شوبز

ڪيٽ ونسليٽ، جيسيڪا ۽ ول سمٿ ساگ ايوارڊ کٽي ورتا

هالي ووڊ اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ، جيسيڪا چيسٽين ۽ ول سمٿ اسڪرين ايڪٽرس گلڊ ايوارڊس جا مک ايوارڊ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق فلم ۽ ٽي وي جي اهم ترين ايوارڊ ۾ بهترين فلم نو ٽائيم ٽو ڊائي ڪامياب ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ليڊي گاگا، نڪول ڪڊمين، اينڊريوگارفيلڊ سميت وڏا نالا ايوارڊ ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. اهڙي ريت معاون ڪيٽيگري ۾ آريانا ڊيبوس ۽ بين ايفلڪ بھ ايوارڊ حاصل نھ ڪري سگهيا آهن.

هالي ووڊ اداڪارا سلما هائيڪ ساگ ايوارڊ تقريب ۾ شريڪ آهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽي وي سيريل سڪسيشن ۽ ٽيڊ لاسو ايوارڊ ماڻيو آهي. جڏهن تھ ول سمٿ ڪنگ رچرڊ جين ڏس ۾ بهترين اداڪار قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن تقريب ۾ سلما هائيڪ نگاهن جو مرڪز رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button