ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس جي يوڪرين خلاف جنگ جا دنيا تي اثر

Editorial-Article- Ghulam Rasool Burfat

ولاديمير پيوٽن جي روس زميني، سامونڊي ۽ هوائي رخن کان هڪ ئي وقت يوڪرين تي حملو ڪرڻ بعد ان جي گادي واري شهر ڪيف تي چڙهائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ڪيف جي گهٽين ۾ ويڙهه هلي رهي آهي، ان کان اڳ ڪيف شهر جي عام ماڻهن ۾ مقامي اختيارين هٿيار ورهائي روسي اڳرائي کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي سامهون آندي، جنهن جا نتيجا روسي فوجين کي ڪيف ۾ شديد مزاحمت جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. هن وقت 44 ملين آبادي واري يورپين جمهوري رياست ۾ جنگ سبب حالتون انتهائي خراب آهن، عام ماڻهو بنڪرن ۾ هليا ويا آهن، فوجي ٺڪاڻن تي روسي فوجين جا حملا ٿي رهيا آهن، وڏيون عمارتون تباهي جو هڪ پاسي ڀوائتو منظر پيش پيون ڪن، تھ ٻئي پاسي ماڻهو غير يقيني سبب ملڪ لا فڪرمند نظر اچن پيا. اهڙين سمورين حالتن باوجود ڪجهه منظر هن ريت آهن تھ هڪ جوڙو شادي جي رسم ادا ڪرڻ شرط هٿيار هٿن ۾ کڻي وطن جي دفاع جو عزم ڏيکاري ٿو، هڪ نوجوان ۽ انتهائي حسين عورت ملڪ جي بقا کي اهم سمجهي وڙهڻ جا نعرا هڻندي نظر اچي رهي آهي ۽ ملڪ جي صدر چيو آهي تھ آمريڪا کيس سلامتي سان نڪرڻ لا جهاز موڪلڻ بدران هٿيار فراهم ڪري تھ جيئن رياست جو دفاع ڪري سگهي. يوڪرين جي اڳوڻي ڪاميڊين اداڪار ۽ هن وقت جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ڪيف جي رستن تي نڪري گشت ڪيو آهي. هن چيو آهي تھ زهريلي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي تھ مان فرار ٿي رهيو آهيان، پر ڏسو مان ڪيڏانهن ناهيان ويو، هتي آهيان ۽ رياست جو دفاع ڪندس. الائي ڇو، عراق ۾ آمريڪي جارحيت دوران اتان جي صدر صدام حسين بھ اهڙا ئي ڪجهه منظر پنهنجي عوام کي ڏسڻ لا فراهم ڪيا هئا، پر نتيجو صدام حسين جي حق ۾ نھ اچي سگهيو هو، ٿي سگهي ٿو تھ زيلنسڪي جو روڊن تي نڪري اچڻ بھ انهن منظرن ۽ نتيجي کان مختلف نھ هجي، پر دل ۾ کٽڪو ٿي رهيو آهي تھ ڪجهه ائين ٿيندو. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي مٿس حملي آور ٿيندڙ روسي صدر پيوٽن کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي موٽ ۾ پيوٽن منسڪ ۾ ڳالهين جي آگاهي ڏني آهي ۽ بيلاروس جي صدر کي پڻ انهن ڳالهين ۾ شريڪ ڪري ورتو آهي، هاڻ ڏسجي تھ ڳالهين جي آڇ حالتن کي ڪيڏانهن وٺي وڃي ٿي. في الحال صورتحال وڌيڪ منجهي رهي آهي، ڇاڪاڻ تھ ڪيف ۾ ڪجهه تعداد ۾ روسي فوجي داخل ٿي چڪا آهن، وڏو تعداد روسي تخريبڪارن جو سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري خدشو آهي تھ عام شهري انهن جو نشانو بڻجندا. جڏهن تھ فرانس يوڪرين جي مدد ۾ اڳيان اچي ويو آهي ۽ ان جي صدر ايمانول ميڪرون اعلان ڪيو آهي تھ جنگ جاري رهندي، اسين هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لا تيار آهيون. ان سان گڏ فرانس هٿيارن ۽ ٻي مدد جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو آهي، جيڪي يوڪرين پهچائڻ جا بندوبست ڪيا ويا آهن. يوڪرين ۾ مسلط جنگ هن وقت ڪيترن کي معاملن کي وائکو ڪري ورتو آهي، جن ۾ روس جو ڪردار ٻٽو نظر اچي رهيو آهي، جنهن کي سمجهڻ جي شديد ضرورت آهي.
يوڪرين جو يورپي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بعد نيٽو اتحاد جو ميمبر ٿيڻ وڃي رهيو هو، جنهن تي روس کي شديد قسم جو اعتراض آهي، ڇاڪاڻ تھ ان سان هڪ پاسي روس جا قومي مفاد شديد نموني سان متاثر ٿيندي نظر آيا پئي، تھ ٻئي پاسي نيٽو اتحاد ۾ يوڪرين جي شموليت بعد آمريڪي مداخلت وڌڻ ۽ ان جي فوجي اڏن جي قائم ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي رهيا هئا، جنهن سان روس جي علائقي ۾ طاقت جو توازن بگڙجڻ جو خدشو هو، ٽئين پاسي اهو بھ چٽو نظر اچي رهيو هو تھ روس جو نھ رڳو معاشي گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو وڃي ها، پر ان سان علائقي ۾ آمريڪي اثر، تيل، گيس ۽ ٻين معدني وسيلن تي قبضو پڻ آمريڪي ڪمپنين جو ٿي وڃي ها، تنهنڪري روس وٽ يوڪرين کي نيٽو اتحاد ۾ شامل ڪرڻ کان روڪڻ واحد رستو شايد جنگ ئي بچيو هو.
روس جي شهرين جي آبادڪاري يوڪرين جي اوڀرندي علائقي ۾ ٻھ رياستون اهڙيون آهن، جن ۾ روسي شهرين جي اڪثريتي آبادي آهي، جن يوڪرين کان علحدگي جي ويڙهه پئي ڪئي، اهو سوال ڌار رکون ٿا تھ آبادڪارن جي اهڙي ويڙهه جائز آهي يا نھ، انهن رياستن کي تازي تڪرار ۾ روس آزاد رياستن طور تسليم ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن فڪري طور تي اسين ڏسنداسين تھ روس جو اهڙو قدم هر گز درست ناهي، پر روس جي اهڙي قدم جي پسمنظر ۾ ڏسنداسين تھ روس جو اهو قدم ان جي قومي مفادن جي مطابق ئي آهي، ڇاڪاڻ تھ جڏهن علائقي ۾ روس کي سوڙهو ڪرڻ ۽ ان جي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي نيت سان آمريڪا ۽ نيٽو جهڙي نموني سان اڳتي وڌي رهيا هئا، ان کي منهن ڏيڻ لا روس جو وٽ ڪو ٻيو آپشن (رستو بچيو ئي نھ هو)
ڏسڻو اهو آهي تھ آمريڪا، نيٽو، يورپي يونين ۽ انهن جا حمايتي ملڪ روس جي فوجي ڪاروائي کي ڪهڙي پسمنظر ۾ ڏسي منهن ڏين ٿا ۽ انهن جي ايندڙ ڪاروائي ڪهڙي ريت هوندي، جيڪڏهن نيٽو (جنهن پنهنجو سپر ڪمانڊ ڊفينس سسٽم کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فعال ڪري ڇڏيو آهي، اهو يوڪرين جي فوجي مدد جي ڏس ۾ ميدان تي اچي ٿو، آمريڪا معاشي پابندين کان هٽي عملي طور يوڪرين جي لا ڪجهه ڪري ٿو ۽ فرانس جيان ٻيا ملڪ روس جي مزاحمت جو اعلان ڪن ٿا تھ ان ۾ هي جنگ رڳو يوڪرين تائين محدود نھ رهندي ۽ اها عالمي جنگ (جنهن جا امڪان نھ هجڻ برابر آهن) ۾ تبديل ٿي ويندي، تنهنڪري دنيا اندر نھ رڳو فڪري حوالي سان شيون نئين سر ترتيب وٺنديون، پر ان سان گڏ رياستن، ملڪن، نوآبادياتي خطن، آزاد رياستن جي ويڙهه ڪندڙ قوميتن تي پڻ وڏا اثر رونما ٿيندا. هڪ حوالي سان هن جنگ جي نتيجي ۾ نيو ورلڊ آرڊر جي پسمنظر ۾ معاملا اڳتي وڌندي نظر ايندا، تنهنڪري صورتحال کي جيترو سادو ۽ عام سمجهيو پيو وڃي، اصل حقيقتون ائين ناهن، تنهنڪري نھ رڳو ايشيا پر وچ اوڀر کان وٺي عرب رياستن ۾ بھ ڀونچال ايندو، جنهن جا اشارا ان ڳالهه مان ملي رهيا آهن تھ حوثي باغين روس جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، پر چين روس جو اتحادي ۽ ويجهو هجڻ باوجود اڃا تائين ٻڏتر جو شڪار آهي، ڇاڪاڻ تھ هڪ پاسي روس سان هن جا تعلقات انتهائي ويجها آهن، سندن وچ ۾ واپار کان وٺي فوجي سهڪار پڻ آهي، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها بھ آهي تھ يوڪرين چين جو تمام وڏو واپاري ڀائيواري ۾ آهي، تنهنڪري چين اڃا تائين پنهنجي پوزيشن کي واضح ناهي ڪيو.
دنيا ۾ لکين ماڻهو اهڙا آهن، جن جو يوڪرين روس جنگ سان سڌي ريت ڪو واسطو ناهي، پر حيران ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي تھ اهي هن جنگ ۾ خاص ڪري متاثر ٿيندا، ڇاڪاڻ تھ هن جنگ جي نتيجي ۾ سندن گهر جي بجيٽ، خاص ڪري بورچيخاني کي تمام گهڻو ڀوڳڻو آهي ۽ انهن شين تي هن جنگ جا سڌا اثر پوندا، ڇوتھ روس ۽ يوڪرين دنيا ۾ ڪڻڪ پيدا ڪرڻ وارا تمام وڏا ملڪ آهن، جيڪي دنيا جي ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کي ڪڻڪ فراهم ڪندا آهن، لبنان 50 سيڪڙو ۽ پاڪستان 80 سيڪڙو ڪڻڪ روس ۽ يوڪرين مان ورتي آهي، اهڙي ريت ٻين ملڪن ۾ پڻ ڪڻڪ جي شرح اهڙي ريت اتان وڃي ٿي. هن جنگ سبب روس جي ڪڻڪ جي گهرج وڌندي ۽ اٽي جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا. جڏهن تھ مڪئي يوڪرين جي وڏي ۾ وڏي پيداوار ليکي ويندي آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ فراهم ٿيندي آهي، خاص ڪري چين 90 سيڪڙو مڪئي جي خريداري يوڪرين مان ڪري ٿو. پيٽرول جا اگهه هن جنگ جي شروع ٿيڻ سان 103 ڊالر في بيرل ٿي ويا آهن، جيڪو ڪجهه ڏينهن پهريان 98 ڊالر في بيرل هو. گيس جي قيمتن ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي. روس تي پابندين ۾ سختي اچڻ سان دنيا ۾ شين جي اگهن ۾ جيڪو چاڙهه ايندو، هو هڪ ٻئي انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
روس يوڪرين جي ايٽمي مرڪز چرنوبل تي قبضي بعد هاڻ هڪ ٻئي اهم شهر مليتوپول تي پڻ قبضو ڪري ورتو آهي، روسي حملي کي ٽن ڏينهن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي، ڪيف سميت اڪثر علائقن ۾ ڌماڪن، فائرنگ ۽ ويڙهه جا آواز شهرين زمين جي اندر ڪيترن ئي فوٽن جي گهرائي ۾ بھ ماڻهو ٻڌي رهيا آهن، روس لاڳيتو اڳتي وڌي رهيو آهي، پر ان جي رفتار سست آهي، تنهن کي دفاعي تجزيي نگار حڪمت عملي جو نالو ڏئي رهيا آهن، ٻئي پاسي يوڪرين دفاعي وزارت روسي فوجين کي وڏو جاني نقصان ڏيڻ جي دعوا ڪري رهي آهي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ نظر اچي رهيون آهن. روس واضح ڪري چڪو آهي تھ يوڪرين هٿيار ڦٽا ڪري ۽ فوج حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ وٺي تھ امن ٺاهه ممڪن ٿي سگي ٿو، جيڪا ڳالهه هن وقت ممڪن نظر نھ پئي اچي پر ڊگهي جنگ روس توڙي يوڪرين ۽ نيٽو يا آمريڪا جي حق ۾ نھ هوندي، تنهنڪري سڀئي ڳالهين جو رستو وٺي معاملي کي حل ڪرڻ ڏانهن ايندا، جيڪو ئي اصل ۽ پائيدار رستو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button