تازو ئي اسلام آباد ۾ اڪيڊمي ادبيات ۾ انڊس ڪلچرل فورم جي پليٽ فارم تان ملڪ جي مڙني مادري/قومي ٻولين جو ٽن ڏينهن وارو ميلو ملهايو ويو. هن ميلي کي نه رڳو سنڌ حڪومت جو سهڪار حاصل هو پر يو اين ڊي پي ۽ بلوچستان حڪومت به سهڪاري هيون. هر سال جيان هن ميلي جون تقريبون 18 کان 20 فيبروري تائين ٿينديون رهيون. جن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيترين ئي ٻولين جي لساني ماهرن، اديبن، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگارن شرڪت ڪئي. ميلي جا منتظم نياز نديم ۽ اشفاق چانڊيو هئا. جيڪي گذريل ستن سالن کان اسلام آباد جهڙي اهم شهر ۾ هن قسم جو ميلو ڪرائي، پنهنجين قومي ٻولين ۾ لکندڙ اديبن کي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪري رهيا آهن.
مون کي پهريون ڀيرو هن ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ملي. مون سان گڏ منهنجو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان ناول نگار ڪليم ٻٽ پڻ هو. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعره رخسانه پريت، سنڌي ۽ اردو جي اڀرندڙ شاعره ڊاڪٽر نويده ڪٽپر. لوڪ ادب جي حوالي سان مشهور ليکڪ ڀارو مل امراڻي، سينيئر ڪهاڻيڪار جمن احمداڻي، نوجوان ناول نگار جيم عباسي، ناول نگاره زبيده برواڻي، اديب ۽ ليکڪ قدير، مشهور ڊراما نگار نور الهديٰ شاهه، ناليوارو شاعر ۽ ليکڪ مشتاق باگاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر اياز گل، اردو جي شاعره ناصره، صحافي ۽ ناول نگار نذير لغاري پڻ هن ميلي ۾ شريڪ ٿيا. ميلي ۾ ڪيترائي سيشن رکيل هئا. ان کان سواءِ مختلف ٻولين جي ليکڪن سان ملي اها پڻ ڄاڻ ملي ته انهن جي ٻولين ۾ ڇا ڇا لکجي رهيو آهي. هن ميلي جي آجياڻي تقرير چيئرمين اڪيڊمي ادبيات ڊاڪٽر يوسف خشڪ ڪئي. جنهن ۾ هن ملڪ ۾ موجود مختلف ٻولين جي حوالي سان بريفنگ ڏني ته ڪيتريون ٻوليون آهن، جيڪي هاڻ خطري هيٺ آهن.
منهنجو سيشن وبا تي لکيل ادب بابت هو، ان ڪري مون سان جيڪي ٻين ٻولين جا اديب شامل هئا، انهن ۾ ناول نگار، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به هئا. جن ڪورونا جي وبا تي ادب تخليق ڪيو هو. پر جيئن ته انهن ٻولين کي قومي بدران مقامي ٻوليون چيو ويندو آهي، ان ڪري اهو ادب اسان تائين پهچي به نٿو. ان جو هڪ سبب اهو به آهي جو اهو ادب ترجمو نٿو ٿئي. جڏهن ته ترجمو هڪ اهڙو فن آهي، جنهن وسيلي اسين ڪيترين ئي ٻولين جي شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن کي پڙهي انهن کي سڃاڻي ۽ پرکي سگهون ٿا.
ميلي ۾ اهو پڻ احساس ٿيو ته ڪي ته اديب واقعي به پنهنجين ٻولين تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن پر ڪي اهڙا به آهن، جيڪي پنهنجين ٻولين کي جيارڻ لاءِ ادب تخليق ڪري رهيا آهن پر انهن کي پڙهندڙ نٿا ملن. جيئن پنجابي ٻوليءَ جي حوالي سان ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار شهزاد اسلم چيو ته پنجابي ٻوليءَ ۽ ادب جي حالت ڪا ايڏي بهتر ڪانهي. ڇاڪاڻ ته اسين بنهه ٿورا ليکڪ آهيون، جيڪي پنجابيءَ ۾ لکون ٿا ۽ ان کان سواءِ اسان کي پڙهندڙ نٿا ملن. اسين جيڪي 40 کان 50 لکندڙ آهيون، اهي ئي پاڻ ۾ هڪٻئي جون شيون پڙهي رهيا آهن. سال ۾ بس ٽي کان چار پنجابيءَ جا ڪتاب ڇپجي رهيا آهن. جڏهن ته ڀارتي پنجاب ۾ لکيل ادب نه اسين پڙهي سگهون ٿا ۽ نه وري هو پڙهي سگهن ٿا. ان جو اهم ترين سبب ٻوليءَ جي لپيءَ جو تبديل هجڻ آهي. هن پنهنجي ٻوليءَ جي حوالي سان حقيقت بيان ڪئي. پر اهو ان ڪري به ٿيو آهي، جو پنجابي قوم پنهنجي ٻوليءَ کي پنهنجي ادب، تعليم جي ذريعي ۽ ڳالهائڻ کان تڙيو آهي. ان ڪري اڄ جڏهن هن ملڪ ۾ آباد ٻيون قومون اهو مطالبو ڪن ٿيون ته سندن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ته ان ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ پنجابي قوم جي غيرسنجيدگي آهي، جيڪا اردو کي پنهنجي ٻولي سمجهي ٿي. جڏهن ته پنجابي هن ملڪ جي سڀ کان وڏي آباديءَ جي ٻولي آهي. جنهن ۾ جيڪڏهن ادب تخليق ٿيندو رهي ۽ اهو ترجمي جي صورت ۾ اسان تائين پهچي ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن انهن کي اهو احساس ٿيندو ته انهن جي پنهنجي ٻولي ڪنهن به ٻوليءَ کان گهٽ ناهي.
مون کي هن ميلي به اهو پڻ محسوس ٿيو ته پشتو، براهوي ۽ سرائيڪي گهڻُو ادب سرجي رهيو آهي. جنهن جو پتو ان قسم جي ميلن ۾ پوي ٿو. پر پنجابي ادب جي حالت ڪا ايتري بهتر ناهي. ميلي ۾ جتي ليکڪن جي تخليقن جو ذڪر ٿيندو رهيو، اتي ملڪ ۾ آباد اصلوڪين قومن جي ٻولين سان ٻيائي واري رويي جو به ذڪر ٿيو. جيئن نور الهديٰ شاهه جو ان حوالي سان بهترين موقف هو ته هي ٻوليون اسان جي ماتر ڀوميءَ جون ٻوليون آهن. ناولن ۾ پيش ڪردار مٽيءَ سان ڳوهيل ڪردار آهن. پاڪستان رڳو لاهور، ڪراچي يا اسلام آباد ناهي پر ان کان سواءِ به پاڪستان آهي. جتي وڃي انهن ماڻهن کي ڏسجي، انهن جا ڏک ڪهڙا آهن، انهن جي خبر وٺجي.
عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪا ماءُ گهر ۾ پنهنجن ٻارن سان مادري/قومي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي يا لولي ڏيندي ته ان سان ٻوليءَ جي بقا ممڪن آهي. پر اهو هڪ مرحلو آهي. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ کي رياست ڌڪاريندي هجي، يا اها اهو سمجهندي هجي ته ڪنهن به قوم جي ٻولي غير ضروري آهي ته پوءِ ان جي بقا ڏکي ٿي ويندي آهي. جيئن هن ملڪ ۾ اردو کي رابطي جي ٻولي بدران قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي. پر اها بنهه ٿوري آباديءَ جي اصلوڪي ٻولي آهي. ان کان سواءِ جيئن ته ان کي هر قسم جي رياستي سرپرستي حاصل آهي، تنهنڪري اها هر هنڌ اسان کي ملي ٿي ۽ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته ان سان ماڻهن کي هڪ قوم ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. پر ائين ممڪن ناهي. تنهنڪري هن ملڪ ۾ جيڪي به قومي ٻوليون آهن، انهن جي سرپرستي ٿيڻ گهرجي. انهن جي سهائتا ٿيڻ گهرجي. انهن کي اهي سڀئي موقعا ۽ فورم فراهم ڪيا وڃن جيڪي اردو کي مليل آهن. پهرين ته اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته ملڪ ۾ موجود ڪابه ٻولي اڇوت ناهي. بلڪه هر ٻولي وٽ پنهنجو لوڪ ادب ۽ ڪلچر آهي. ان ۾ ادب اڄ ڏينهن تائين لکجي پيو ۽ انهن جي ڳالهائيندڙن جو انگ ڪٿي لکن ۾ ته ڪٿي ڪروڙن ۾ آهي.
ميلي ۾ ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ جو سياسي ڪيس پيش ڪندي اها ڳالهه ڪئي هئي ته جيئن بنگالين تي اردو مڙهي وئي ۽ محمد علي جناح اتي وڃي چئي آيو ته اڄ کان پوءِ فقط اردو ئي ملڪ جي اڪيلي قومي ٻولي هوندي. جڏهن ته بنگالين جو پنهنجو ڪلچر ۽ ادب بنگالي ٻوليءَ ۾ موجود هو. ان کان سواءِ ٻين قومن جي ٻولين کي به نظر انداز ڪيو ويو.
اسان جا حاڪم گهڻو ڪري اهڙن موضوعن تي ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ کي سٺو ڪونه سمجهندا آهن. انهن جو اهو خيال آهي ته اهڙن بحثن سان ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو پر جيڪڏهن هتي موجود قومن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ته ان سان ڪو آسمان ڪونه ڪري پوندو بلڪه جن قومن جي ٻولين جو گذريل ستن ڏهاڪن کان استحصال ٿيندو رهيو آهي، انهن کي اهو احساس ٿيندو ته هاڻ انهن سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جو دور ختم ٿي رهيو آهي. پر لڳي ائين رهيو آهي ته اها ڳالهه ڪنهن به ريت قبول ناهي.
ٻولين واري ميلي جهڙي روايت برقرار رهڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ جيڪو به ادب ڪتابي صورت ۾ اتي پيش ڪيو وڃي ٿو، ان کي ترجمي جي صورت ۾ پهچڻ گهرجي ته جيئن اسين انهن ڏکن ۽ پيڙائن کان به واقف ٿي سگهون، جيڪي اسان کي اردو ميڊيا تي نظر نٿا اچن، يا جيڪي اسان جا حاڪمن اسان کي ٻڌائڻ نٿا چاهين.