بهادر سنڌي سپاهي پنهنجي منهن سان ڀرڻ وارين بندوقن ۽ پستولن کي ڦٽو ڪري تلوارون کڻي ڪناري تي وڌيا. اسان جو گولين وارين بندوقن ۽ سنگين سان مٿان ڪناري تي بيٺل لشڪر، جيتوڻيڪ کين وڏي تعداد ۾ پوئتي ڪيرائي رهيو هو، ان جي باوجود هڪ وقت ان مهل ائين پئي لڳو ته سنڌين جي غير معمولي شخصي شجاعت ۽ سندن وڏو تعداد اسان جي فوجن تي غالب پئجي رهيو آهي.
سنڌين جي حملي ۾ اهڙو ته زور هو جو جنرل نپيئر اول ٽي چار دفعا ڪوششون ڪيون ته سندس فوج فقط بچاءَ جي ڪوشش ڇڏي جوابي حملو ڪري پر سندس سپاهين کي همت ئي نه پئي ٿي. نيٺ سنڌي فوج جو ڪمانڊر جان محمد خان خاناڻي ٽالپر (ٽنڊي ڄام جو) شهيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ غلام شاهه خان شاهواڻي ٽالپر ڪمان ورتي جو پڻ بروقت شهيد ٿي ويو جنهن کان پوءِ سنڌي فوج ۾ ڪجھه ڪمزوري جا آثار پيدا ٿيا.
مياڻي جنگ ۾ تلوار ڍال ۽ منهن سان ڀرڻ واري بندوق تي گولين واري بندوق ۽ سنگين کي جيڪا فوقيت آهي، اها انگريز کي ڪم آئي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انگريزن جي فتح ۾ سندن بهتر هٿيارن ۽ گولين وارين بندوقن جو وڏو حصو هو.
جڏهن سنڌي فوج شڪست بعد هٽي تڏهن هو با رعب تاب نموني منتشر ٿي پر هنن ۾ ڪا به ڀاڄ نه پيئي هئي، سندن چهرن تي خوف يا هراس جا ڪي به آثار نه هئا. هو جڏهن هٽڻ لڳا ۽ انگريزي فوجن جو مٿن پٺيان موتمار حملو ٿيو، تڏهن به قاتل کين قتل ڪندي ٿڪجي پيا پر هنن ۾ ڪا به ڀاڄ، گهٻراهٽ ۽ حواس باختگي پيدا ڪانه ٿي ۽ سندن رخ ۾ ڪو به ڦيرو ڪونه آيو. وڙھندڙ سنڌي سپاهين ڪڏهن به پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
اهو سڀ انهيءَ حالت ۾ ٿيو جڏهن فتح جون سموريون اميدون بلڪل ختم ٿي چڪيون هيون ۽ سر وليم نيپئر جي لفظن ۾ “موت سندن پيرا کنيو پئي آيو.”
آزادي يقينن زندگيءَ کان وڌيڪ عزيز شيءَ هئي. سنڌي سپاهين کي جنگ جي نتيجي جي بخوبي خبر هئي ڇو جو انگريزي فوج وڌيڪ منظم، وڌيڪ تعداد ۾ ۽ وڌيڪ بهتر هٿيارن سان مسلح هئي. پر غلاميءَ جي ڀيٽ ۾ هنن موت کي ترجيح ڏني.
27 هزار ماڻهن 28 سؤ ماڻهن سان ٽي چار ڪلاڪ دوبدو سخت مقابلو ڪيو ۽ هڪ مهل ته جنرل نيپئر کي خطرو پئي معلوم ٿيو ته سندس دشمن جي ذاتي بهادري ۽ وڏو انداز انگريزي فوج تي غالب نه پئجي وڃي. جنهن مهل تلوارون کڻي سنڌي سپاهين ڪاهيو ٿي تنهن مهل انگريزي ريجمينٽن جا پير ئي نڪري ٿي ويا، ۽ ڪيترو وقت هنن کي محض پنهنجي بچاءَ ۾ وڙھڻو ٿي پيو ۽ ڪيترين ڪوششن جي باوجود جنرل نيپئر انهن کان جوابي حملو نٿي ڪرائي سگهيو! نه فقط ايترو پر انگريزي جنرل جي ڀاءُ سر وليم نيپئر جي راءِ موجب مياڻي واري چڪري اهڙي هئي جنهن جهڙي پلاسيءَ جي جنگ کان پوءِ ڪا به جنگ نه لڳي هئي. انهيءَ
جنگ ۾ 5 هزار سنڌي سپاهي شهيد ٿيا هئا ۽ انگريزي فوج جا فقط 62 ماڻهو مئا ۽ 194 ڦٽيا!
انهن حالتن تي غور ڪرڻ مان معلوم ٿيندو ته يا ته مري ويلن جو تعداد بلڪل ڪوڙو ڏيکاريل آهي يا سنڌي لشڪر 27 هزار ۽ انگريزي فوج 28 سؤ نه هئي ۽ جنگ به اهڙي سخت نه هئي جهڙي جو انگريزن پوءِ دنيا کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سنڌي لشڪر جي شڪست بعد سندن ڇانوڻيءَ تي قبضو ڪيو ويو. توبخانو، بارود مال اسباب ۽ قلعي جي تلاشي وٺي خزانن جي ڦرلٽ ڪئي ويئي، جنهن ۾ پرده نشين بيگمات کان به زيور لهرائي ڦريا ويا.
حيدرآباد ۾ ڀاڄڙ هئي ۽ عام ماڻهو ٻارن ٻچن ۽ قيمتي اسباب سميت شهر کي ڇڏي رهيا هئا. ان وقت به ميرن نه پاڻ حيدرآباد ڇڏيو نه عيال يا خزانا ڪڍيائون، حالانڪ مٿن جنگ جوٽڻ جو الزام هنيو ويو.
ٻئي ڏينهن خيرپور وارا رستم خان، نصير خان، ولي محمد خان ۽ حيدرآباد جا نصير خان، شهداد خان ۽ حسين علي خان نيپئر جي ڪئمپ ۾ آيا ۽ پنهنجون تلوارون پيش ڪيائون جي جنرل کين موٽائي ڏنيون.
مياڻي جي جنگ کانپوءِ سر چارلس نيپئر جي قدم بابت جيڪي چميگويون ٿيون تن ۾ ڪيترن نيڪ طبيعت رکندڙ انگريزن به سر چارلس نيپئر تي سخت نڪته چيني ڪئي ۽ چيو ته مياڻي وارو معاملو ٻن فوجن جي جنگ نه پر هڪ باقاعدي تربيت يافته اعليٰ هٿيارن سان مُسلح فوج جي هڪ بي هٿيار انبوهھ سان جهڙپ هئي!
مشهور انگريز اهل قلم مسٽر ايچ- ٽي لئمبرڪ جنهن سنڌ جي تاريخ بابت پنهنجي نموني ۾ تحقيقات ڪرڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي تنهن جو چوڻ آهي ته هيءَ حقيقت هر ڪنهن کي تسليم ڪرڻي ٿي پوي ته جيڪڏهن سنڌين ۾ انتظام ۽ ضابطو هجي ها ۽ سندن رهنمائي ڪجهھ بهتر ۽ اثرائتي نموني ۾ ٿئي ها ته جنگ جون حالتون ٻيءَ طرح هجن ها.
انهيءَ ڏينهن تي دشمن زور ۽ طاقت ڪري نه پر پنهنجي نااتفاقي ۽ پنهنجي حاڪم رهنمائن جي ڪمزوري سبب سنڌ جا باشنده نه رڳو حڪومت ۽ اقتدار وڃائي ويٺا پر ڌارين جي غلاميءَ جي خطرناڪ اوڙاھه ۾ وڃي ڪريا. اهو ڏينهن يادگار رهندو انهن مردان حريت جي شهادت لاءِ جن انهي نااتفاقي ۽ حاڪم رهنمائن جي ڪمزوري ۽ بيوفائي جي باوجود ڌارين جي غلامي کان موت کي بهتر سمجهي، تلوارن، منهن سان ڀرڻ وارين، بندوقن، ڀالن ۽ بعضي ته محض ساده لٺين سان، سنگينن، گوليون وسائيندڙ بندوقن ۽ توبن جي اڳيان پنهنجا سينه سپر ڪرڻ جو عزم ڪيو، ۽ هو “ائين وڙهيا جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي اهڙي شيءَ لاءِ وڙهندو آهي جا کيس زندگيءَ کان بدرجها وڌيڪ عزيز هجي.
افسوس آھي جو اڄ سنڌ جا دانشور اديب توڙي سنڌ حڪومت تي جن سنڌي سورمن کي وساري ڇڏيو جو اڄ انهن جي ياد ۾ نه ادبي پروگرام ٿا ٿين ۽ نه وري سندن نالي جي يادگار جوڙائي ويئي آھي اڄ مياڻي جي سورمن جون قبرون مسمار ڪيون پيون وڃن پر انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
آخر ۾ پڙھندڙن کي اهو عرض ٿو ڪيان ته مياڻي جنگ جي واقعي جي اصل درست حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ليکڪ قادر بخش نظاماڻي جو لکيل ڪتاب “مياڻي جنگ” جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
(پورو ٿيو)