽري جنرل ڪري چونڊيو ويو. ان دور ۾ آسن اتم چنداڻي (اي جي اتم) به ساهت منڊل جو سهارو بڻيو. انڪري اتم، ڪيرت ۽ مالهي ٽمورتي کي ترقي پسند ليکڪن جي مڃتا ملي. ان وچ ۾ “سنڌ ساهٿ سڀا” به جوڙي وئي ان جون ذميواريون به مالهيءَ جي حوالي ڪيون ويون. پر هن کان اڳي 1948ع ۾ ديوناگري لپيءَ جي چوٽيهه حمايتن ان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو هو. جنهن ۾ مالهي شريڪ ٿيڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته سڀ کان وڏو سوال سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو آهي. ان کان پهريان ڀارتي آئين ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو وڃي ان کان پوءِ ٻيون ڳالهيون ڪيون وينديون. پر انهيءَ جي باوجود 9 مارچ 1950ع تي تعليم کاتي پاران سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپيءَ وارو حڪم نامو جاري ڪرايو ويو. 1950ع ۾ جڏهن ڀارتي آئين ظاهر ڪيو ويو ته سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ سبب جي ڪري شديد ڌچڪو رسيو. آئين جي اٺين شيڊول ۾ (سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ) چوڏنهن ٻولين کي شامل ڪيو ويو.
سنڌي ٻوليءَ سان هيڏي وڏي بي رخي تي سنڌي ٻوليءَ جا ماهر، اديب، ساهتڪار ۽ ڪيترائي ٻوليءَ جا شيدائي اهڙي ويساهه گاتيءَ تي اٿي پيا، ڏسندي ڏسندي سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ شروع ٿي وئي. ٺاڪر داس آگناڻيءَ پنهنجي اخبار “سنسار سماچار” اديبن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سڀني اديبن، عالمن، ۽ ٻين گهڻگهرن بمبئيءَ ۾ ميڙ سڏائي “سنڌي ٻولي ۽ لپي ڪميٽي” جوڙي ورتي جنهن ۾ ليکراج عزيز، ڪلياڻ آڏواڻي، گوبند مالهي، سڳن آهوجا، ڪرشن راهي، موهن ڪلپنا ۽ قانوني ويڙهه لاءِ برک قانوندان رام ڄيٺملاڻي کي کڻي سڀني ان وقت جي تعليم واري وزير مولانا ابو الڪلام آزاد کي اهڙي ارهه زورائي تي خط لکي سخت احتجاج ڪيو. مولانا آزاد 10 جنوري 1951ع تي نئون سرڪيولر جاري ڪري صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته سنڌي ٻولي ٻنهي لپين عربي ۽ ديوناگريءَ ۾ لکي ويندي ۽ تعليمي ادارن اندر لپيءَ جي چونڊ مائٽن جي ٻارن تي ڇڏي وڃي ٿي. سنڌيءَ ٻوليءَ مٿان لٽڪيل خطرناڪ تلوار ته هٽي پر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو رهيل هو. جنهن لاءِ بي ايڇ ناگراڻي هڪ شاهڪار ياداش نامو لکيو ته، سنڌي تهذيب ٻين تمام تهذيبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شاهوڪار ۽ طاقتور رهي آهي. سنڌي ٻولي نه صرف بري صغير جي ٻولين جي ماءُ آهي پر ڪيترن ئي ٻولين کي جنم ڏنو آهي. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.
ٻوليءَ واري تحريڪ دوران “سنڌي ساهت منڊل” جون سرگرميون انيڪ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ پهچنديون رهيو. گوبند مالهيءَ جي سنڌي ڪلاڪار منڊل، ڪتابن، مخزنن، اخبارن، رسالن، سنڌين جي هلچل ۾ ساهه وجهي ڇڏيو. جڏهن ته لال سنگ اجواڻي ۽ گوبند مالهيءَ ٻه ياداشت نامه جواهرلال نهروءَ ۽ بي جي کير ڏي اٺين شيڊول ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪرائڻ لاءِ لکيا. جنهن تي نهروءَ انعامن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪيو. ساڳي وقت دهليءَ ۾ “سنڌو سماج” جو پايو وجهندڙ ڪامريڊ حشوڪيول راماڻي ۽ ٻيا اديب حشوءَ جي رهبريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ مهم هلائيندي اندازن هڪ لک کن سنڌين کان صحيحون ورتيون. حشوءَ اهو صحيحن وارو بنڊل پارليامنٽ جي اسپيڪر کي پيش ڪيو. اهڙي جستجوءَ تي کيس ڀرپور داد ڏنو ويو. ائين سنڌو سماج جي سرواڻ حشوءَ دهليءَ ۾ “سنڌي ٻولي ڪنوينشن” جو سڏ ڏنو. ان ڪنوينشن ۾ ٻنهي لپين، عربي ۽ ديوناگريءَ جا سڀئي اديب وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. جنهن ۾ ڀارتي صدر ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن شريڪ ٿي سنڌوءَ جي شاهوڪار تهذيب جي وڏي واکاڻ ڪئي. جتي سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ هڪ يڪ راءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. ڪنوينشن جي شروعات ڀٽائيءَ جي واين ۽ شام جو ساميءَ جا سلوڪ پيش ڪيا ويا. وڏي ڳالهه ته ان وقت پاڪستان جو پارلياماني ميمبر عبدالستار پيرزادو جيڪو ڀارت جي دوري تي ويو هو اهو به شريڪ ٿي ڪري اتي انهيءَ ڪنوينشن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي “ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي” ڳائي هئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرور سڪ جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي.
جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ 1960ع ۾ گانڌي دام 1961ع ۾ سنڌي ٻولي ساهت سڀا انهيءَ سال ڀوپال ۾ ڪنوينشن سڏايو هو. اتي حشوءَ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ زبردست تقرير ڪئي. اي جي اتم کي سرواڻ چونڊيو هو. اتر پرديش ۽ ڪانپور ۾ به ٻوڄ راج ناگراڻي ٻولي ڪنوينشن سڏايو. ڏٺو وڃي ته ان ٻولي تحريڪ ۾ 1962ع ۾ هنڌ چين ۽ 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ جي ڪري ٿوري گهڻي ماٺار اچي وئي هئي پر ان بعد 16 جون 1966ع تي دهلي ۾ ٻولي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ اندرا گانڌي کي پڻ گهرايو ويو، اتي اديبن اڃا ياداشت نامو کيس ڏنو ئي مس ته، اندرا چيو ته سنڌين سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي! ان ويٽنگ روم ۾ کين گهرائي اديبن کي خوشخبري ٻڌائي ته: “اسان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي شيڊول اٺين ۾ موجود هوندي” اها خوشخبري ٻڌي ڪيرت ٻاٻاڻي، مالهي، اي جي اتم، حشو ۽ ٻين اديبن سڄي رات ننڍڙا ننڍڙا خط لکي هنڌ توڙي سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي وارثن کي خوشخبري ڏني ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ملي ويو آهي. اها يادگار سوڀ 10 اپريل 1967ع تي حاصل ٿي. اڄ به اتي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي پر پنهنجي ڌرتيءَ تي اڃا تائين ٻوليءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ رياست تيار ناهي ۽ سنڌ اندر 70 سالن کان سنڌ جا اديب، شاعر، قلم ڌڻي سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي 1 فيبروري کان 21 فيبروري ٻولين جي عالمي ڏينھن تائين سموري سنڌ اندر ٻولي ڪانفرسون، مشاعرا ۽ احتجاج ڪري ھر دفعي اھو مطالبو ڪندا آھن ته سنڌي ٻولي سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي اردو کي رابطي جي ٻولي قرار ڏنو وڃي پر سالن کان سنڌ اندر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي باشعور فردن ۽ سياسي سماجي ڌرين جي مطالبي کي رياست تسليم ڪرڻ بجاءِ ھر دفعي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿي ڇا ھيءُ ظلم زيادتي جي انتھا ناھي ته جيڪو انسان امڙ جي گود مان جنم وٺي جڏھن اکيون کولي پنھنجي جيجل ماءُ جي گود ۾ سندس ڇاتي سان چنبڙي ان جي واتان جيڪا ٻولي ٻڌندو آھي. اھا سنڌ جيجل جي جھولي واري ٻولي کيس دنيان جھان جي ٻولين کان وڌيڪ پياري لڳندي آھي. اسان ڪروڙي سنڌي اندر رھندڙ سنڌين سان به ائين آھي. جيئن سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري جون سٽون آھن ته
جيجل جھولي ڏئي پئي لولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي