شوبز

نيها تاثير يوڪرين ۾ ڦاٿل خاندان بابت پريشان

پاڪستاني ماڊل ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير جي گهرواري نيها تاثير يوڪرين ۾ ڦاٿل پنهنجي خاندان جي ڀاتين جي تحفظ جو سوچي تمام گهڻي پريشان ٿي وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن مداحن کي پنهنجي گهرڀاتين جي تحفظ جي حوالي سان دعا جي اپيل ڪئي آهي. نيها تاثير جو چوڻ هو تھ ڪجهه ڏينهن کان منهنجي زندگي گهڻي ڏکي گذري رهي آهي، جنهن پيڙا ۽ تڪليف مان گذران پئي، مان ان درد کي بيان نٿي ڪري سگهان، گهرڀاتي تحفظ جي جنگ وڙهي رهيا آهن. ياد رهي تھ نيها نسلي طور راجپوت آهي ۽ سندس والدا يوڪريني شهري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button