مخالف ڌر ايتري آزاد ناهي جو اها حڪومت جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آڻي سگهي ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ جي ڪنهن ڏاڪي تي به پهچي سگهي. اپوزيشن کي ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اجازت جي ضرورت درپيش آهي. ڇو ته ملڪ ۾ جيڪي هن مهل حالتون آهن، انهن حالتن جي حوالي سان اهو ڪنهن صورت ٿي نه ٿو سگهي ته اپوزيشن کي جيڪو وڻي اهو ڪري ٽائيپ اجازت ڏني وڃي. جيڪو ڪجهه اپوزيشن ڪرڻ چاهي ٿي، اهو ڪجهه ته انهن ملڪن ۾ به نه ڪرڻ ڏنو ويندو آهي، جن ملڪن جي معاشي حالت تمام گهڻي مضبوط هوندي آهي. پاڪستان ته تمام گهڻن بحرانن جو شڪار آهي ۽ پاڪستان ۾ بدترين بحران ظاهر آهي ته معاشي بحران آهي ۽ اسان کي اهو به معلوم آهي ته جڏهن به ڪا سياسي اٿل پٿل ٿيندي آهي، تڏهن ملڪ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينچ جي نبض تمام گهڻي ڊسٽرب ٿي ويندي آهي. ملڪ هن مهل آءِ ايم ايف جي مدد سان هلي رهيو آهي ۽ آءِ ايم ايف جيڪي شرطون عائد ڪيون آهن، اهي سياسي بحران جي صورت ۾ ڪڏهن به پوريون ٿي نه ٿيون سگهن. ملڪن جا اهم معاملا معاشي هجن ٿا ۽ معاشي بحران اسان جي ملڪ جو تمام گهڻي وقت کان وٺي مقدر بڻيل آهي. اسان وٽ جڏهن به ڪو سياسي احتجاج ٿيندو آهي ته ان جو اثر فوري طور تي ملڪ جي سياسي صورتحال جي مٿان پوندو آهي ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال کي به معاشي مسئلن جي ڪري هر وقت سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. اهو سمجهوتو ته سرڪار ته سدائين ڪندي آهي پر اهڙي سمجهوتي جي لاءِ مخالف ڌر کي به سدائين تيار رهڻو هوندو آهي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته معاشي طور تي مجبور ملڪن جي سياست ڪڏهن به ايتري آزاد ٿي نه ٿي سگهي، جو ان ۾ جمهوريت جي نالي ۾ جيڪو ڪجهه وڻي اهو ڪيو وڃي.
پاڪستان ۾ جهڙي طرح مخالف ڌر پنهنجي جمهوري آزاديءَ جو استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، اهو ڪجهه ته انهن ملڪن ۾ به نه ٿيندو آهي، جتي معاشي صورتحال تمام گهڻي مضبوط هوندي آهي. جيڪي ملڪ هلائڻ وارا آهن، جن جا ملڪ جي سلسلي ۾ اهم اسٽيڪ هجن ٿا، اهي ڪڏهن به نه چاهيندا ته ملڪ ۾ انارڪيءَ واري صورتحال پيدا ٿئي. پاڪستان ان آزاديءَ کي افورڊ نه ٿو ڪري سگهي، جيڪا آزادي اپوزيشن چاهي ٿي. پاڪستان ۾ جيستائين معاشي بحران موجود آهي، ان وقت تائين ڪنهن به قسم جي گڙٻڙ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ۽ هن وقت جيڪڏهن مخالف ڌر حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر به اچي رهي آهي ته ان جو سبب اهو ناهي ته هوءَ ان معاملي ۾ سنجيده آهي. مخالف ڌر پاران جيڪو به سياسي دٻاءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ اها هڪ ته ايندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ پنهنجو ماحول جوڙي رهي آهي ۽ ٻيو ته هوءَ ان احتجاج جي نتيجي ۾ اهي سهولتون چاهي ٿي، جيڪي گهڻو ڪري مخالف ڌر جي مٿان ڪيسن جي صورت ۾ موجود آهن. جڏهن به ڪنهن کي انصاف جي حوالي سان ڪا رعايت گهربل هوندي آهي ته ان جو اسٽائيل ان قسم جي سياسي احتجاج ڪرڻ وارو ٿي ويندو آهي، جنهن قسم جو سياسي احتجاج هن وقت حڪومت جي خلاف ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ حڪومت کي معلوم به آهي ته اها مضبوط هٿن ۾ آهي پر پوءِ به ان صورتحال ۾ حڪومت جو پريشان ٿيڻ لازمي هوندو آهي. حڪومت ايتري ته بي فڪري بڻجي نه ٿي سگهي جو اها اکيون پوري ويهي ۽ اهو ڪجهه ٿيڻ ڏئي، جيڪو ڪجهه هن جي خلاف ٿي رهيو آهي. اها پنهنجي خلاف ٿيندڙ سرگرمين جي سلسلي ۾ پريشان آهي ۽ رهندي. حڪومت مخالف ڌر کي ايتري آزادي نه ٿي ڏئي سگهجي ته هن کي جيڪو ڪجهه وڻي اهو ڪجهه ڪري.
مخالف ڌر هن مهل تائين ميدان تي نه آئي آهي. مخالف ڌر ميدان تي اچڻ به نه ٿي چاهي. مخالف ڌر هن مهل صرف ۽ صرف سرڪار جي ننڊ حرام ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن وقت مخالف ڌر جو سمورو فوڪس ملاقاتن تي آهي. مخالف ڌر پاڻ ۾ به ملي رهي آهي ۽ مخالف ڌر جو پاڻ ۾ ملڻ حڪومت جي لاءِ ڪنهن به طرح سان تشويش جو ڪارڻ ناهي پر جڏهن حڪومت مخالف ڌر کي پنهنجن اتحادين سان ملندو ڏسي ٿي، تڏهن هن کي پريشان ٿيڻ جو پورو حق حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ اها پنهنجي آئيندي جي باري ۾ تشويش جو شڪار ٿي وڃي ٿي. اهو ئي وقت هوندو آهي ۽ اهي ئي حالتون هونديون آهن، جن کي مخالف ڌر حڪومت جي خلاف عمل ۾ آڻڻ چاهيندي آهي. مخالف ڌر جو ڪل مطلب اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هن کي پريشان ڪندي ته هوءَ به موٽ ۾ حڪومت سان اهو سلوڪ ڪندي جيڪو ڪجهه هن وقت ملڪ جي مخالف ڌر ملڪ جي حڪومت سان ڪري رهي آهي. ملڪ جي حڪومت لاءِ سڀ کان اهم پنهنجا اتحادي آهن. انهن اتحادين جي رحم ڪرم تي حڪومت جا بنياد رکيل آهن. جڏهن به حڪومت کي محسوس ٿئي ٿو ته مخالف ڌر هن جي اتحادين ويجهو اچي وئي آهي، تڏهن هن جي ننڊ ڦٽڻ وارو عمل فطري بڻجي وڃي ٿو ۽ ان قسم جو ماحول پيدا ڪرڻ دراصل حڪومت جي اتحادين کي به پسند هوندو آهي. ڇو ته حڪومت پنهنجين مصروفيتن جي سبب جڏهن اتحادين تي جوڳو ڌيان ڏئي نه سگهندي آهي، تڏهن اتحادي مخالف ڌر سان ماني کائي يا چانهن جو ڪوپ پي حڪومت جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪا نه ڪا اٽڪل تلاش ڪري وٺندا آهن. حڪومت جي حوالي سان هن جو اهو ڪهڙو اتحادي آهي جيڪو مخالف ڌر سان نه مليو هجي؟
متحده جا اهي ماڻهو جن جي لاءِ وزير اعظم نفيس لفظ استعمال ڪيو هو، اهي ته سڀ کان اڳ ۾ لاهور پهتا ۽ انهن جهڙي طرح حڪومت جي ننڊ ڦٽائي، ان تي ڪاوڙ ته حڪومت کي هوندي ۽ ڪيئن نه هوندي. ق ليگ لاءِ اها تمام وڏي ڳالهه آهي ته هن سان مسلم ليگ ن ملڻ چاهي. ڇو ته پنجاب جي سياسي پس منظر ۾ ق ليگ کي ن ليگ جي طاقت جو اندازو آهي ۽ ان کان سواءِ ق ليگ کي اهو به معلوم آهي ته شريف فيملي پنجاب جي تمام وڏي طاقت آهي. ق ليگ ڪجهه به هجي پر اها ماضيءَ ۾ ن ليگ جي آشيرواد جي محتاج رهي آهي. ان جي لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي ته مسلم ليگ ن هن وٽ ڪهي اچي ۽ هن سان اندر اوري. ان صورت ۾ حڪومت جو پريشان هجڻ ڪيترو نه فطري عمل بڻجي وڃي ٿو، جڏهن نه صرف ق ليگ پر جهانگير ترين جهڙو فرد به مخالف ڌر سان ملندو هجي. هونءَ ته جهڙي ريت جهانگير ترين کي حڪومت جي خلاف ڪاوڙ آهي ته اهو هن جو حق به آهي ته هو ڪنهن سان به ملي پر جهانگير ترين جي حوالي سان اهو سمجهڻ ضروري آهي ته عمران خان جي حڪومت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ جهانگير ترين جو تمام بنيادي هٿ رهيو آهي. جهانگير ترين اهو ماڻهو آهي، جنهن جي لاءِ چيو ويندو هو ته اهو عمران خان جي لاءِ اي ٽي ايم مشين آهي. هن جي مالي مدد تحريڪ انصاف جي لاءِ اهڙن احسانن وانگر آهي، جنهن کي تحريڪ انصاف ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿي سگهي ۽ تحريڪ انصاف کان وڌيڪ اها حقيقت ڪنهن کي معلوم هوندي ته جهانگير ترين هڪ فرد جي صورت ۾ به هڪ پارٽيءَ جيتري اهميت رکندڙ شخص آهي. هن کي پاسيرو ڪري ۽ هن کي نظر انداز ڪري هيءَ حڪومت ڪنهن به طرح سان دلجاءِ محسوس ڪري نه ٿي سگهي.
هن ڀيري جيڪي به خبرون اهميت جوڳيون ٿيون آهن، انهن مان جهانگير ترين جي مخالف ڌر سان ملاقات تمام اهم خبر آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جي اهم ترين وزير فواد چوڌريءَ جو اهو چوڻ بلڪل به درست محسوس ٿئي ٿو ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف ڪڏهن اهڙو ڪردار ادا نه ڪندو، جنهن سان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڦهڪو ڪري. تحريڪ انصاف کي حڪومت جي پوزيشن ۾ آڻڻ وارو به جهانگير ترين ئي هو. حڪومت کي جنهن وقت اتحادين جي ضرورت هئي، ان وقت جهانگير ترين تمام گهڻو سرگرم هو ۽ مخالف ڌر جيڪڏهن هن جو پاسو ورتو آهي ته هن کي اها به خبر آهي ته جهانگير ترين حڪومت جي ڏکندڙ رڳ آهي. هن کي جيڪڏهن ڪنهن به طرح سان ٿيڙيو ويو ته حڪومت لاءِ پنهنجو وجود سنڀالڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو پر اهو ڪجهه ايتري حد تائين پهچڻ به نه ڏنو ويندو.
حڪومت سڀ کان وڌيڪ زور ملڪ جي معاشي صورتحال سنڀالڻ واري هام هڻڻ تي آهي. جڏهن ته مخالف ڌر هن وقت تائين صرف مهانگائيءَ جو نالو کڻي هن جي خلاف اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي، جنهن سان حڪومت جي ننڊ ڦٽي وڃي ۽ اها مخالف ڌر کي انهن معاملن ۾ رعايت ڏئي، جن معاملن ۾ مخالف تمام گهڻي پريشان آهن ۽ انهن معاملن ۾ هڪ ته ڪجهه يقين دهانيون گهربل آهن ۽ ٻيو ته مخالف ڌر کي انهن ڪيسن ۾ مدد گهرجي يا جيڪڏهن مدد نه گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ حڪومت جي پاران هلڪو هٿ رکڻ واري روش گهرجي. ڇو ته مخالف ڌر ايتري وقت تائين ان احتساب جو بار برداشت ڪري نه ٿي سگهي، جنهن احتساب جو نمونو ايترو سخت به ناهي پر جيئن ته اقتداري دنيا ۾ هر ڪنهن کي خبر آهي ته ڪير ڇاهي؟ ان ڪري حڪومت کي ڪجهه نرمي اختيار ڪرڻ جي لاءِ اهو احتجاج به هڪ اوزار آهي، جنهن اوزار کي استعمال ڪرڻ جي سلسلي ۾ مخالف ڌر ميڙا مچائڻ شروع ڪيا آهن ۽ ان ۾ ڪو خطرو ته ڇا پر ڪو خفو به ناهي. ڇو ته جهڙي طرح سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن ۽ انهن ملاقاتن جي سلسلي ۾ جهڙي طرح ميڊيا مخالف ڌر کي ڪوريج ڏئي رهي آهي ته مخالف ڌر ان سان ايندڙ چونڊن جي لاءِ به تياريون ڪري رهي آهي ۽ ان سان گڏ هوءَ حڪومت کي چهنڊيون به هڻي رهي آهي ته هن جي سلسلي ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي نه ته احتجاج جو رستو کليل آهي!!