شوبز

مريم نواز خاطر رنگ اڇو ڪندڙ انجيڪشن لڳرائينديس: صنم

پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد چيو آهي تھ مريم نواز جو ڪردار ڪرڻ خاطر مون کي رنگ اڇو ڪرڻ واري انجيڪشن لڳرائڻي پئي تھ بھ لڳرائينديس. خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ، سچ پڇو تھ مريم نواز جو ڪردار ڪرڻ ۾ وڏو مزو ايندو. هن چيو تھ مون کي سياست ۾ دلچسپي ناهي، پر منهنجي خيال ۾ عورت ئي حقيقت ۾ عورت جي دشمن آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو تھ عمران خان ايماندار آهي يا نھ، اها خبر ناهي، پر مون هڪ سچي انسان کي اقتدار ملڻ جي دعا ضرور گهري هئي. هن چيو تھ جيڪڏهن سياست ۾ اچڻو پيو تھ بلاول ڀٽو جي پارٽي ۾ هر گز شامل نھ ٿينديس. هن چيو تھ شايد منهنجي ڪيل ڪردارن جي ڪري ئي ماڻهو مغرور سمجهندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button