ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس-يوڪرين جنگ

Editorial

ڪالهه کان يوڪرين تي جنگ جا بارودي ڪڪر ڇانيل آهن. روس يوڪرين تي حملو ڪري ڏنو آهي. ڪيترن سالن کان هلندڙ روس – يوڪرين تڪرار نيٺ اهڙي صورت اختيار ڪري ويو جو روس يوڪرين تي فوجي چڙهائي ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ يوڪرين کي گهڻو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. روسي صدر ولاديمير پيوٽن پاران يوڪرين تي حملي جي اعلان کان پوءِ يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف سوڌو مختلف علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ان حوالي سان روسي صدر ٽي وي تي خطاب ڪندي ڊونباس ۾ فوجي آپريشن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪابه ٻاهرين مداخلت ٿي ته روس ان جو جواب ڏيندو. هن يوڪرين جي فوج کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته يوڪرين جا فوجي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا وڃن. آپريشن يوڪرين جي ڌمڪين جي جواب ۽ هٿيارن کان پاڪ خطي لاءِ آهي. يوڪرين تي حملي جي نوعيت ڪهڙي به هجي پر اها جنگ ئي تصور ڪئي ويندي ۽ ان سان انساني جانين جو نقصان ئي ڀوڳڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جنگي حملن ۾ سدائين ايترو نقصان ٿيندو آهي، جنهن جو اندازو جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو آهي ۽ تيسائين گهڻي دير ٿي ويندي آهي.
هن وقت دنيا ۾ جيڪي به طاقتور بلاڪ آهن. انهن بلاڪن مان روس پنهنجو پاڻ کي هڪ اڀرندڙ طاقت طور مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته جنگ رڳو ٻن ملڪن کي متاثر نه ڪندي آهي پر ان جا اثر سڄي دنيا تي پوندا آهن ۽ معاشي توڙي اقتصادي طور عوام بدحال ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ملڪ ڪمزور ٿيندا آهن. اڄ جڏهن دنيا ٽيڪنالاجيءَ جي جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ان وقت به جنگين جي سلسلي کي جاري رکڻ جو مطلب اهو آهي ته وقت جا حاڪم انساني حياتين کي غير اهم سمجهن ٿا ۽ اهي وري به رت وهائڻ چاهين ٿا. روس ۽ يوڪرين جي تڪرار جو حل يقيني طور جنگ ته ناهي. ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي شروع ڪيل جنگ سان نه رڳو روس جو عوام پريشانين جو شڪار ٿيندو پر ان جنگ جو ٻارڻ ٿيندڙ اهي سڀ اتحادي ملڪ به پريشانين کي منهن ڏيندا، جيڪي اڻ سڌي ريت جنگ کان پري آهن. تنهنڪري روس جو هي عمل نه رڳو نندڻ جهڙو آهي پر غيرانساني به آهي. ڇاڪاڻ ته ڪئين اهڙا معاملا آهن، جيڪي بنا جنگ ڪرڻ جي ڳالهين وسيلي حل ڪري سگهجن ٿا ۽ هڪ سٺي سياستدان جي خوبي اها ئي هوندي آهي ته اهو ڪنهن جنگ کي ٽاري سگهي ۽ ڳالهين وسيلي مسئلن توڙي تڪرارن جو حل ڪڍي وٺي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستان جو وزير اعظم عمران خان به روس جي دوري تي ويل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هو اهو چئي چڪو آهي ته اسين ڪنهن به بلاڪ جو حصو نه ٿينداسين پر سياست ۾ ڪوبه ملڪ چاهيندي يا نه چاهيندي بلاڪ جو حصو ضرور ٿيندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان هاڻوڪي صورتحال ۾ آمريڪي بلاڪ جو حصو ناهي ته پڪ سان اهو روس يا چين واري بلاڪ جو حصو هوندو ۽ اهڙي ريت هو آمريڪا جي بلاڪ مان نڪري ويندو. هن وقت پاڪستاني وزير اعظم جي دوري کي اهم سمجهيو پيو وڃي ۽ اتي جيڪي ڳالهيون بحث هيٺ آيون هونديون، انهن کي به اهم ڳالهيون سمجهي ميڊيا ۾ ڇاپيو ويندو. تنهنڪري اهو چوڻ ڪافي ناهي ته پاڪستان جهڙو ملڪ ڪنهن بلاڪ جو حصو ناهي، بلڪه ان کي هن فيصلائتي مرحلي ۾ اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هو روس ۽ يوڪرين جي جنگي تڪرار سبب لڳل باهه جي سيڪ کان پاڻ کي ڪيئن ٿو بچائي سگهي. معاشي طور اڳ ئي تباهه حال ملڪ ڪهڙي ريت ملڪ جي عوام کي وڌيڪ معاشي بار کان بچائي سگهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته روس ۽ يوڪرين ۾ جنگي ڇڪتاڻ جيڪڏهن گهڻُو وقت جاري رهي ته ان ويڙهه سبب ڪيترائي ملڪ ٻوڙن وانگر لتاڙجي ويندا. تنهنڪري روس کي جنگي جنون کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي طور ڪنهن نئين گريٽ گيم جو حصو نه ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جنگ جي دائري کي محدود ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته يوڪرين سان سمورا سياسي تڪرار ڳالهين وسيلي حل ڪجن ته جيئن دنيا کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائي سگهجي ۽ عوام کي به معاشي بدحاليءَ کان بچائي سگهجي، جيڪا سدائين جنگي صورتحال سبب پيدا ٿيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button