شوبز

وينا ملڪ جي ٻارن بابت ٻڌڻي 10 مارچ تائين ملتوي

پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ چيو آهي تھ ٻن مهينن کان ٻارن سان ملاقات نھ ڪري سگهيو آهيان. ميڊيا مطابق ٻارن جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور جي عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ وينا ملڪ جو وڪيل ۽ اسد خٽڪ حاضر ٿيا. وينا ملڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو تھ ڪيس جي ڪراچي منتقلي واري درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، فيصلي تائين ڪاروائي روڪي وڃي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي 10 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هن چيو تھ وينا جي وڪيل صلح جو چيو هو، پر مان ٻارن جي حق خاطر وڙهان پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button