ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارونجهر جبل سان هٿ چراند جا ماحولياتي اثر

Editoria-Article- Stram Sangi

سنڌ جي اوڀر واري پاسي واري ۽ پٿرن جي شاندار آميزش وارو ريگستاني علائقو نه رڳو ٿر جو ِحسين منظر پيش ڪندڙ ريگستاني وسندي آهي پر هن ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ گرينائيٽ جي رنگ برنگي ٽڪرين سان سرشار ڪارونجهر جبل پاڻ کان به ڊگهي تاريخ سنڀالي اونچي ڳاٽ موجود آهي. هونئن ته ٿر جا ماڻهو ِمينهن جي پاڻي تي هتي پوکي راهي ڪن ٿا پر اهو مينهن جو پاڻي جڏهن ڪارونجهر جبل مان چشمن ۽ ندين جي صورت ۾ وهي اچي ٿو ته ماروئڙن جا ڀاڳ ٻيڻا ٿي وڃن ٿا. ڇو ته اهو پاڻي سندن جيئاپي جو واحد وسيلو آهي.
افسوس جو هي ڪارونجهر جو جابلو سلسلو ڪمپنين جي ڪاروباري ماڻهن جي زد ۾ اچي ويو آهي، جنهن ڪري ڪمپنيون وڏو ناڻو ڪمائڻ جي لوڀ ۾ لڳاتار ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ لا ڪڍ پئجي ويون هيون. انهي عمل تي غيريقيني واري صورتحال سبب هتان جا مقامي ماڻهو، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ فطرت جو ڀلو چاهيندڙ توڙي سمورا سنڌ واسي ڪاوڙيل نظر اچي رهيا هئا. ان حوالي سان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي “سيو ڪارونجهر مهم” پڻ هلائي وئي هئي. ان سان گڏوگڏ ننگرپارڪر کان ٻين وڏن شهرن تائين احتجاج به ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، ان ڪري آواز تيزي سان مقتدر حلقن تائين پهچي وڃي ٿو پر ڳالهه محض نوٽيس وٺڻ تائين ئي رڪجي وڃي ٿي ۽ پو ٻيهر معاملو ميدانِ عمل ۾ هوندو آهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هي جابلو سلسلو نه رڳو سياحت، ثقافت ۽ تاريخ جو اهم مرڪز ۽ مقامي ماڻهن لاءِ آمدني ۽ مال جي چاري جو بنيادي ذريعو آهي. پر ان سان گڏوگڏ ڪارونجهر جتي سياحت، ثقافت، ورثي، مذهبي قديم مقدس جاين، عبادت گاهن، مندرن، مسجدن، تيرٿ آستانن جو تاريخي اهڃاڻ آهي. اتي جهنگلي جيوت، پکي پکڻ، جيت جڻين ۽ ريڙهيون پائيندڙ جاندارن جي اهم آمجگاهه ۽ آرامگاهه پڻ آهي. هڪ اندازي موجب هي جابلو سلسلو 29 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ سمنڊ جي سطح کان 305 ميٽر مٿانهين تي آهي. هتان ڪيتريون ئي نديون ۽ چشما ٻارهو ئي برسات دوران وهي اچن ٿا. جهنگلي جيوت کاتي موجب هتي قسمين قسمين جانور، جيت، پکي ۽ ٻيا جاندار رهن ٿا. انهن ۾ هرڻ، مور، سها، تتر، تلور، پاريل، جهنگلي ڪبوتر، جهنگلي ٻليون، گدڙ، لومڙ، باز ۽ ناياب نسل جون ڳجهون شامل آهن. هتي رهائش اختيار ڪندڙ ڳجهون انهي نسل جون آهن، جن کي خطرا لاحق آهن ۽ تيزي سان ان جو نسل ختم ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي. ماحوليات جي تحفظ لا ڪم ڪندڙ عالمي اداري آ يو سي اين طرفان انهن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ڪيئي قسمن جون وليون، ٻوٽا ۽ جڙي ُٻوٽيون هن جبل جي آغوش ۾ ساهه کڻي رهيون آهن. گگرال، کونئر، لاک سميت ٻيون جڙي ٻوٽيون مقامي ماڻهن جو وڏو آمدني جو وڏو وسيلو پڻ آهن، ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته ڪارونجهر جبل روزاني سوا سير سون ڏيندو آهي.
پر ايڏي وڏي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي واري قديم جبل کي ڄڻ ته هاڻي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو پهريان هتان جي جهنگلي جيوت ۽ نباتات خطري هيٺ اچي وئي ۽ ان کانپو هاڻي هي جبل پاڻ غيرمحفوظ بڻجڻ شروع ٿي ويو آهي. هن جبل جا ڪيترائي ماحولياتي پاسا آهن، جن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان ۾ توازن رکڻ وقت جي حڪومت جي ذميواري آهي پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ادارا ڪي خاص اپا نه وٺي رهيا آهن، جنهن ڪري پاڪستان سميت دنيا ۾ تاريخي ورثي طور سڃاڻپجندڙ ۽ تاريخ جا لکين لاها چاڙها ڏسندڙ قديم جين ڌرم جا مندر توڙي ڀوڏيسر واري مسجد ۽ ٻيا اهم سياحتي ۽ مذهبي ماڳ وقت سان گڏ ميسارجي رهيا آهن.
هڪ سٺو سنئوڻ اهو به آهي ته عوامي ڪاوڙ ۽ بيچيني واري سلسلي کي نظر ۾ رکندي ننگرپارڪر جي هڪ عدالت تمام بهترين ۽ وقتائتو قدم کنيو، ان قدم تحت ايف ڊبليو او ۽ هڪ خانگي ڪمپني کي ڪارونجهر جي ڪٽائي کان روڪي ڇڏيو هو ۽ ان ڏس ۾ في الحال ته هڪ ماٺار ڇائنجي وئي آهي پر مجموعي طور تي ان فيصلي تي سندي روح موجب عملدرآمد ٿيڻ اڃا باقي آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين بي ڊپو ان فيصلي تي عملدرآمد نٿو ٿئي تيستائين هر سنڌ واسي کي ڪيترائي خدشا پئدا ٿي سگهن ٿا. ان جو هڪ سبب اهو پڻ آهي ته ماضي ۾ سرڪار طرفان واعدا ۽ معاهدا ته پئي ڪيا ويا هئا پر پو وقتي ماٺار کانپو ٻيهر انيا جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي هن وقت به صورتحال ڪا گهڻي مختلف نٿي ٿي سگهي.
پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين تي نظر رکندڙ ماهرن خدشو ظاهر ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڪارونجهر جبل کي جيڪڏهن وڌيڪ ڇيڙيو ويو ته ان جا ماحولياتي لحاظ کان تمام گهڻا خطرناڪ نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. هتان جي چرند پرند سميت پوري علائقي جو ماحولياتي نظام پنهنجو توازن وڃائي ويهندو، جنهن جا منفي اثر هر شي تي پئجي سگهن ٿا. ضرورت ان امر جي آهي ته عالمي سطح تي ايندڙ موسمياتي تبديلين، عالمي تپش، گرمي پد ۾ واڌ جي اثر سميت ڪمپينن جي ڪاروباري والار توڙي مافيا کان هن جبل کي بچائڻ لا هنگامي بنيادن تي جوڳا قدم يقيني بڻايا وڃن ۽ هن جبل ۾ پلجندڙ جهنگلي جيوت جو خاص خيال رکڻ خاطر نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن هي جبل پنهنجو پاڻ سان سموري قديمي، تاريخي، سياحتي، ثقافتي ۽ ماحولياتي توازن کي برقرار رکي سگهي.
ان سان گڏوگڏ عدالتي فيصلي تي سختي سان عمل يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اڳتي هلي ڪارونجهر جبل ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موجود سياحتي ماڳ ۽ قديم اهڃاڻن کي ڪو خطرو درپيش نه اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button