ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي الوداع چوڻ لاءِ سرحد تي بيٺل اتحادي!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

جن ھوا ۾ ڳالھيون ڪيون پئي، انھن لاءِ ھاڻ “آر يا پار” جو وقت اچي ويو آھي. ھي پھريان حڪمران ناھن، جن جا اختيار ڪنھن ٻئي غير سياسي قوت استعمال ڪيا آھن، جيڪڏھن ائين چئجي تھ ھتي رڳو حڪومت جا چھرا تبديل ٿيندا رھيا آھن، پر اختيارن جي منتقلي ڪڏھن ٿيندي نظر نھ آئي آھي، غلط نه ٿيندو. اھو ئي سبب آھي جو سويلين حڪومتن کي مليل مينڊيٽ کي استعمال ڪرڻ جو موقعو ئي نھ مليو آھي، جن حڪمرانن غير سياسي قوتن جي خلاف مزاحمت ڪئي، انھن کي عبرت جو نشان بنائڻ جي ڪوشش تھ ڪئي وئي، پر اھي ھينئر بھ ڪنھن مضبوط قوت طور ميدان ۾ بيٺل آھن، پر اھي جيڪي واڳ ڌڻين سان ھڪ پيج تي ھجڻ تي فخر محسوس ڪندا ھئا، انھن لاءِ دعا جا آخري ھٿ کڻڻ جو وقت ڏينھون ڏينھون ويجھو اچي رھيو آھي. گذريل ٻن ھفتن کان جيڪي سياسي ملاقاتون ۽ Engagements نظر آيون، انھن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تھ عمران خان جي سر تان پاڻي پار ٿي چڪو آھي، ھاڻ تھ حڪمرانن لاءِ فخر ڪرڻ جھڙي ڳالهھ نھ رھي آھي تھ ھو پھريان حڪمران آھن، جن سان غير سياسي قوتون ھڪ پيج تي آھن. ھڪ پيج وارو راڳ بھ ماضي جو حصو ٿي ويو آھي، انڪري ھاڻ نئين سياسي ميثاق جي ضرورت آھي، تھ جيئن ملڪ جو وھنوار بھتر طريقي سان ھلائي سگھجي ۽ سمورا اختيار بھ چونڊيل حڪومت وٽ ھجڻ لازمي آھن.
موجوده حڪومت جا مخالف چون ٿا تھ عمران خان جي روس جو دورو ڀاڙو ڳئچي ۾ پوڻ جيان هو. عمران کي اھڙي وقت ۾ ملڪ جي ڌرتي تي ھجڻ کپندو ھو ۽ پنھنجن اتحادين کي يقين ڏيارڻ گھرجي ھا تھ حڪومت ڪيڏانھن بھ نھ پئي وڃي، انڪري ڍنڍ جا پکي پر نھ سوئين ها ۽ حڪومت جي ئي صفن ۾ رھن ھا انھن جي شڪايتن کي ختم ڪجي ٿو تھ جيئن حڪومت جو باقي ھڪ سال بھ خير خوبي سان گذري وڃي. پر عمران خان کي پڪ ٿي وئي آھي تھ ھن کي ريسڪيو ڪندڙ قوت ميدان ۾ رھي ئي ناھي، انڪري ھن جي سياسي طور Survive ڪرڻ وارو خواب بھ ساڀيان نھ ٿيندو، ھي سپنو بھ ماضي جو حصو بڻجي چڪو آھي، انڪري “ٻڏي ٻيڙي جون ھريڙون” بھ ملي ويون تھ غنيمت آھي. ھي يقين حڪمرانن کي گھڻو عرصو اڳ ٿي ويو ھو، پر انھن کي اميد ھئي تھ جيڪي اقتدار ۽ اختيارن جي حصيداري ڪري رھيا ھئا، اھي بچائڻ لاءِ ايندا پر انھن جي معاشي حالت ايتري خراب ٿي وئي تھ عام سپاھي يا جوان، جنھن کي کاڌي جي شين ۽ ٻين معاملن تي جيڪي رعايتون ملنديون ھيون، اھي بھ آھستي آھستي بند ٿي رھيون ھيون، ڇاڪاڻ تھ ملڪي معيشت ۽ حڪومت رڳو غنڊا ٽيڪس ذريعي ھلي رھي آھي، انڪري ھي خطرو پيدا ٿي ويو تھ ڪٿي جوانن جي جوتن جي پالش تي ايندڙ خرچ بھ ڪنھن مسلم يا غير مسلم ملڪ جي امداد ذريعي نه پورو ڪرڻو پئي. انڪري انھن کي پنھنجي ئي جوڙيل مانڊاڻ تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ وري بھ سياستدانن رمائينڊر ڏنا، انڪري ھاڻ ٻيھر تبديلي لاءِ سوچيو پيو وڃي ۽ واڳ ڌڻين، حڪمرانن لاءِ بادشاھه پير جو ليڪو ڪڍي ڇڏيو آھي تھ جيڪو اھو پار ڪندو، اھو انڌو ٿي ويندو!
هي خبرون به اچي رهيون آهن ته حڪومتي اهم اتحادي ق ليگ، ن ليگ سميت ڌرين سان گڏجي عمران خان کي گهر موڪلڻ لاءِ شرط رکيو آهي ته کين پنجاب جي وڏ وزارت سونپي وڃي ته هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن. چوڌري شجاعت حسين ته واضح طور چيو آهي ته معاشي صورتحال عوام کي گهڻو پريشان ڪيو آهي، انڪري جن ووٽ ڏنا آهن، ان عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.
ھينئر ھڪ طرف اھم عھديدار جي خلاف فائل تيار ٿي رھيا آھن تھ ٻئي پاسي وري صدر عارف علوي کي اوکي ويل ۾ استعمال ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو آھي، ھن وري ميڊيا سان ميچ فڪسنگ ڪري پنھنجو انٽرويو پاڻ ڪرايو ۽ ھن کان پھريون سوال اھو پڇيو ويو تھ نئين آرمي چيف جي مقرري ڪڏھن ٿيندي؟ جيڪڏھن ھي سوال پڇيو وڃي ھا تھ موجوده آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ٿيندي يا نئون سربراھه مقرر ڪيو ويندو، ته ان سان ٻئي ڳالھيون سامھون اچي وڃن ٿيون، ان ڀاري ڀرکم سوال جو جواب جيتامڙو صدر ڪٿان ڏئي ھا، ھن کي پھريون ڀيرو وقت جي وزير اعظم پاران دڙڪا ڏيندي ڏٺو ويو! ھاڻ حسب ضرورت صدر جي عھدي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن ڪي فائل تيار ٿي ويا تھ پوءِ موجودهھ اھم عھديدار کي ڪو لوڏي بھ نھ سگھندو. پر ھي ڪم عمران خان يا صدر عارف علوي جي ڪرڻ جو ناھي، ڇاڪاڻ تھ ان حوالي سان فيصلا تھ انھن کي ڪرڻا آھن، جن اقتدار تي قبضو ڪيو آھي ۽ اختيارن جي منتقلي کان انڪار ڪندا رھيا آھن.
ھينئر جنھن وقت عمران خان روس جي دوري تي ھو، جنھن جا شايد ڪي بھ نتيجا نڪرڻا نھ ھئا ۽ وزير اعظم جي ماسڪو ۾ موجودگي دوران يوڪرين کي نشانو بڻايو ويو، آرمي چيف وري برسلز ۾ موجود ھو، ممڪن آھي تھ ھن برسلز کان لنڊن ياترا بھ ڪئي ھجي، يا وري ھن برسلز ۾ ويھي ھڪ طرف ايف اي ٽي ايف بابت بريفنگ ڏني ھجي، يا وري ھاٽ لائين ذريعي انھن قوتن کي اينگيج ڪيو ھجي، جيڪي مستقبل قريب ۾ اقتدار تي براجمان ٿيڻ واريون آھن. واڳ ڌڻي ھينئر بھ ان موڊ ۾ آھن تھ عمران خان جي وزيراعظم جي ڪرسي رھي يا نھ، پر موجوده پارليامينٽ مدو پورو ڪري، ان جي ابتڙ عمران خان بھ ڪرسي وڃڻ جي صورت ۾ پارليامينٽ کي گھر ڀيڙو ڪرڻ گھري ٿو، ھاڻ ھو اھو قدم ڪيئن کڻندو؟ ان ۾ ايتري سياسي سگھه ڪٿان ايندي، جو ھو اھم فيصلو ڪندو؟ چوڌري شجاعت جي ذريعي واڳ ڌڻين جو موقف سامهون اچي ويو آهي، جنهن واضح طور نين چونڊن جي مخالفت ڪئي آهي.
گذريل ڪجھه ڏينھن کان حڪومت جي خلاف مخالف ڌر جيڪا جوڙ توڙ ڪئي آھي ۽ جادوئي نمبر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، اھو ٻڌائي ٿو تھ بقول نجم سيٺي جي تھ گڏيل اپوزيشن جي اميدوار کي قومي اسيمبلي ۾ 200 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت ملي سگھي ٿي. ڪي چون ٿا تھ حڪومت جي صفن مان 42 ايم اين ايز نڪري، سياسي سرحد جي ويجھو پھتل آھن، انھن جي لائين آف فائر کي پار ڪندي ئي عمران خان گھر ڀيڙو ٿي ويندو. ڪي حلقا چون ٿا تھ ھينئر مخالف ڌر کي رڳو حمايت نھ پر 172 ميمبرن جي گھربل انگ کان وڌيڪ حمايت حاصل ٿي وئي آھي، پر واڳ ڌڻين کي رام ڪرڻ لاءِ چوڌري ڀائرن جو ساٿ بھ لازم قرار ڏنو ويو آھي. چوڌري ڀائرن جي ھڪ ڄنگھه لاھور جي بلاول ھائوس ۾ تھ ٻي وري اسلام آباد ۽ پنڊي جي اھم ھائوسز ۾ آھي. ھاڻ تھ انھن حامي اسيمبلي ميمبرن جي لسٽ بھ مخالف ڌر سان شيئر ڪئي آھي. ھينئر تائين ن ليگ 16 ايم اين ايز، پيپلز پارٽي ڇھن، جھانگير ترين ٻارھن، جي يو آءِ ٻن ميمبرن جون سوکڙيون تيار ڪري رکيون آھن، اڃان بھ ضرورت محسوس ڪئي وئي تھ متحدا قومي موومينٽ اھڙو گھيتلو آھي، جيڪو ڪنھن بھ ڌر جي پير ۾ اچي ويندو. حڪومت جا اتحادي واضح طور تي اشارا ڏئي رھيا آھن تھ اھي عمران خان مان خوش ناھن، انڪري پنھنجي نئين منزل طرف وڌڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن. بقول انھن جي موجوده سيٽ اپ کي نئين ڪپتان جي ذريعي ھلايو ويندو، يا وري نين عام چونڊن لاءِ رستو صاف ڪيو ويندو، ٻنھي صورتن ۾ انھن کي ضمانتون ڏنيون ويون آھن،انڪري انھن کي پريشان ٿيڻ جي گھڻي ضرورت ناھي.
جيڪڏھن گڏيل اپوزيشن جي صفن مان ايندڙ اطلاع درست آھن تھ ڳالهھ واضح ٿي وڃي ٿي تھ عمران خان کي وقت کان اڳ ئي گھر وڃڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي، جيڪڏھن ھي عمل رڳو نومبر ۾ ايندڙ تبديلي جي لاءِ آھي تھ ان مان عام ماڻھو کي ڪوبھ فائدو نھ ٿيندو، نھ ئي ڪا دلچسپي وٺندو. موجوده حڪمرانن جي نااھلي چئجي يا کوٽي حڪمت عملي تھ انھن کي وڌيڪ Unpopular مھانگائي، بدحالي ۽ بيروزگاري جي وڌندڙ گراف ڪيو. ھو جيڪڏھن سٺا ايڊمنسٽريٽر ھجن ھا تھ ھِتان ھُتان ڪٽوتيون ڪري عام ماڻھوءَ جي زندگي کي آسان بڻائين ھا، باقي معاشي صورتحال بھ استحڪام جي صورت ۾ بھتر ٿئي ھا. پر انھن ھميشھ عالمي مالياتي ادارن جي ڊڪٽيشن تي عمل ڪيو، انڪري حڪمرانن کي سياسي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ گھر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. ان کانسواءِ شايد ٻيو ڪو رستو نھ بچيو ھجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button