ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پ پ جو مارچ

Editorial-Article-Veerji Kolhi

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هميشه کان اها روايت رهي آهي ته هُو پارلياماني نظام، جمهوري روايتن ۽ ملڪي سالميت جي معاملي ۾ ڪنهن به سطح تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز ناهي ڪندي.
ملڪ جي ٻين سياسي جماعتن جي تاريخ جو مختصر جائزو وٺون ٿا ته موجوده حڪمران سياسي جماعت (پاڪستان تحريڪ انصاف) جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي هئي ته هُن نه صرف پارليامينٽ تي لعنتون وڌيون، بلڪه رياستي ادارن کي باهه ڏيڻ، حملا ڪرڻ ۽ ملڪ جي سڀ کان اعليٰ عدالت جي بيحرمتي ڪرڻ، 126 ڏينهن تائين وفاقي دارالحڪومت جي مکيه شاهراهه جناح اوينيو جي ڊِي. چوڪ تي ڌرڻو هڻڻ، جنهن سبب رياست کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي تمام گهڻو نقصان پهتو. بين الاقوامي دورا پڻ ملتوي ٿيا، جنهن ۾ چين جو هڪ اهم دورو پڻ شامل هو، وغيره جهڙا سمورا غير آئيني ۽ غير پارلياماني عمل شامل آهن. پر رياست کي ٽئڪس نه ڏيڻ ۽ عوامي جلسي ۾ بجليءَ جي بلن کي پنهنجن هٿن سان ساڙڻ ته سول نافرمانيءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو، جيڪا رياست جي خلاف بغاوت آهي، پر اهي سڀ عمل عمران خان ۽ سندس جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ رهندي ته ڪيا، پر ڇو ته عمران خان ۽ سندس جماعت جي سياسي تربيت ٿيل ناهي، ان ڪري حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ به هن سياسي جماعت پنهنجو رويو درست نه ڪيو ۽ پارليامينٽ جي موجودگيءَ ۾ به ايوانِ صدر کي آرڊيننس جي فيڪٽري بڻائي مسلسل آرڊيننس جاري ڪندا رهيا ۽ آڌيءَ رات جو غير پارلياماني طريقي سان پارليامينٽ مان قانون پاس ڪرائيندا رهيا.
ڪنهن به عدالت جي فيصلي اچڻ تي هر ڪنهن کي ان فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني حق حاصل هوندو آهي، پر هن جماعت جي حڪمرانيءَ ۾ جڏهن عدالت هڪ سابق آمر جي خلاف فيصلو ٻڌايو ته قانون جي وفاقي وزير، جيڪو قانوني ۽ آئيني طور تي عدالت جي هر فيصلي کي مڃڻ جو پابند آهي، تنهن عدالت خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ مانوارن ججن ۽ عدليه خلاف اهڙا لفظ استعمال ڪيا، جيڪي هتي بيان نٿا ڪري سگهجن. ايتري قدر جو ججن کي چريو قرار ڏيندي کين ذهني علاج ڪرائڻ جا مشورا به ڏنائين. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ‘اليڪٽرانڪ ووٽنگ’ واري معاملي تي موجوده حڪومت سان اختلاف ڪيو ته وفاقي وزيرن پريس ڪانفرنس ڪندي هڪ آئيني اداري اليڪشن ڪميشن جي خلاف گُٿا لفظ ڳالهايا ۽ اداري کي باهه ڏيڻ جي به ڳالهه ڪئي. جڏهن ته ٻيا قانوني ۽ آئيني رستا موجود هئا.
هينئر تازو جڏهن ڪنهن ٽاڪ شو ۾ هڪ سينيئر تجزيي نگار ۽ صحافي محسن بيگ جڏهن ريحام خان جي ڪتاب جو ذڪر ڪيو ته هڪ وزير جي فرمائش تي ايف آءِ اي حرڪت ۾ آئي ۽ مذڪوره ناليواري صحافيءَ کي غير قانوني طريقي سان بنا وارنٽ جي گهر ۾ داخل ٿي گرفتار ڪري، مٿس سخت تشدد ڪيو ته تڏهن صحافيءَ جي گهر واريءَ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ درخواست داخل ڪئي. جڏهن فاضل عدالت ان گرفتاريءَ واري سڄي معاملي کي غير قانوني قرار ڏنو ته ملڪ جي وزيراعظم اٽارني جنرل کي گهُرائي ڄاڻايل جج خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته انهن وٽ اپيل جو اختيار موجود هو. اهڙو ئي ساڳيو عمل موجوده حڪومت قاضي فائز عيسيٰ واري ڪيس ۾ به ڪري چڪي آهي.
انهي سموري عمل ۽ روين مان موجوده حڪمران پارٽيءَ جي غير سنجيدگيءَ، غير پخته ارادن ۽ ٻاراڻين حرڪتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ اهڙيون حرڪتون هي پويان ٽن سالن کان پنهنجي حڪومت دوران ملڪي پاليسين سان به ڪندا رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ سڄو ملڪ مهانگائي جي خوفناڪ طوفان جي گهيري ۾ آهي. بين الاقوامي پاليسين جي ناڪاميءَ سبب ملڪ تنهائيءَ جو شڪار آهي ۽ رياستي ادارن کي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪندي ادارن جي ساک کي تباهه ڪيو آهي، جنهن جو اظهار ڪيئي ڀيرا اعليٰ عدالتون پڻ ڪنديون رهيون آهن.
ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، جنهن جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به عمل ڳوليو نٿو ملي، جنهن سان رياست يا رياستي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو هجي. بلڪه جڏهن پاڪستان کي پهريون متفقه آئين ڏيندڙ، پاڪستان کي ائٽمي طاقت بنائيندڙ، 93 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرائيندڙ ۽ عام ماڻهن کي اظهار جي آزاديءَ ۽ سياست جو حق ڏيندڙ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو، ان وقت ڪيترائي ماڻهو ڀُٽي سان عوامي عقيدت جي جذبي تحت خودڪشيون ڪري رهيا هئا، پر ڪنهن عدالت جي اهڙي عمل جي خلاف عدالت جي توهين جهڙو عمل نه ڪيو ۽ نه عدالتن تي حملن جو تصور ڪيو. اهڙيءَ طرح پوري ڀُٽو خاندان سان ظلم ۽ جبر برپا ڪيو ويو. سرعام روڊن تي ڪونڌر ڪُٺا ويا. هزارين ڪارڪنن ۽ جيالن کي ڦٽڪا، گوليون، ڦاهيون، جيلون، اذيتون ۽ سزائون ڏنيون ويون، پر جيالن برداشت ڪيو.
ان کانپوءِ جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ٿوريءَ دير لاءِ جيالن جي صبر جو پئمانو لبريز ٿيو ۽ جذبات ۾ اچي هڪ جيالي ملڪ خلاف نعرو هنيو ته فوري طور تي قيادت ان تي ڪنٽرول ڪيو، ۽ هٿ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو لاش هيو، تڏهن به قيادت چيو ته نه! ڪنهن به صورت ۾ اسان کي هن قائداعظم محمد علي جناح ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پاڪستان کي محفوظ ۽ سلامت رکڻو آهي! ان ڪري اهو نعرو فوري طور بند ڪيو وڃي. قيادت پاران “پاڪستان کپي” جو نعرو هڻايو ويو.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي روايت رهي آهي ته هو حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾، عوامي معاملن تي ڪنهن به صورت ۾ خاموش ناهي رهندي ۽ عوام سان گڏ بيهي، عوام جي حقن جو دفاغ ڪندي رهي آهي، پر آئيني ۽ پارلياماني حدن کي ڪڏهن به ناهي اورانگهيو. شايد ان ڪري ئي ته ن ليگ جو هڪ مرڪزي رهنما، جيڪو سياسي طرح پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مخالف آهي، پر جڏهن ن ليگ جي قيادت جي خلاف جڏهن انتقامي ڪارروائي ٿي ته بي ساخته سندس وات مان جملو نڪتو ته اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جيان ناهيون، جو قيادت خلاف انتقامي ڪارروايون ٿين ۽ اسان “پاڪستان کپي” جو نعرو هڻون.
موجوده حڪمران جماعت انتقامي سياست جي نشي ۾ ان سطح تي پهتل آهي، جيڪو به ان خلاف هڪ لفظ ڳالهائي ٿو، اهو ٻئي ڏينهن جيل ۾ هجي ٿو. هي پارلياماني نظام رکندڙ ملڪ آهي. هتي شهنشاهيت ۽ آمرن وارو قانون موجود ناهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيورو ڪريسي پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪندي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي ته موجوده حڪومت هڪ دادلي وزير کي خوش ڪرڻ جي لاءِ راتو رات ‘پيڪا’ (PECA) جهڙا آرڊيننس آڻي هر صورت ۾ اختلاف راءِ رکندڙن کي جيلن ۾ بند ڪرائي تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي ٿي، جيڪو ٽن صورتن ۾ پاڪستان جي آئين جي خلاف آهي. پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي اظهار خيال (freedom of expression)، اظهار راءِ (freedom of speech) ۽ منصفاڻي عدل ۽ انصاف (fair trial) جي آزاديءَ جو حق ڏئي ٿو. ان کان سواءِ موجوده سول نوعيت جي ڪيسن ۾ قانون موجب ڪنهن به ماڻهوءَ کي بغير ڪنهن ڪورٽ پاران ڏنل سزا جي گرفتار ڪري جيل ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. اهڙو عمل بنيادي انساني ۽ آئيني حقن جي کلي عام لتاڙ آهي.
ٻئي پاسي مهانگائيءَ جي طوفان ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. انهن سمورن غير آئيني ۽ غير قانوني عملن ۽ حڪومت جي ناڪام پاليسين خلاف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ 27 فيبروري 2022 تي ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين عوامي مارچ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ پوري پاڪستان جو هر طبقي سان تعلق رکندڙ شهري عوامي مارچ جي تياريءَ ۾ مصروف آهي.
هيءَ انتهائي اهم ۽ فيصله ڪُن گهڙي آهي. تاريخ ۽ تجربي کي سامهون رکندڙ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ۽ رياست جي سمورن ادارن کي غور ۽ فڪر ڪرڻو پوندو ته هن ملڪ ۾ عوام ۽ رياست جي محافظ سياسي جماعت ڪهڙي آهي. جيڪڏهن آزاد خيال سان ۽ اڻ ڌُريو تجزيو ڪنداسين ته يقينن جواب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ ايندو. ان ڪري اڄ عوام ۽ رياست جي سمورن ادارن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏين، ته جيئن ماضيءَ وانگر هنن مشڪل حالتن مان ملڪ ۽ عوام کي آجو ڪري سگهجي، ۽ هڪ نئين حڪومت جوڙي سنجيده ۽ جامع پاليسيون جوڙي ملڪ ۽ عوام کي مهانگائيءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍي، ترقيءَ جي رستي تي آڻي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button